ڪم جونگ اُن چين جي سرحدي شهر ڊانڊونگ پهچي ويو

ڪم جونگ اُن چين جي سرحدي شهر ڊانڊونگ پهچي ويو

بيجنگ(ويب ڊيسڪ)بيجنگ ۽ پيانگ يانگ وچ ۾ واپاري لاڳاپا وڌائڻ لاءِ نئين پل جو افتتاح، ڪم جونگ اُن چيني عملدار وانگ هوننگ سان گڏ پهتو.
اتر ڪوريا جو اڳواڻ ڪم جونگ اُن ڇنڇر ڏينهن چين جي سرحدي شهر ڊانڊونگ جو دورو ڪيو. چيني خابرو اداري شنهوا موجب، هن نئين تعمير ٿيل پل تان گذر ڪري چين ۾ داخل ٿيو. ان قدم کي چين ۽ اتر ڪوريا وچ ۾ واپاري لاڳاپا وڌائڻ جي گڏيل ڪوششن جي علامت طور ڏٺو پيو وڃي.
سرڪاري چيني خابرو اداري شنهوا موجب، ڪم جونگ اُن سان گڏ چين جو چوٿين نمبر اعليٰ عهديدار وانگ هوننگ پڻ موجود هو، جنهن چيني صدر شي جن پنگ جو نيڪ خواهشن وارا پيغام کيس پهچايو.
ڏکڻ ڪوريا جي هڪ سرڪاري عهديدار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ڪم جونگ اُن نئين يالو درياهه واري پل ذريعي ڊانڊونگ پهتو. اها پل اتر ڪوريا ۽ چين کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿي.
اميد آهي ته هيءَ پل اتر ڪوريا جي ترقيءَ لاءِ گهربل ڳري مشينري، خام مال ۽ توانائيءَ جي شين جي آمدرفت ۾ مددگار ثابت ٿيندي. هلندڙ مهيني ان پل جو باضابطه افتتاح بيجنگ ۽ پيانگ يانگ وچ ۾ وڌندڙ ويجهڙائپ جي تازي نشاني آهي. گذريل 13 مهينن دوران ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن وچ ۾ ٻه سربراهي ملاقاتون پڻ ٿي چڪيون آهن.
چين 1950ع کان 1953ع تائين ڪوريا جي جنگ ۾ اتر ڪوريا جو ساٿ ڏنو هو. اڄ به چين اتر ڪوريا جو سڀ کان وڏو معاشي ۽ سفارتي سهارو آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي سرڪاري واپار جو وڏو حصو چين سان لاڳاپيل آهي.
چيني ٽي وي تي ڪم جونگ اُن کي پل تان گذرندي ڏيکاريو ويو
2022ع ۾ روس جي يوڪرين تي حملي کان پوءِ اتر ڪوريا جا روس سان فوجي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن. ان صورتحال تجزيه نگارن کي اهو سوال اٿارڻ تي مجبور ڪيو آهي ته ڇا اتر ڪوريا چين تي پنهنجو انحصار گهٽائي رهيو آهي؟
تنهن هوندي به، ڪم جونگ اُن جو هي دورو ظاهر ڪري ٿو ته چين ۽ اتر ڪوريا پنهنجي معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ نئين سر ڪوششون ڪري رهيا آهن.
ڏکڻ ڪوريا جي خابرو اداري يونهاپ ان کان اڳ رپورٽ ڏني هئي ته ڪم جونگ اُن ڇنڇر واري دوري کان پوءِ اتر ڪوريا واپس روانو ٿيڻ وارو هو.
چين جي سرڪاري ٽيليويزن سي سي ٽي وي جي ڏيکاريل منظرن ۾ ڪم جونگ اُن کي پل تان اتر ڪوريا ڏانهن ويندي ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته پل جي ٻنهي پاسن تي ماڻهو جهنڊا لوڏي سندس آجيان ڪري رهيا هئا.
شنهوا موجب، وانگ هوننگ ڪم جونگ اُن سان گڏ ڊانڊونگ ۾ ڪوريا جي جنگ جي يادگار تي پڻ ويو، جتي اتر ڪوريا جي اڳواڻ ٽن سالن واري جنگ دوران اتر ڪوريا سان گڏ وڙهندڙ چيني رضاڪار فوج جي سپاهين کي ڀيٽا پيش ڪئي.
شنهوا ٻڌايو ته ڪم جونگ اُن ڊانڊونگ ۾ هڪ گاڏيون ٺاهيندڙ ڪارخاني جو دورو پڻ ڪيو.
نئين يالو درياهه واري پل سان ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي
چين ۽ اتر ڪوريا هلندڙ مهيني 3 ڪلوميٽر ڊگهي نئين يالو درياهه واري پل کي باضابطه طور کوليو آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ هيءَ سڀ کان اهم زميني سرحدي گذرگاهه آهي، جنهن جي افتتاح ۾ ڊگهي دير ٿي هئي.
هن پل جو مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ ڪاروباري سرگرمين کي ٻيهر تيز ڪرڻ آهي، ڇاڪاڻ ته گذريل سالن ۾ لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ ۽ ڪورونا وبا سبب پيدا ٿيل رڪاوٽن واپار کي متاثر ڪيو هو.
هالينڊ جي ليڊن يونيورسٽيءَ ۾ ڪوريا بابت ماهر ڪرسٽوفر گرين چيو ته ڪم جونگ اُن نئين يالو درياهه واري پل تان گذري چين ۾ داخل ٿي، ٻنهي ملڪن جي واپار کي پنهنجي حمايت جو عملي اظهار ڪيو آهي.
هن چيو ته پل جي افتتاح ۾ ٿيل دير مان ظاهر ٿيو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا ڪيتري حد تائين غيرفعال ۽ ڏکيائين جو شڪار ٿي ويا هئا.
شنهوا موجب، ڇنڇر ڏينهن ٿيل ملاقات دوران وانگ هوننگ، ڪم جونگ اُن کي ٻڌايو ته چين پل جي افتتاح مان فائدو وٺندي ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي اچ وڃ، معاشي سهڪار ۽ واپاري تعاون کي وڌائڻ لاءِ تيار آهي.
چين جي سرڪاري ٿنڪ ٽينڪ، لياوننگ اڪيڊمي آف سوشل سائنسز جي ماهر لو چائو چيو ته ڪم جونگ اُن جو هي دورو چين ۽ اتر ڪوريا وچ ۾ معاشي لاڳاپن جي ويجهڙائپ ۽ اعليٰ سطحي ملاقاتن ۾ واڌ واري موجوده مرحلي سان ٺهڪي اچي ٿو.
هن چيو ته پل جي افتتاح سان چين ۽ اتر ڪوريا وچ ۾ واپار ۽ سامان جي آمدرفت جي نظام ۾ موجود هڪ وڏي رڪاوٽ ختم ٿي وئي آهي.
لو چائو موجب، آمدرفت جون رڪاوٽون گهٽجڻ کان پوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي.
ٽرمپ جي ڪم جونگ اُن سان ڳالهين جي اميد
ڪم جونگ اُن جو چين جو آخري معلوم دورو سيپٽمبر 2025ع ۾ ٿيو هو، جڏهن هن بيجنگ ۾ جاپان خلاف فتح جي 80هين سالگرهه جي تقريبن ۾ شرڪت ڪئي هئي. ان موقعي تي هن چيني صدر شي جن پنگ سان سربراهي ملاقات پڻ ڪئي هئي.
ان کان اڳ شي جن پنگ جون ۾ اتر ڪوريا جو سرڪاري دورو ڪيو هو.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اتر ڪوريا سان ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ دلچسپي ڏيکاريندو رهيو آهي، پر آمريڪي ۽ ڏکڻ ڪوريا جي عملدارن جو خيال آهي ته هن سال ٽرمپ ۽ ڪم جونگ اُن جي ملاقات جا امڪان گهٽجي رهيا آهن. خبر ايجنسي رائٽرز جمعي ڏينهن پنهنجي رپورٽ ۾ اهو ڄاڻايو.
چين ايندڙ مهيني شينزن شهر ۾ ايشيا-پئسفڪ اقتصادي سهڪار واري فورم (ايپيڪ) جي سربراهي اجلاس جي ميزباني ڪندو، جنهن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي شرڪت ڪرڻ جي اميد آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو