پاڪستان جي انگلينڊ کي معجزاڻي شڪست سيريز برابر

پاڪستان جي انگلينڊ کي معجزاڻي شڪست سيريز برابر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ڊرامائي انداز ۾ انگلينڊ جي سڄي ٽيم کي آئوٽ ڪري بظاهر هارايل ميچ 3 رنز تان کٽي 7 ميچز جي سيريز ٻن ٻن تان برابر ڪري ڇڏي. انگلينڊ تاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو ۽ اڳم ۾ بيٽنگ ڪندي پاڪستان 4 وڪيٽن جي نقصان تي 166 رنز ٺاهي سگهيو. رضوان 88 بابر 36 ۽ شان مسعود 21 رنز ٺاهي نمايان رهيا. جواب ۾ انگلينڊ جي ٽيم 19.2 اوورز ۾ 163 تي آل آئوٽ ٿي وئي. ليم ڊاسن 34، بين ڊڪٽ 33 ۽ بروڪ 34 رنز ٺاهيون. حارث رئوف ۽ نواز ٽي ٽي وڪيٽون ورتيون حسنين 2 وڪيٽون ورتيون. آخري اوور ۾ 4 رنز گهربل هيون 9 وڪيٽون انگلينڊ جو ڪري چڪيون هيون. محمد وسيم پهريون بال مس ڪرايو ٻئي بال تي رن ٺاهن جي چڪر ۾ ريس ٽوپلي رن آئوٽ ٿي ويو. عادل رشيد ناٽ آئوٽ رهيو.
https://twitter.com/ESPNcricinfo/status/1574098982384680966

پهنجو تبصرو موڪليو