پورٽ آف اسپين (نيوز ڊيسڪ): پاڪستان ٻئي ٽيسٽ ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي 8 وکٽن تان شڪست ڏئي ٻن ميچن جي سيريز 1-1 سان برابر ڪري ڇڏي آهي.پورٽ آف اسپين ۾ کيڏيل ٻئي ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن ويسٽ انڊيز پنهنجي ٻي اننگز 103 رنسن 6 رانديگر آئوٽ تان ٻيهر شروع ڪئي. پر ويسٽ انڊيز جا باقي 3 رانديگر رڳو 14 رنسن جي اضافي تي آئوٽ ٿي ويا ۽ پوري ٽيم ٻي اننگز ۾ 117 رنسن تي ڍير ٿي وئي. زخمي اوپنر برانڊن ڪنگ کٻي پاسي تڪليف سبب بيٽنگ لاءِ ميدان تي نہ اچي سگهيو. پاڪستان پاران اسپينرز ساجد خان ۽ علي عثمان شاندار بالنگ ڪندي 4-4 وکٽون حاصل ڪيون.ويسٽ انڊيز پاڪستاني ٽيم کي ميچ کٽڻ لاءِ 75 رنسن جو حدف ڏنو، جيڪو پاڪستان 2 وکٽن جي نقصان تي باآساني حاصل ڪري ورتو. پاڪستان پاران امام الحق 9 ۽ اذان اوئيس 18 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته عبداللہ شفيق ۽ ڪپتان بابر اعظم بالترتيب 24-24 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. هن فتح سان گڏ پاڪستان ملڪ کان ٻاهر مسلسل 8 شڪستن جي سلسلي کي ختم ڪندي پهرين فتح حاصل ڪئي آهي. ياد رهي ته پاڪستان آخري بار 2023ع ۾ سريلنڪا کي سندس ئي ملڪ ۾ ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست ڏني هئي.










