پرويز الاهي جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور

پرويز الاهي جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور

لاهور: (ويب ڊيسڪ) لاهور جي اسپيشل سينٽرل ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي حاضري کان هڪ ڏينهن جي ڇوٽ منظور ڪري ورتي آهي.اسپيشل سينٽرل ڪورٽ جي جج اشفاق احمد چوڌري پرويز الاهي ۽ ٻين خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.جوابدارن جي طرفان ايڊووڪيٽ رانا فرخ پيش ٿيو، عدالت شريڪ جوابدار فرحان، واجد علي ۽ ٻين جي حاضري مڪمل ڪئي، عدالت چوڌري پرويز الاهي جي حاضري کان هڪ ڏينهن جي ڇوٽ منظور ڪري ورتي.عدالت پرويز الاهي جي بريت جي درخواست تي دليل طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 20 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.واضح رهي ته ايف آءِ اي ڪيس جو چالان عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو