اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)24 سالن کانپوءِ پاڪستان جي تاريخي دوري تي آسٽريلوي ٽيم پاڪستاني مداحن جو ڌيان ڇڪايو، نه رڳو ڪرڪيٽ جا مداح پر سڄي دنيا جا ماڻهو پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي بحاليءَ جا منتظر آهن.سيريز پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) لاءِ فائديمند ثابت ٿي، پي سي بي چيئرمين رميز راجا چيو ته پاڪستان ۽ آسٽريليا سيريز سان ڪرڪيٽ بورڊ کي ڪمرشل پاسي تمام گهڻو فائدو پهتو آهي.پي سي بي طرفان جاري ڪيل هڪ انٽرويو ۾ رميز راجا جو چوڻ هو ته آڪٽوبر ۾ ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف پاڪستان جي تاريخي فتح سان اسان جي ڪرڪيٽ کي واپار جي حوالي سان فائدو ٿيو آهي، اسان کي راندين ۾ دلچسپي آهي.










