پنجاب 100 يونٽ بجلي فري ڪري ٿو ته سنڌ جو وزير اعليٰ ڪٿي آهي !

پنجاب 100 يونٽ بجلي فري ڪري ٿو ته سنڌ جو وزير اعليٰ ڪٿي آهي !

عبدالوحيد عباسي لاڙڪاڻو
ملڪ پاڪستان ۾ آباديءَ جي لحاظ کان سڀ کان وڏو صوبو پنجاب آهي، 3 صوبا ملايو پر پوءِ به پنجاب سڀ کان وڌيڪ آبادي ۾ آهي، انهن جون قومي توڙي صوبائي سيٽون به وڌيڪ آهن، پر پوءِ به پنجاب جي صوبي کي هر ڳالهه ۾ وڌيڪ اهميت مليل آهي ۽ اتان جي عام عوام کي وڌيڪ سهولتون مليل آهن، جهڙوڪ هاڻي پنجاب صوبي جي عوام لاءِ اها وزير اعليٰ پنجاب اعلان ڪندي رعايت ڪئي آهي ته پنجاب جي هر شهري کي 100 بجليءَ جا يونٽ مفت ڏنا ويندا. معنيٰ 100هڪ سئو بجلي جا يونٽ فري ڪرڻ ڪا مذاق ناهي، جڏهن ته واپڊا هڪ وفاقي ادارو آهي پر هڪ صوبي پنجاب ڪيئن اعلان ڪري پنهنجي صوبي جي عوام کي خوش ڪري ڇڏيو، ائين ملڪ جو ڪو ٻيو صوبو اهڙو اعلان ڪري ڏيکاري ته مڃوسين. خاص ڪري سنڌ جيڪو معاشي طرح سڀ کان وڌيڪ خوشحال پئٽرول، سوئي گيس، ڪوئلو، بندر گاهه سميت بي بها معدني وسيلن سان مالا مال صوبو آهي پر اهو صوبو ڄڻ ته نڌڻڪو لاوارث هجي ۽ اتان جو عوام سمورين قدرتي نعمتن سان مالا مال هجڻ باوجود ٻين ڏانهن تڪيندو رهي ٿو، هاڻي جڏهن پنجاب جي وزير اعليٰ اهو اعلان ڪيو آهي ته پنجاب صوبي جي هر هڪ ماڻهوءَ لاءِ هڪ سئو يونٽ بجلي مفت هوندي ته پوءِ انهيءِ تي سنڌ جي وزير اعليٰ سيد مراد علي شاهه کي به وک وڌائيندي پنهنجي سنڌ جي عوام جي سهولت لاءِ پوري صوبي جي عوام لاءِ اهو اعلان ڪرڻ گهرجي ته سنڌ جي سمورن بجلي صارفين کي 100 يونٽ فري بجلي جي رعايت سهولت ڏيون ٿا، جڏهن پنجاب پنهنجي صوبي جي عوام لاءِ انقلابي قدم کڻي سگهي ٿو ته پوءِ سنڌ جي عوام ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، وفاقي اداري واپڊا کي به خبر آهي ته پنجاب ۽ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ بجلي جي ڪٿي کپت آهي، ڪٿي انڊسٽريون، ڪارخانا، فيڪٽريون، ملون آهن؟ ۽ ڪهڙي صوبي ۾ وڌيڪ ڏينهن رات جو بجلي جي غير اعلانيل لوڊشيڊنگ جو مسلسل آزار آهي ؟، گڏوگڏ ئي وري ڪهڙي صوبي ۾ بجلي مهانگي ڏني وڃي ٿي؟، ڪٿي ڊٽيڪشن بلنگ آهي، ڪٿي واڌو بل اماڻيا وڃن ٿا، ڪٿي ٽرانسفارمرن جي سڙڻ بعد مالڪيءَ جو فقدان آهي ۽ علائقي واسين جي چندي بعد ٽرانسفارمر تيار ڪيا وڃن ٿا، واپڊا نيو ٽرل غير جانبدار ادارو هجڻ کپي، هڪ صوبي يا هڪ ڌر بجاءِ ملڪي ادارو هجڻ گهرجي، جيڪڏهن هڪ صوبي ۾ بجلي 100 يونٽ فري آهي ته پوءِ سنڌ ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي ؟، وزيراعليٰ سنڌ کان مطالبو آهي ته هو به بنا دير جي پنجاب طرز واري ريهرسل جو حصو بڻجي سنڌ جي عوام کي سهولت ڏيندي 100 يونٽ بجليءَ جا فري اعلان ڪري ثابت ڪري ته ملڪ پاڪستان ۾ سڀ صوبا سراسري برابري جي بنياد تي خودمختيار ۽ آزاد آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو