دبئي (ويب ڊيسڪ)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ڀارت-پاڪستان تڪرار جي ڪري ڪيترن ئي وڏن ايونٽس کي ڀارت کان آسٽريليا منتقل ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي.آسٽريليا جي هڪ ميڊيا رپورٽ موجب، آءِ سي سي 2029 جي چيمپئنز ٽرافي ۽ 2031 جي ون ڊي ورلڊ ڪپ کي ڀارت کان منتقل ڪرڻ لاءِ متبادل هنڌن جو جائزو وٺي رهي آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڀارت کان وڏن ايونٽس کي منتقل ڪرڻ جو آخري فيصلو ڪيو وڃي ٿو، ته انهن جي ميزباني آسٽريليا جي طرفان ٿيڻ جو امڪان وڌيڪ آهي ڇاڪاڻ ته آسٽريليا وٽ وڏن آءِ سي سي ايونٽس جي ميزباني جو تازو مضبوط رڪارڊ آهي.رپورٽ موجب، هي قدم ڀارت ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ بورڊن جي وچ ۾ معاهدي جي ڪري ورتو پيو وڃي، جنهن جي تحت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مستقبل جي سڀني وڏن ايونٽس ۾ غير جانبدار هنڌن تي ميچ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.










