پ پ کي شڪست ڏيندڙ معظم عباسي آخر ڇو استعيفا ڏني؟

پ پ کي شڪست ڏيندڙ معظم عباسي آخر ڇو استعيفا ڏني؟

اي اي عباسي
لاڙڪاڻو شهر جيڪو پ پ جو ڳڙهه سمجهو ويندو هو اتي پيپلزپارٽي کي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جي اڳواڻ معظم علي خان عباسي ٻه دفعا بري طرح شڪست ڏني، جنهن کان پوءِ پ پ جي سموري قيادت جون وايون بتال ٿي ويون ته اسان جي مسلسل 15 سالن کان سنڌ ۾ صوبائي حڪومت آهي اسان جي سمورن ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز سميت وزيرن سينيٽرن وڏيرن ڀوتارن ڏينهن رات هڪ ڪري لاڙڪاڻو شهر جي سيٽ پي ايس 11 لاءِ پتوڙيندا رهياسين پر پوءِ به لاڙڪاڻو شهر جي تڪ پي ايس 11 تي معظم علي عباسي ڪاميابي ماڻي ويو. آخر ڪهڙا ڪارڻ هئا جو پيپلزپارٽي کي پنهنجي ئي پارٽي جي ڳڙهه واري شهر لاڙڪاڻي ۾ بري طرح شڪست نصيب ٿي؟ پ پ پ مرڪزي ،صوبائي توڙي مقامي قيادت هميشه لاڙڪاڻي شهر جي عوام کي پنهنجو غلام تصور ڪيو آهي. نادر شاهي حڪمن جي ڪري لاڙڪاڻو شهر جي عوام پ پ پ کي رد ڪري معظم عباسي کي ڪامياب ڪري ڏيکاريو. هاڻي جڏهن معظم عباسي پنهنجي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر شپ تان استعيفا ڏئي اهو چيو آهي ته جڏهن سنڌ جي اندر برسات ۽ ٻوڏ متاثرين جي واهر ڪرڻ لاءِ اسيمبلي ميمبرن جي ڪٿي ڪو ٻڌي نٿو ۽ انتظاميا ڪامورا پارٽي جي وڏيرن جي حڪم تي لڳا پيا آهن ڪرپشن جي حد ڪئي وئي آهي ۽ سنڌ سموري ٺيڪيدارن جي لڳائي وئي آهي ته پوءِ اهڙي ماحول ۾ مان احتجاجن طور پ پ جي اقربا پروري لوٽمار ڪرپشن ۽ من پسند ماڻهن کي نوازڻ باقي لاڙڪاڻي شهر جي عوام کي نظر انداز ڪيو ويو آهي ته مان استعيفا ڏيان ٿو. سنڌ جو عوام سمجهي سگهي ٿو ته جڏهن ننڍن ننڍن عهدن تي ويڙهاند ڪندڙ ۽ ڇتا ٿيندڙ ماڻهو خصيص ۽ ننڍن ذاتي مفادن لاءِ يس سر ۽ اوڪي سر جي زبان ڳالهائيندي ٿڪبا ناهن اهڙي ماحول ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي سيٽ تان استعيفا ڏيڻ ڪا مذاق ناهي. جيڪڏهن سنڌ جي عوام لاءِ ائين ئي ٻيا به قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر پاڻ ملهائين ته جيڪر سنڌ واڳون جي وات مان نڪري سگهي ٿي. معظم عباسي جا اهي لفظ ته جڏهن اليڪشن ٿئي ٿي ته سڀ پيپلا ننڍا وڏا گڏ ٿي لاڙڪاڻو شهر تي ڪاهي پون ٿا پر هن ڏکي وقت ۾ غائب آهن اليڪشن ٿيندي گهٽ ۾ گهٽ اهي ظاهر ته ٿيندا ۽ ڪجهه نه ڪجهه عوام کي روڊ رستا ٻيو ڪجهه ڪري انهن ڏينهن ۾ ئي ويندا ان لاءِ وري اهي ننڍي چونڊ يا جنرل اليڪشن ۾ ايندا. باقي مان اڳ ۾ به لاڙڪاڻي واسين سان گڏ هيس ۽ هاڻي به گڏ آهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو