پاڪ افغان ڇڪتاڻ کان پوءِ طورخم بارڊر اڻڄاتل مدي تائين بند

پاڪ افغان ڇڪتاڻ کان پوءِ طورخم بارڊر اڻڄاتل مدي تائين بند

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪ افغان ڇڪتاڻ کان پوءِ طورخم بارڊر هر قسم جي اچ وڃ جي لاءِ بند ڪيو ويو آهي. سرڪاري ذريعن موجب پاڪ افغان اختيارين فورسز جي وچ ۾ گذريل رات فائرنگ ۽ ڇڪتاڻ صورتحال کي نظر ۾ رکندي طورخم بارڊر ٻنهي طرفن کان واپاري سرگرمين ۽ مسافرن جي پنڌ اچ وڃ جي لاءِ بند ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته طورخم بارڊر جي بندش سبب ٻنهي طرفن کان هر قسم جي آمد رفت ۽ پنڌ ويندڙ مسافرن جي چرپر رڪجي وئي آهي. سمورين مال بردار گاڏين کي لنڊي ڪوتل منتقل ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته طورخم بارڊر ٻنهي طرفن کان واپاري سرگرمين ۽ پنڌ اچ وڃ جي لاءِ بند ٿيڻ سبب ٻنهي طرفان کان ماڻهن کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پوندو. جڏهن ته موجوده صورتحال ۾ سرحد کي بند ڪيو ويو آهي.ياد رهي ته انهي کان اڳ 21 فيبروري تي پاڪستان ۽ افغان سيڪيورٽي فورسز جي وچ ۾ سرحد جي ٻنهي طرف تعميراتي سرگرمين تي اختلاف پيدا ٿيڻ کان پوءِ طورخم بارڊر ڪراسنگ جي ذريعي ماڻهن جي سرحد پار چرپر اوچتو معطل ڪري ڇڏي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو