عبدالمجيدبروھي
اڄ جيالا انھن ڏينھن کي ياد ڪري روئي رھيا آھن جڏنھن سندن پارٽي ۾ جيالن ورڪرن کان وڌيڪ ٻئي ڪنھن کي بـ اھميت نـ ھئي پ پ پ جي چيئرپرسن شھيدراڻي محترما بينظير ڀٽو جڏنھن بـ نئوديرو ھائوس ايندي ھئي ھوء سڀ کان پھريان پنھنجي جيالن سان ملڻ پسند ڪندي ھئي ھوء اھڙي تـ عظيم ليڊر ھئي جو پنھنجي تعلقن ۽ سٽي جي ھاري مزدور عھديدارن کي سندن نالو وٺي مخاطب ٿيندي ھئي ان وقت ورڪرن جي شڪايت تي فوري طور تي ايم اين اي يا ايم پي ايز ھجن يا ڪو منسٽر ھجي انھن کي انھن ڪارڪنن جي آڏو پيش ڪري سندن کان سخت پڇاڻو ڪندي ھئي کين چوندي ھئي تـ مون کي منھنجا ھي ورڪر سڀ کان وڌيڪ عزيز آھن اڳتي ھنن کي شڪايت ڪرڻ جو موقعو نـ ڏجو ھنن جا سڀ مسئلا حل ٿيڻ گھرجن شھيد راڻي جي شھادت بعد مانواري ڀيڻ ادي فريال ٽالپر نئوديرو ھائوس تي رھائش اختيار ڪري ورڪرن سان ملي سندن جا مسئلا حل ڪري رھي آھي ادي فريال ٽالپر بلڪل نيڪ نيتي سان ڪم ڪري رھي آھي پر ان کي ڪجھ اھڙا ماڻھون آھن جيڪي ڪجھ سال اڳ جيالن کان کيس پري ڪري رھيا ھيا پر ڪجھ سالن کان وٺي پ پ پ ورڪر اعجاز احمد لغاري پاران نئون ديرو ھائوس جا دروازا ھڪ ڀيرو ٻيھر جيالن لاء کولرايا آھن جتي ھاڻي شھيد راڻي جو لعل پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ عيد ملڻ لاء ڪارڪنن سان ملڻ لاء نئوديرو ھائوس پھچندو آھي اوھان اسان سڀني کي اھو ياد آھي تـ ھڪ ٻـ سال اڳ جڏنھن بلدياتي اليڪشن ٿي رھيا ھيا ان وقت پڻ سڀ کان اڳ ۾ جيالن کي ٽڪيٽون ڏنيون ويو جڏنھن بلدياتي اليڪشن ٿي ان بعد ٽائون چيئرمينن جي لاء ضلع چيئرمينن جي لاء ۽ ميئرز ٿيڻ لاء وڏا وڏا جاگيردار ميدان تي لٿا پر ان وقت ادي فريال ٽالپر صاحبـ چيو تـ سڀ کان اڳ ۾ ورڪرن کي ٽڪيٽ ملندي ان بعد ٻيو ڪجھ سوچيو ويندو بحرحال ھن وقت شھيد راڻي جي سيٽ ادي فريال ٽالپر صاحبا سنڀالي آھي جنھن مان ورڪرن ۽ جيالن کي پڻ اھا ساڳي اميد آھي تـ ھوء پڻ سندن خيال شھيد راڻي وانگر رکندي
پ پ پ پاران ھن وقت پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مانواري ڀيڻ ادي فريال ٽالپر صاحبا جي حڪم تي ھڪ ڀيرو ٻيھر پارٽي جي تنظيم نو ڪري رھيا آھن پوري سنڌ ۾ ضلع جا نوان عھديدار مقرر ڪيا ويا آھن ان سلسلي ۾ ضلع لاڙڪاڻو لاء پڻ شھيد راڻي جي دور جا جيالا مقرر ڪيا ويا آھن جن ۾ خورشيد احمد جوڻيجو ۽ اعجاز احمد لغاري تي اعتماد ڪندي خورشيد احمد جوڻيجو کي ضلع جو صدر ۽ اعجاز لغاري کي ضلع جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آھي ساڳي ريت قمبرشھدادڪوٽ ضلع لاء پڻ سياسي گھراڻن ۽ پ پ پ جيالا گھراڻن مان عھديدار مقرر ڪيا ويا آھن جيڪي ھميشا جيالن سان ھر ڏک سک ۾ ساٿ نڀائيندا رھن ٿا ضلع صدر لاء حاجي قمرالدين گوپانگ کي مقرر ڪيو ويو آھي جيڪو انتھائي شريف انسان آھي ان کان علاوا جنھن شخصيت کي پ پ پ ضلع قمبرشھدادڪوٽ لاء جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آھي ان جي گھراڻي جو تعلق پ پ پ جي گھراڻي خور سڃاتو وڃي ٿو جيڪو گھراڻو ضياء جي ڪاري دور کان ويندي مشرف جي آمريت وارن دورن ۾ بـ ڪڏنھن بـ نـ جھڪيا ۽ ھميشا پارٽي سان وفادار رھيا اھو آھي اسراڻ خاندان جيڪي ھميشا ھر ڏکي دور ۾ شھيد راڻي جو ساٿ ڏيندا رھيا پ پ پ ضلع قمبر شھدادڪوٽ لاء جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيل لالا غلام محمداسراڻ شھيد ڀٽي جي ساٿي ۽ شھيد راڻي جي وفا ڪندڙ چاچي سابقا ايم پي اي ۽ سابقا صدر پ پ پ ضلع قمبر شھدادڪوٽ مرحوم غلام مجتبا خان اسراڻ صاحب جو فرزند آھي جنھن پنھنجي مقرري بعد اھو وچن ڪيو آھي تـ ھاڻي انھن ورڪرن کي اڳتي آندو ويندو جيڪي ھميشا پارٽي سان وفا ڪندا رھيا آھن جيڪي ورڪر ڪم ڪن ٿا ۽ پارٽي جي فلاح لاء محنت ڪري رھيا آھن انھن ورڪرن کي جن کي ڀت سان لڳايو ويو جنھن کي نظرانداز ڪري پرچي مافياز ۽ سفارشين کي عھدا ڏنا ويا ھاڻي ان پرچي ڪلچر سفارشي ڪلچر جو خاتمو آندو ويندو ۽ ورڪرن ۽ جيالن کي اھميت ڏنو ويندو پارٽي قيادت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مانواري ڀيڻ ادي فريال ٽالپر صاحبا پاران پڻ سختيء سان چيو ويو آھي تـ پارٽي ۾ ٻاھرين مداخلت کي ختم ڪري پارٽي جي مضبوطيء لاء ڀٽو ازم جي پيروڪارن جيالن کي اڳتي آندو وڃي










