لاهور(ويب ڊيسڪ)ون ڊي سيريز جي ٽئين ۽ فيصلائتي ميچ ۾ پاڪستان آسٽريليا کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي 20 سالن کانپوءِ آسٽريليا خلاف سيريز کٽي ورتي. لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. پهرين کيڏندي آسٽريليا جي ٽيم 42 هين اوور ۾ 210 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جواب ۾ پاڪستان 211 رنسن جو هدف 38 هين اوور ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. ياد رهي ته ٽن ميچز جي ٽيسٽ سيريز آسٽريليا کٽي هئي. 2 ميچ ڊرا ٿيا هئا ۽ هڪ ميچ آسٽريليا کٽي هئي. جڏهن ته ٽن ميچز جي ون ڊي سيريز جون ميچون پاڪستان ۽ هڪ آسٽريليا کٽي. ميچ جي شروعات ۾ ئي آسٽريليا ڏکيائين ۾ هئي، فاسٽ بالر شاهين آفريدي پهرين اوور ۾ ٽريوس هيڊ جي وڪيٽ ورتي ۽ حارث رئوف جارحاڻي بيٽسمين ۽ ڪپتان آرون فنچ کي ٻئي اوور ۾ آئوٽ ڪري ڇڏيو. جنهن بعد مارنس لبوسخاني به 6 جي مجموعي اسڪور تي حارث رئوف جو شڪار بڻيو، ايلڪس ڪيري 56 ۽ ڪيمرون گرين 34 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا، جڏهن ته 166 رنسن تي 9 وڪيٽون وڃائڻ کانپوءِ سين ايبٽ وڪيٽ تي ڄمي بيٺو ۽ ٽيم جو اسڪور 210 رنسن تائين پهچايو، هو 49 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. پاڪستان طرفان حارث رئوف 3، محمد وسيم 3، شاهين 2 ۽ زاهد محمود ۽ افتخار هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.










