پ پ منارٽي ونگ جي نائب صدر جي آجاڻي تقريب

گهارو (بشام جوکيو) ينڱ مهيشوري ايڪتا  سوشل ويلفيئر ريلوى اسٽيشن(ڌابيجي)طرفان  پاڪستان پيپلز پارٽي منارٽي ونگ جي نائب صدر مکي اوڊھا مل جي آجاڻي تقريب ٿي گذري  جنھن۾شريڪ مهمان پريزيڊنٽ مشتاق مٽو صاحب` محترم ارشد راهي انفارمينشن سيڪريٽريپپلز منارثي ونگ ڊسٽرڪ ملير`اڳوڻو ايم اين اي  منهور لال` ايم پي اي رشيد خان صاحب `  آڌار فائونڊيشن جي سرواڻ ڊاڪٽر ڀاگچند صاحب ۽ سينئر صحافي بابن آشواڻي شرڪت ڪئي تقريب ۾خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڳوٺ هاشم جوکيو 2 ۾اقليتي برادري پاڻي، تعليم، صحت ۽ گئس جهڙي مسئلن جي ور چڙهيل آهي اسان پيپلزپارٽي جي پليٽ فارم تان اوهان غريبن لاءِ جلد کان جلد مسئلا حل ڪرائينداسون ۽ اهو ڏينهن پري ناهي جو اوهان جو ڳوٺ هاشم جوکيو 2 جا اقليتي برادري جا ماڻهو خوش ۽ شاداب هوندا جنهن تي اقليتي برادري جي ماڻهن ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي  ۽ هنن منارٽي ونڱ جا ٿورا مڃيا ۽ان خوشيءَ جي موقعي تي ماڻهن چيو ته اسان پيپلز پارٽي منارٽي ونگ جا شڪر گذار آهيون جنهن بي سھارا غريب  اقليتي ماڻهن جي جائز مسئلن کي فوري طور حل ڪرائي ڏيڻ جي اميد جاڳائي جنهن لاءِ ڳوٺ هاشم جوکيو 2 ريلوي اسٽيشن ڌاٻيجي جا رهواسي اقليتي برادري سندن شڪر گذار رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو