ڀارتي اداڪارا شراوني به خود ڪشي ڪري ڇڏي

ڀارتي اداڪارا شراوني به خود ڪشي ڪري ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور تامل اداڪارا شراوني ڪونڊاپلي جنسي طور حراسگي سبب خود ڪشي ڪري ڇڏي آهي. 26 سالن جي ادا ڪارا جي گهر ڀاتين جو چوڻ آهي ته هوءَ وهنجڻ لاءِ باٿ روم وئي ۽ خود ڪشي ڪري ڇڏي. پوليس جو چوڻ آهي ته هن ڪو به نوٽ ناهي ڇڏيو. 8 سالن کان تامل فلم انڊسٽري ۾ ڪم ڪندڙ هن اداڪارا جا ڪجهه فلم بلاڪ بسٽر به رهيا. هندستاني ميڊيا موجوب سندس ڀاءُ ٻڌايو آهي ته شراوني کي سندس اڳوڻو بواءِ فرينڊ ڌمڪائي رهيو هو ۽ کائنس پيسا گهريا هئا ۽ چيو ته  نه ڏيڻ جي صورت ۾ سندس فحش تصويرون ۽ ويڊيو وائرل ڪندو. پوليس کيس ڳولي رهي آهي. ياد رهي ته هلندڙ سال جون کان هيستائين هي پنجين ڀارتي ايڪٽر آهي جنهن خود ڪشي ڪئي آهي. پوليس هڪ ڏينهن هڪ ريا چڪرپرتي کي سشانت سنگهه راجپوت جي خود ڪشي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو جنهن انڪشاف ڪيو هو ته هوءَ سشانت لاءِ منشيات جو بندو بست به ڪندي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو