پاڪستان جو ڀارت خلاف ميچ جي بائيڪاٽ جو امڪان

پاڪستان جو ڀارت خلاف ميچ جي بائيڪاٽ جو امڪان

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ٽيم جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو حتمي فيصلو اڄ ڪيو ويندو.ذريعن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) جو چيئرمين محسن نقوي اڄ وزيراعظم شهباز شريف سان انهي حوالي سان مشاورت کان پوءِ حتمي فيصلو ڪندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان طرفان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي مڪمل بائيڪاٽ سان گڏ صرف ڀارت جي خلاف ميچ جي بائيڪاٽ جي تجويز به غور هيٺ آهي. ذريعن موجب امڪان آهي ته پاڪستاني ٽيم ڀارت جي خلاف ميچ جو بائيڪاٽ ڪندي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن پي سي بي چيئرمين بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي ڀارت ۾ نه کيڏڻ جي موقف جي حمايت ڪئي هئي. سندس چوڻ هو ته بنگلاديش جو موقف اصولن تي ٻڌل آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي جي ٻٽي معيار کي رد ڪري ٿو.ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ بنگلاديش عدم تحفظ جي بنياد تي ڀارت وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ پنهنجا سمورا ميچز سريلنڪا منتقل ڪرڻ جي لاءِ آءِ سي سي کي درخواست ڏني هئي جنهن تي آءِ سي سي بنگلاديش بورڊ جي درخواست نه مڃي ۽ انهي جي جڳهه اسڪاٽ لينڊ کي گروپ ۾ شامل ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو