طفيل مگسي
پاڪستان جي قوميت ۽ وفاقي سڃاڻپ کي سمجهڻ جي لاء سڀ کان پهرين اهو ڏسڻ نهايت ضروري آهي ته جديد سياسات ۽ سوشيالوجي ۾ ”قوم“ جي تعريف چا آهي۔جديد قوميت جي نظريي جي مطابق هڪ قوم محض سياسي رياست جو نانء ناهي بلڪ ان جو بنياد هڪ گڏيل ٻولي۔صدين تي مشتمل تهذيبي ۽ ثقافتي ورثي ۽ هڪ گڏيل تاريخي شعور تي هوندي آهي۔ارنسٽ رينان(Ernest Renan) پنهنجي مشهور تقرير (1882) ?What is a Nation) ۾ چيو هيو ته قوم اصل ۾ هڪ گڏيل ياداشت ۽ گڏيل تاريخي شعور جو نانء آهي۔انهيء تصور کي اينٿوني اسمٿ(Anthony D. Smith) پنهنجي ڪتاب (1986)The Ethnic Orgins ofNation ۾ وڌيڪ وضاحت سان بيان ڪيو آهي ته قومون عمومي طور تي ”نسلي-ثقافتي ڪميونٽيز“Ethno Cultural communities جي صورت ۾ ارتقا حاصل ڪن ٿيون ۽ پوء جديد رياستن ۾ تبديل ٿين ٿيون۔
ان پسمنظر ۾ جيڪڏهن پاڪستان جو جائزو ورتو وڃي ته چٽو ٿيئي ٿو ته پاڪستان هڪ”قدرتي قوم“ناهي بلڪ هڪ وفاقي اتحاد آهي جيڪو 1947ء۾ برصغير جي ورهاڱي جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو۔ان کان اڳ ”پاڪستان“نالي ڪنهن قوم يا قومي رياست جو وجود نه هو۔پاڪستاني سڃاڻپ بنيادي طور تي هڪ سياسي ۽ انتظامي سڃاڻپ آهي۔نه ته هڪ لساني يا تهذيبي سڃاڻپ۔پاڪستاني نالي جي ڪنهن ٻولي جو ڪو وجود به ناهي۔
پاڪستان جي وفاقي ڍانچي جي ماتحت موجود وحدتون مثلا پنجاب۔سنڌ۔بلوچستان۔خيبر پختونخواه ۽ گلگت بلتستان سڀ پنهنجيون پنهنجيون الڳ تاريخي ۽ لساني روايتون رکن ٿيون۔هر پرڳڻو هزارين سال پراڻين تهذيبن جو وارث آهي۔پنجاب جي باري ۾ تاريخي محقق ڊاڪٽر جعفري ملڪ پنهنجي ڪتابPunjaab:AHistory from(Aurangzeb to Mountbatte(2012) ۾ لکيو آهي ته اهو علائقو پنهنجي لساني و تهذيبي دٻاء جي باوجود هڪ هڪ الڳ تاريخي وحدت جي طور تي موجود رهيو۔بلڪل ساڳئيء ريت سنڌ جي باري ۾ حميده کهڙو پنهنجا تحقيقي لکڻي Sindh:The Genral view(1918 ۾ چيو آهي ته سنڌي قوميت پنهنجي ٻولي ۽ تهذيب جي بنياد تي هزارين سال پراڻو تسلسل رکي ٿي۔پشتو جي باري ۾ اولاف ڪيرو (Olaf Careo) The pathan1958۾ ڏيکاريو ته پشتون سڃاڻپ جون پاڙون گهٽ ۾ گهٽ ٻه هزار سال پوئتي وڃن ٿيون۔بلوچ قوميت تي مير ڱل خان نصير جي Tarikh_e-Balochistan 1952 ۽ سيد ظهور شاه هاشمي جا لساني ۽ ادبي ڪم ان جي ادبي ڪاوشن تي روشني وجهن ٿا۔
انهن حوالن کان اها ڳالھ سامهون اچي ٿي ته پاڪستان جا صوبا يا علائقا اصل ۾ الڳ الڳ قومي و تهذيبي وحدتون آهن۔جن هن پنهنجي تاريخي ارتقا کانپوء 1947ء ۾ هڪ وفاقي چٽيء جي هيٺان گڏ ٿيڻ قبول ڪيو۔اهو چوڻ وڌيڪ درست آهي ته صوبن پاڪستان کي جنم ڏنو۔پاڪستان صوبن کي تخليق نه ڪيو هو۔
