پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٻي ٽي ٽوئنٽي اڄ کيڏي ويندي

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٻي ٽي ٽوئنٽي اڄ کيڏي ويندي

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٻي ميچ اڄ کيڏي ويندي.پاڪستان گذريل ڏينهن پنجن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 88 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي هئي.پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي ڪيويز کي فتح لاءِ 183 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، قومي ٽيم طرفان نوجوان بيٽسمين صائم ايوب ۽ فخر زمان 47 رنسن جي اننگز کيڏي.183 رنسن جي ٽارگيٽ جي تعاقب ۾ ڪيوي ٽيم 94 رنسن تي ڍير ٿي وئي ۽ گرين شرٽس آساني سان 88 رنسن تان ميچ کٽي ورتي.واضح رهي ته سيريز جي ٽئين ميچ به 17 اپريل تي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته چوٿين ۽ پنجين ٽي ٽوئنٽي ميچ 20 ۽ 24 اپريل تي راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو