تحرير طفيل مگسي
پاڪستان ۾ دارالعلوم ديوبند کي 1866ع ۾ دارالعلوم ندوت العماء کي 1883۾ ۽ بريلوي مدرسن کي 1904ع ۾ برطانوي راڄ جي دوران اتر پرديش ۾َقائم ڪيو ويو.۽ انهن مدرسن ۾ تعليم وتربيت جو بندوبست اردو ٻولي ۾ ھو.انهن مدرسن جي فلسفي جي تبليغ کي دين اسلام جي حقيقي تعليمات جي طور تي روشناس ڪرائي ڪري دين جي تعليمات حاصل ڪري پنهنجو اخلاق ٺيڪ ڪري ۽ روحاني پرورش ڪري.پنهنجي جسماني حرڪتن.نفساني خواهشن ۽ قلبي خيالن جو سڌارو ڪري .پنهنجي دنيا ۽ آخرت سنوارڻ جي بجاء اسلام کي سياسي مفادن جي لاء استعمال ڪرڻ جو بنياد وڌو ويو هو.نه صرف اهو بلڪ انهن ۾ غير اردو ٻولي ڳالهائڻ وارن مسلمانن تي اردو ٻولي جو تسلط قائم ڪرڻ جي لاء اردو ٻولي کي مسلمانن جي ٻولي قرار ڏيڻ شروع ڪيو ويو هو .14 آگسٽ 1947ع ۾ پاڪستان جي قيام کانپوء بيوروڪريسي.۽ سياسي قيادت جيان شروعات ۾ جيڪا مذھبي اجاره دار سرحد پار کان درآمد ڪيا ويا .اهي اصل ۾ يو پي .سي پي جا اردو ڳالهائڻ وارس هندستاني هئا.پاڪستان جي ٺھڻ کانپوء اصل مسئلو اهي ئي يوپي.سي پي جا اردو ڳالهائڻ وارا هندستاني ئي بڻيا.چاهي اهي سياسي قيادت جي روپ ۾ ھئا.چاهي حڪومتي عهديدارن جي روپ ۾ ھئا.چاهي اهي بيوروڪريسي جي روپ ۾ هئا يا مذھبي اجاره دار جي روپ ۾ ھئا.سوال اهو آھي ته يوپي.سي پي جا اردو ڳالهائڻ وارا هندستاني ڪنهن کاتي ۾ پاڪستان جي سرزمين تي اچي قابض ٿيا.لياقت علي خان گنگا جمنا ثقافت جي شيرواني ۽ پاجامي کي پاڪستان جو قومي لباس قرار ڏئي ڪري پاڪستان جي سڀ کان وڏي آبادي اوڀر پاڪستان جي بنگالين جي شديد احتجاج جي باوجود جن جو بنگالي ٻولي ۽ بنگال جي ثقافت سان رت جو رشتو هو۽ اتر پرديش کان گهڻو مفاصلي تي هئڻ جي سبب اترپرديش جي ٻولي اردو ۽ گنگا جمنا جي ثقافت جي اثر کان بچيل هئا.اترپرديش جي ٻولي کي پاڪستان جي قومي ٻولي قرار ڏئي ڇڏيائين.لياقت علي خان 25 جنوري 1949ع ۾ پاڪستان جي ٻي وڏي آبادي پنجاب جي صوبي جي چونڊيل اسيمبلي کي ٽوڙي ڪري پنجاب ۾ گورنر راڄ نافذ ڪرڻ کانپوء زوب ڄائي ۽ پشاور جي رهائشي هڪ ڪاڪڙ عبدالرب نشتر کي پنجاب جو گورنر مقرر ڪري ڇڏيو.پاڪستان جي سڀ کان وڏي آبادي بنگالي ۽ ٻي وڏي آبادي پنجابي تي پنهنجي سماجي ۽ سياسي چال مضبوط ڪرڻ سان گڏوگڏ پاڪستان تي پنهنجي انتظامي چال مضبوط ڪرڻ جي لاء پاڪستان جي وزيراعظم اردو ڳالهائڻ واري هندستاني لياقت علي خان پاڪستان جي حڪومت .بيوروڪريسي.سياست.صحافت تي اتر پرديش ۾ واقعي عليگڙھ مسلم يونيورسٽي.دارالعلوم ديوبند.دارالعلوم ندوت العاماء ۽ بريلوي مدرسن کان فارغ مسلمان آڻي ڪري قابض ڪرائي ڇڏيا.جن جي اڪثريت يوپي .سي پي جي اردو ڳالهائڻ وارن هندستانين جي هئي.پاڪستان جي حڪومت جي ادارن .پاڪستان جي سياست.۽ پاڪستان جي صحافت تي مدرسي کان فارغ ٿيل شاطر.مڪار ۽ منافق سي پي .يو پي جا اردو ڳالهائڻ وارا هندستاني سرڪاري ملازمتن.آفيسرن ڪلارڪن.سياستدانن ۽ تجزيي نگارن جو اڪثريتي ٽولو قابض ٿي ويو.جن نه صرف پنجاب ۽ سنڌ جي وڏن وڏن شھرن .پاڪستان جي حڪومت.پاڪستان جي سياست .پاڪستان جي صحافت.سرڪاري نوڪرين .زمينن.جائيدادن تي ڪنٽرول ڪري ورتو بلڪ پاڪستان کي ڪٽر ۽ بنياد پرست اسلامي ملڪ به قرار ڏنو ۽ پاڪستان ۾ اقرباپروري.بي ايماني.بدعنواني ۽ مذھبي انتها پسندي جو بنياد وڌو.جيڪو ڏينهون ڏينهن تيزي سان ڪرونا وائرس جيان پکڙبو پيو وڃي.