اهو هڪ الڳ بحث آهي ته چا انهن وحدتن آزاداڻي طور تي وفاق ۾ شموليت ڪئي يا انگريز سامراج ۽ پوء وارن طاقتور طبقن انهن کي هڪ خاص سياسي منصوبي جي تحت هڪ جڳه تي گڏ ڪيو۔ڊاڪٽر عائشه جلال پنهنجي ڪتاب The Sole Spokesman: Jinnah, the Muslim League, and the Demand for Pakistan (1985۾ چئي ٿي ته مسلم ليگ برصغير جي مسلمانن جي لاء هڪ وفاقي طرز جو ڍانچو سوچيو هو۔ليڪن آزاديء کانپوء طاقتور مرڪز هوريان ڀوريان صوبائي خودمختياري کي محدود ڪري چڏيو۔ان تاريخي نقط نظر ۾ صوبن کي وڌيڪ ورهائڻ جي ڀجاء انهن جي موجوده سڃاڻپ کي تسليم ڪرڻ وڌيڪ عقلي ۽ پائيدار رستو آهي۔
هند جي ورهاڱي 1947ء جا زخم ۽ ان جي نتيجي ۾ لکين انسانن جي لڏپلاڻ ۽ جانين جو نقصان اڄ تائين گڏيل شعور تي چٽيل آهي۔مشهور مورخ ياسر قاضيء پنهنجي تحقيق ۾ اهو نڪتو اٿاريو آهي ته برصغير جي ورهاست محض سياسي عمل نه هئي بلڪ هڪ عظيم انساني الميو هئي۔جنهن گڏيل ذهنيت کي صدمو رسايو۔اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن صوبن کي وڌيڪ ورهايو ويندو ته اهي زخم اڃا ڳوڙها ٿيندا ۽ وفاق وڌيڪ ڪمزور ٿيندو۔
پاڪستان وٽ صوبن کي ورهائڻ جو ڪو اخلاقي يا تهذيبي سبب ناهي۔جيڪڏهن انتظامي مسئلا حل ڪرڻا آهن ته ان جي لاء بهتر رستو مقامي حومتن کي مضبوط ڪرڻو هي۔نيڪولس اسٽرلنگ پنهنجي ڪتاب Decentralization and Development (1996) ۾ چٽو ڪري ٿو ته مضبوط مقامي حڪومتون رياستي ڪارڪردگي بهتر بنائڻ کان سڀ کان بهترين طريقو آهي۔هندستان ۾ پنجايتي راڄ سسٽم ان جو هڪ ڪامياب مثال آهي جنهن کي جارج ميٿوPanchayat Raj in India:An Ovrview2000 ۾ تفصيل سان بيان ڪيو آهي۔پاڪستان ۾ به جيڪڏهن ضلعي۔تعلقي۔يونين ڪائونسل ۽ ڳوٺن جي سطح تي خودمختيار حڪومتون قائم ڪيون وڃن ته صوبن کي ٽوڙڻڻ جي ضرورت باقي نه رهندي۔
ان کانسواء آئين ۾ وڌيڪ سڌارا ڪري صوبن کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ جي ضرورت آهي۔نه ته ان کان اڳ ڏنل ٿورڙن گهڻن اختيارن کي کسڻ جي۔سابق چيف جسٽس آصف سعيد کوسيء پنهنجي عدالتي راء ۾ ڪافي ڀيرا اهو نڪتو کنيو آهي ته وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ طاقت جي توازن کي آئين جي روح جي مطابق نئين سر مرتب ڪرڻ جي ڪوشش جي ضرورت آهي۔منهنجي راء ۾ جيڪڏهن صوبن کي صوبن کي خودمختيار ريپبلڪن جي طور تي تسليم ڪيو وڃي۔جيڪي پنهنجي ٻولي۔ثقافت۔تعليم۽ وسيلن تي اختيار رکن ته اهو وفاق جي لاء وڌيڪ مضبوط ۽ جهموري حل ٿيندو۔
ارڙهين ترميم صوبن کي ڪجه حق ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي۔مگر سچ ته اهو آهي ته اڄ تائين ارڙهين ترميم تي ڪڏهن درست معنائن ۾ عمل ٿيو ئي نه۔اڄ به ڪافي مجڪما۔فنڊز ۽ فيصلي وارو اختيار وفاق پاڻ وٽ يرغمال ڪري رکيا آهن۔ارڙهين ترميم جي تحت تعليم۔صحت۔بلديات۔صنعت سڀ مڪمل صوبن کي منتقل ٿيا هئا۔مگر اڄ به انهن شعبن ۾ وفاقي وزارتون موجود آهن۔صوبن ۾ ٺهڻ وارا منصوبا حڪمران پارٽي جي ليڊرشپ طئي ڪري ٿي۔صوبائي حڪومت کي آزاد فيصلا ڪرڻ نٿي ڏيئي۔چوته اقتداري پارٽي جو اڳواڻ اڪثر وزيراعظم هوندو آهي۔اهو پنهنجن وفاقي خرچن کي پوري ڪرڻ جي لاء صوبن کي مڪمل فنڊ جاري نٿو ڪري۔نه وڏن منصوبن ٺاهڻ جي اجازت ڏيئي ٿو۔ٽيڪس صوبن کان اوڳاڙي ڪري ٿو ۽ پوء احسان ڪري ٿورڙو صوبن کي ڏيئي ٿو۔بجلي ۔گيس۔منرلز۔پاڻي۔آبپاشي۔قدرتي وسيلا۔انڊسٽري سڀ صوبا پيدا ڪن ٿا۔مگر آمدني وفاق وٺي ٿو۔اهي سڀ شعبا صوبن کي ملڻ گهرجن۔مان ته چوان ٿو ته دفاعي خرچ به صوبا ۽ وفاق گڏجي ڪري برداشت ڪن۔
پاڪستان جو مستقبل انهيء وقت محفوظ ٿي سگهي ٿوجڏهن وفاق پنهنجين وحدتن جي تاراخي و ثقافتي حقيقت کي تسليم ڪري ۽ ڏاڍ يا هٿرادو برابري جي بجاء مساوات۔رضامندي ۽گهڻ ثقافتي اصولن تي بيٺو آهي۔هڪ اهڙو وفاق جنهن ۾ مرڪز ۽ صوبا برابري جي ببياد تي تعلقات قائم ڪن۔نه صرف بهتر ٿيندو بلڪ حقيقي معنائن ۾ جهموري به آهي۔
پاڪستان جي وفاقي ڍانچي کي سمجڻ جي لاء هڪ اهم نڪتو هي آهي ته دبيا ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون رياستون موجود آهن جيڪي پنهنجي سڃاڻپ ۾ پاڪستان جيان گهڻ ثقافتي ۽ گهڻ نسلي آهن۔ليڪن انهن پنهنجي بقا ۽ مضبوطي جي لاء مرڪزيت يا جبري برابري جي بجاء وفاقي مساوات ۽ رضامندي تي مشتمل نظام اپنايو۔انهن جا مثال پاڪستان جي لاء اڳواڻي ميسر ڪري سگهن ٿا۔
بيلجيم هڪ ننڍڙو يورپي ملڪ آهي۔مگر پنهنجي سڃاڻپ ۾ ڳوڙهو اثر رکي ٿو۔هتي فليمش(ڊچ ٻولي ڳالهائڻ وارا)والون(فرانسيسي ڳالهائڻ وارا) ۽ جرمن ڳالهائڻ واريون ڪميونٽيون آهن۔هر ڳسوه پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت تي باز ڪري ٿو ۽ بيلجيم جي سياست جو سڀ کان وڏو چيلينج اهوئي هو ته اهي گروه هڪ ئي رياست ۾ گڏ ڪيئن رهي سگهن ٿا۔1970ء جي ڏهائي کان بيلجيم آئيني سڌارن جي وسيلي هڪ اهڙو وفاقي نظام ٺاهيو۔جنهن ۾ هر ڪميونٽي ۽ خطي کي ڪشادي خودمختياري ڏني وئي۔
سوئيزرلينڊ به هڪ ڪامياب مثال آهي۔هتي چار وڏيون ٻوليون(جرمن۔فرانسيسي۔اطالوي ۽ رومانس) ڳالهايون وڃن ٿيون۔جيتوڻيڪ ملڪ جغرافيائي طور تي ننڍڙو آهي۔ليڪن ان جون وفاقي وحدتڳن يعني ”ڪينٽونز“ تمام گهڻي خودمختياري رکن ٿيون۔سوئس ڪينٽونز پنهنجي آئين ۔تعليم۔پوليس ۽ مقامي قانونن جي مامرن ۾ آزاد آهن۔سوئزرلينڊ جي وفاقي ڪائونسل جو ڍانچو اهڙو آهي ته هر وڏي لساني ڪميونٽي جي نمائندگي لازمي هوندي آهي ته جيئن ڪو گروه محرومي جو شڪار نه تيئي۔محقق جوناٿن شتائننرگ پنهنجي ڪتاب Why switzeland?(1996 ۾ لکي ٿو ته سوئيزرليڊ جي ڪاميابي ان جي”رضامندي تي مشتمل وفاقيت“ آهي۔جتي مختلف قومن هڪ گڏيل سياسي ڍانچي تي اتفاق ڪيو آهي۔
ڪينيڊا هڪ ٻيو مثال آهي۔هتي فرانسيسي ڳالهائڻ واري ڪيوبڪن جي آبادي ڊگهي عرصي تائين پنهنجي الڳ سڃاڻپ جي لاء سرگرم رهي آهي۔مگر ڪينيڊا ان کي زور سان طاقت جي وسيلي ختم ڪرڻ جي بجاء هڪ”مضبوط وفاقيت“ (asymmetric federalism) اپنائي۔جنهن جي تحت ڪيوبڪ کي خاص خودمختياري ۽ آئيني رعايتون ڏنيون ويون۔ته جيئن اها ڪينيڊا جي وفاق جو حصو رهندي پنهنجي قومي سڃاڻپ برقرار رکي سگهي۔ميڪ ڱل يونيورزسٽي ايلن ڪيئرن Quebec and Canada: Between Sovereignty and Federalism, 2003 جي مطابق اهو ماڊل ڏيکاري ٿو ته هڪ رياست مختلف قومن کي انهن جي سڃاڻپ سان گڏ هڪ رياست تسليم ڪري به متحد رهي سگهجي ٿو۔
جيڪڏهن انهن مثالن کي پاڪستان تي ويچار ڪجي ته صاف ظاهر ٿيئي ٿو ته پاڪستان جا صوبا اصل ۾ تاريخي و تهذيبي معنائن ۾ پنهنجي پنهنجي جڳھ تي ”قومون“آهن۔جن کي ڏاڍ جي بجاء رضامندي۔مساوات ۽ آئيني خودمختياري جي اصولن تي وفاق جي اندر جڳھ ڏيڻ وڌيڪ بهتر ۽ پائيدار جل آهي۔صوبن کي ٽوڙڻڻ يا نوان ليڪا ڪڍڻ جي بجاء وفاق کي گهرجي ته هو بيلجيم۔سوئيزرلينڊ ۽ ڪينيڊا جي طرز تي پنهنجين وحدتن کي وڌيڪ اختيار ڏيئي۔انهن جي ٻولي ۽ ثقافت کي آئيني حيثيت ڏيئي ۽ مرڪز کي صرف هڪ اشتراڪي مفادن جو ڪردار ڏيئي ۽ انهيء ۾ ئي وفاق جي ڀلائي آهي۔
پاڪستان جي آئين جي ارڙهين ترميم ڪجه اختيارات صوبن کي منتقل ڪري هڪ مثبت قدم کنيو۔مگر عملي طور تي اڃا تائين به اختيارن جي منتقلي ناهي ٿي سگهي۔جيڪڏهن پاڪستان واقعي هن مضبوط وفاقي رياست بنجڻ چاهي ٿو ته هن کي گهرجي ته هو پنهنجن صوبن کي خودمختيار ريپبلڪن جي طور تي تسليم ڪري۔مقامي حڪومتن کي آئيني ضمانت ڏيئي ۽ پنهنجين وحدتن جي گهڻ قومي ثقافتي حقيقت کي ۽ انهن جي هزارين سالن جي تهذيبي و ثقافتي ورثي کي پنهنجي وفاقي سڃاڻپ جو بنياد بڻائي۔ان ريت پاڪستان نه صرف اندريان مضبوطي حاصل ڪري سگهي ٿو بلڪ دنيا ۾ هڪ اهڙي وفاقي رياست جو مثال قائم ڪري سگهي ٿو جيڪو وحدتن کي دٻائڻ جي بجاء ان کي پنهنجي طاقت جو وسيلو بڻائي باقي بار بار ملڪ کي تجربن جي طور تي استعمال نه ڪيو وڃي۔چاڪاڻ ته اهڙا تجربا ملڪ جي لاء سدائين ڪمزوري جو سبب بڻيا آهن۔










