پهريون ڀيرو نانگ جو زهر ليبارٽري ۾ تيار

ايمسٽرڊم (ويب ڊيسڪ) سائنس جي دنيا ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي ڇاڪاڻ ته پهريون ڀيرو سائنسدانن نانگ جو زهر ليبارٽري ۾ تيار ڪري ورتو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب نيڌرلينڊ جي سائنسدانن هيوبريچٽ انسٽيٽيوٽ ۾ نانگ جو زهر ٺاهڻ لاءِ ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي. زهر ٺاهڻ لاءِ تجربو ڪندڙ ماهر هانس ڪليورز ٻڌايو ته هنن ڪڏهن اميد به نه ڪئي هئي ته هنن جي ليبارٽري کي نانگ جو زهر بڻائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو.10 ورهيه اڳ هنن اسٽيم سيلز مان ننڍا انساني عضوا بڻائڻ جي ٽيڪنيڪ ايجاد ڪئي هئي، جنهن مان سڄي دنيا ۾ ماهرن کي جسم کان ٻاهر دوائن جي مخصوص اثرن کي جاچڻ جو موقعو ملي ٿو.ان طريقيڪار سان ڪينسر جي علاج واري شعبي ۾ انقلابي اڳڀرائي ٿي هئي.محققن جو چوڻ هو ته هنن نانگ جا بيضا حاصل ڪيا ۽ انهن جي ٽشوز جو ننڍڙو ٽڪر کنيو، جنهن ۾ اسٽيم سيلز موجود هئا ۽ ان کي گھٽ پاري ۾ ان عمل مان گزاريو ويو، جنهن عمل مان انساني عضوا تيار ڪيا ويندا هئا، ته جيئن زهريلو غدود تيار ٿي سگھي.اهڙي طرح هو حقيقي نانگ جهڙو زهر ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيا.واضح رهي ته پهرين اهو زهر ٺاهڻ لاءِ نانگ کي هٿ ۾ پڪڙي ان جي زهر کي ڪنهن ٿانو ۾ جمع ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ ٻين جانورن کي ڪجهه مقدار ۾ ڏنو ويندو آهي ته جيئن هڪ مدافعتي نظام سرگرم ٿي سگھي.پوءِ ان جانور جو رت جمع ڪبو آهي ۽ صاف ڪري اينٽي باڊيز کي حاصل ڪيو ويندو آهي جيڪي زهر جي خلاف ڪم ڪندا آهن.ترياق کي تيار ڪرڻ تمام ڏکيو عمل آهي ۽ خطرناڪ به ثابت ٿي سگھي ٿو جنهن کي تيار ڪندڙن ۾ سنگين هاڃيڪار اثرن جو خطرو هوندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو