تحرير اعجاز علي سوڍر
الله رب العزت انسانن ۽ جنات کي صرف ۽ صرف پنهنجي عبادت ڪرڻ لاءِ خلقيو آهي. انهن جي تخليق ڪرڻ کان بعد کين پنهنجا احڪامات، قانون ۽ رضا حاصل ڪرڻ جو رستو ٻُڌائي ڇڏيائين. انسان کي اشرف المخلوقات جو درجو ڏئي کيس ساري مخلوقات ۾ محترم ۽ مڪرم بڻايائين. حضرت انسان کي ڏاڍن اعزازن ۽ انعامن سان نوازيو اٿائين، کيس عبادت ٻن حصن ۾ ورهائي ڏني اٿائين. هڪ حقوق الله ۽ ٻيو حصو حقوق العباد. الله رب العزت پاڻ ته بي نياز ۽ بي پرواھ بادشاھ آهي، کيس ڪنهن به شيءِ جي محتاجي نه آهي، هو هر عيب کان پاڪ ۽ مبرّا ذات آهي. مخلوق جي تعريف ڪرڻ سان سندس وڏائي ۾ ڪو فرق نه ايندو ۽ نه ئي وري مخلوق کي ڏيڻ سان سندس رحمت جي خزانن ۾ ڪا کوٽ ايندي. ان ڪري حقوق الله ته فرض آهي، اهو هر حال ۾ ادا ڪرڻ گھرجي مگر ان کان به وڌيڪ اهميت حقوق العباد کي ڏني اٿائين. حقوق العباد مان مراد سندس مخلوق جا حق آهن. انهن حقن ۾ هڪ انسان جا ٻئي انسان تي، جانورن جا، جيت جَڻيي جا، اَٺ هزار خشڪي جي ۽ ٻارهن هزار آبي مخلوق جا حق شامل آهن. انهن حقن ۾ هڪ اهم حق اهو به آهي ته ٻي مخلوق جي دل آزاري نه ڪجي. ڪنهن کي ڪا تڪليف نه ڏجي، ڪنهن جو حق غصب نه ڪجي. انسان انسانيت جي ڪري محترم ۽ مڪرم آهي. ڪڏهن ڪڏهن هڪ انسان ٻئي انسان جي لاءِ پنهنجو سڀ ڪجھ قربان ڪري ڇڏيندو آهي ته وري ڪڏهن لالچ، لوڀ ۽ ڪاوڙ ۾ وحشي درندن وارو روَيو اختيار ڪندو آهي. دشمنيءَ ۾ انسانيت جا سڀ ليڪا لتاڙي ويهي رهندو آهي. ڪڏهن انسان ٻئي جو حق کائيندي، ڌوڪو، فريب ۽ ٺڳي ڪندي پاڻ کي صحيح سمجهي دليل ڏيندو آهي.جنهن انسان جو ضمير زندھ هوندو آهي ۽ جڏهن به اهو انسان ڪو غلط قدم کڻندو آهي ته سندس اندر منجھان ضمير جو آواز کيس جنجھوڙي ڇڏيندو آهي، کيس مَلامت ڪندو آهي. ڪنهن بزرگ جو فرمان آهي ته ” سڀ کان وڏو عالِم ۽ مفتي هر انسان جي اندر موجود هوندو آهي، جيڪو کيس غلط يا صحيح، جائز يا ناجائز، حق يا ناحق، ڌوڪو يا سچائي وغيره جي سڃاڻپ ڪرائيندو آهي. اهو سندس اندر جو آواز يعني ضمير هوندو آهي، بشرطيڪ ان ماڻهوءَ جو ضمير زندھ هجي.“ بزرگ جي هن ڳالھ ۾ اسان لاءِ تمام وڏو سبق پوشيده آهي. واقعي اگر انسان جو ضمير زندھ هوندو ته هو کيس هر غلط ڪم تي مَلامت ۽ هر سٺي ڪم تي مطمئن ڪندو آهي. اڄ جڏهن اسان پنهنجي معاشري تي نظر وجھون ٿا ته ايئن محسوس ٿئي ٿو ته گويا سڀني جو ضمير مَري چڪو آهي يا ويچارو دانهون ڪوڪون ڪري هاڻي خاموش ٿي ويو آهي. اهڙا ماڻهو ٿورڙا نظر اچن ٿا جن جو ضمير زندھ محسوس ٿئي ٿو. هر هڪ ماڻهو پنهنجا کيسا ڀرڻ، پنهنجي اولاد کي سکيو رکڻ، پنهنجي عيش عشرت جو سامان ڪرڻ، پنهنجو نالو ڪمائڻ، شهرت حاصل ڪرڻ، ڪاروبار کي وڌائڻ، ٻين تي فخر ڪرڻ، نوڪري جي حاصلات، دنيا جو دولت سميٽڻ ۽ معاشري ۾ طاقتور بنجڻ لاءِ ٻين سان ڌوڪو ڪري ٻين جي ٻچن جون خوشيون کسڻ جي ڪوشش ۾ رڌل نظر اچي ٿو. ٻين جي خوشين جو قتلام ڪري ٿو، لالچ ۽ لوڀ ۾ ٻين جي دل آزاريءَ کي معمولي ڳالھ سمجھي ٿو، رشوت جي بازار گرم آهي، پئسن عيوض پنهنجا هر مقصد پورا ڪري وٺي ٿو، هڪ جي ٻيڻ، ٻيڻ جي ٽيڻ ۽ ٽيڻ جي چوٿوڻ ڪرڻ جي چڪر ۾ رهي ٿو. غريب، مظلوم ۽ بي سهارا جي عزت ۽ آبرو جو سودو سرعام ڪري ٿو. ظلم جي انتها لڳي پئي آهي. هر طرف اهڙين ڪارين رِڍن جو هڪ هجوم نظر اچي ٿو. هر هڪ آفيس هر هڪ ادارو رشوت عيوض عوام کي لُٽي رهيو آهي، هِتي انصاف به پئسن تي وِڪامي ٿو، هِتي قانون جا رکوالا ۽ عوام جا محافظ قوم جا مارا بڻجي چڪا آهن، طاقتور مظلوم مٿان ظلمن جا جبل ڪيرائي ٿو، فخر سان ڳاٽ اونچو ڪري گھمندو رهي ٿو، غريب، شريف ۽ عزتدار کي رسوا ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪميڻي کي سلام ڪيو وڃي ٿو. هتي هر طبقي جو ماڻهو ظالم نظر اچي ٿو. ايوانن ۾ ظلم جا فيصلا ٿين ٿا، آفيسون اميدن جا قبرستان بڻجي ويون آهن ته وري دڪاندار ڦورو ۽ ڌاڙيل نظر اچن ٿا، قوم جا مسيحا (ڊاڪٽر) غريبن جو رَت چوسن ٿا، ڪمپنيون ملاوٽي مال فروخت ڪن ٿيون. هتي منسٽرن کان وٺي ريڙهيءَ واري تائين سڀ پنهنجن جا مارا بڻجي ويا آهن. هر دڪاندار پنهنجي اڳيان حد دخلي ڪرڻ پنهنجو حق سمجھي ٿو، ڪالونين جون مکيه گھٽين ۾ بنا خوف جي دِڪا ٺاهي ڳليون سوڙهيون ڪيون وڃن ٿيون. اهي روڊ ۽ رستا جتان ٻه ٻه ٽرڪون آرام سان ڪراس ڪري وٺنديون هيون، هاڻي اتان ڪار جو لنگھ ته پري جي ڳالھ رهي پر پيدل هلڻ به مشڪل ٿي پوي ٿو. هرڪو پنهنجي مَن ماني ڪندو رهي ٿو. قانون جي اکين تي پٽيون ٻڌل رهن ٿيون، اگر ڪو سچو قانون جو رکوالو اچي ڪجھ عوام جي خدمت ڪرڻ چاهي ٿو ته کيس دربدر ڪيو وڃي ٿو، حق جي هر آواز کي دٻايو وڃي ٿو. ڪنهن جي دل آزاري ڪيڏو وڏو گناھ آهي، ان باري ۾ اسان جي نبي ڪريم ﷺ جن جو فرمان آهي ته ” ڪعبت الله کي ڊاهڻ ايڏو وڏو گناھ نه آهي جيڏو وڏو گناھ آهي ڪنهن مسلمان مؤمِن جي دل آزاري ڪرڻ.“ ٻين کي خوش رکڻ سان ئي اصل ۽ سچي خوشي نصيب ٿيندي آهي. (حب الوطنِ هُوَ مِن الايمان) ملڪ ۽ قوم سان محبت ايمان جو حصو آهي. اسان جي معاشري ۾ رهندڙ اسان جا ئي ڀائر آهن، اسان جنهن چمن جا ٻوٽا آهيون هي به انهيءَ چمن جي رونق آهن. اسان جي معاشري جي سونهن هنن مسڪين، غريب ۽ اٻوجھ عوام سان ئي آهي. اسان سڀ هڪ جسم جيان آهيون. ٻين جو درد دل ۾ رکڻ وارو اصل انسان آهي. ڪنهن کي ڏک ڏيڻ وقت اهو سوچڻ گھرجي ته اگر مون مٿان يا منهنجي ڀاءُ مٿان اهڙو سِتم ٿئي ته مون کي ڪيئن محسوس ٿيندو؟ ٻين جي درد کي محسوس ڪرڻ اصل انسانيت آهي. پنهنجي گھر، گھٽين، محلي، شهر، صوبي ۽ ملڪ سان ته محبت ڪريون ٿا پوءِ انهن ۾ رهندڙ به ته اسان جا پنهنجا آهن، انهن سان ملي جُلي رهڻ ۾ ئي اسان کي سُڪون ملندو. ڪجھ قوم جا سچا رکوالا، قانون جا متوالا، ملڪ جا سچا سپاهي، جوڌا جوان ۽ سورهيه سپوت حق جو آواز بلند ڪندا رهن ٿا. قوم جا اهي سچو درد رکڻ وارا سلام ڪرڻ جا حقدار آهن. اهڙن جوانن جو ساٿ ڏجي. هر انسان کي پنهنجو پاڻ کي بدلڻو پوندو، ٻين جو حق کائڻ کان پاسو ڪرڻو پوندو، پنهنجي ضمير کي ججھوڙڻو پوندو ته جيئن انسانيت جو انقلاب اچِي اسان جي پاڪستان کي پاڪ ستان يعني پاڪ جڳھ بڻائي.










