پاڪ،سعوديه سپريم ڪائونسل قائم،تعلقات

تحرير سيد زوار هسين شاهه

اسلامي ملڪن لاء وڏي هڪ عظيم خوشخبري اها آهي ته  پاڪستان ۽ سعودي عربيه وچ۾  اهم رابطه ٿي رهيا آهن جنهن م ٻنهي ملڪن جي سربرهان درميان هڪ بهترين تعلقات قائم رکڻ لاء هڪ پاڪ سعودي رابطه ڪائونسل جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن کي مان سپريم ڪائونسل جو نالو ڏنو آهي ٻئي ملڪ هڪ طاقتور ملڪ هئڻ ڪري  ان سان گڏ اسلامي رشتا مضبوط رکڻ لاء  مان سمجهان ٿو ته اهرا رابطه هئڻ ضروري آهن ۽ ان سان گڏ مان سمجهان ٿو ته معاشيات کي هٿي ڏيڻ لاء جيڪي پنج خاص معاهده ڪيا ويا آهن ا نهن کي به سڄي دنيا ۾ وڏي اهميت ملي رهي آهي ، ان م ڪو شڪ ناهي ته جنهن طرح سان مسلمانن مٿان  عالمي دٻاء به آهي ، ۽ اسلام دشمن قوتون جنهن طرح سان بلاڪ جوڙي رهيون آهن  انهن کي پري رکندي هڪ تاريخي اهم فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن کي  هاڻ  مضبوط کان مضبوط رکڻ ۽ قائم ڪرڻ گهرجي ،  هن وقت جيڪڏهن السلام دشمن پالسين جي ڳالهه ڪندس ته هو دولت جو استعمال ڪري اسلامي ملڪن کي به خريد ڪري رهيا آهن جڏهن ته مان عرض ڪيان ته ڪجهه اسلامي ملڪ جن مٿان  اسلام دشمن قوتون حمله آور به آهن قبضا به ڪري رهيا آهن ته  انهن ملڪن اندر رهي به اسلامي ملڪن خلاف وڏيون سازشون ٿي رهيون آهن ، برحال پاڪستان جو وزيراعظم جناب عمران خان وري به ملڪ جي صورت هال کي ڏسندي ، ڪرونا وائرس جهڙي خطرناڪ وبا هجي ، يا اسلام دشمن قوتون هجن ، يا معاشيات جي صورت هال هجي اهڙي وقت ۾  ڪپتان بهترين قدم کڻندي سعودي عربيه جو وزٽ ڪري گهڻن ملڪن جي سربراهان کي حيران به ڪيو آهي ته پريشان به ڪيو آهي  برحال معاهدن بابت تفصيل هيٺ ڏيئي رهيو آهيان ، وزيراعظم عمران خان ۽ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سعودي پاڪستان سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل جي قيام سميت پنجن اهم معاهدن تي صحيحون ڪيون آهن، ٻنهي سربراهن جي ملاقات بعد جاري ڪيل گڏيل پڌرنامي موجب وزيراعظم عمران خان جده ۾ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات  ڪئي، جنهن ۾ ٻنطرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ بين الاقوامي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم رمضان المبارڪ جي خصوصي ڏينهن ۾ مقدس هنڌن جي زيادت جو موقعو فراهم ڪرڻ تي سندس ٿورو مڃيو ۽ گرين سعودي عرب ۽گرين وچ اوڀر جي قدم جي ساراهه ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي سمورن شعبن ۾ ٻن طرفن لاڳاپن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ۽ ٻن طرفن تاريخي ناتن، گڏيل قدرن ۽ گڏيل اعتماد کي وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستاني عوام طرفان مقدس سرزمين سان خصوصي عقيدت جو اظهار ڪيو ۽ سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي لاءِ مستقل حمايت جو يقين ڏياريو. ان موقعي تي پاڪستان ۾ سعودي سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون تي به ڳالهايو ويو، وزيراعظم سعودي عرب ۾ پاڪستانين لاءِ نوڪريون وڌائڻ تي خصوصي زور ڀريو. محمد بن سلمان سان ملاقات دوران محمد بن سلمان ڪشمير مسئلي جي پرامن حل جي اهميت تي به زور ڏنو ۽ افغانستان ۾ امن ۽ مفاهمت لاءِ پاڪستان جي مستقل ڪوششن تي روشني وڌي. جڏهن ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ وفدن جي سطح تي به ملاقات ٿي. جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ پاڪستان سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل جي قيام، سزا يافته ڏوهارين جي ڏي وٺ، ڏوهن جي خلاف مدد، ماحوليات ۽ توانائي منصوبن جي فريم ورڪ، ايگريمينٽ ۽ منشيات ۽ ورڪرز ريڪرولمنٽ جي گڏيل ياداشتن تي به صحيحون ٿيون.  ملاقات دوران وزيراعظم عمران خان خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي لاءِ مخلصاڻي خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاران کيس سعودي عرب جي دوري جي دعوت ڏيڻ تي سندس ٿورا مڃيا. هن رمضان المبارڪ جي برڪتن واري مهيني ۾ حرمين شريفين جي زيارت جو موقعو فراهم ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون جي مذهبي، گڏيل قدرن، گڏيل اعتماد ۽ پائيدار روايتن تي ٻڌل مضبوط ۽ تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم سعودي عرب جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري جي لاءِ پاڪستان جي تعاون کي ورجائيندي حرمين شريفين جي سرزمين سان پاڪستانين جي عزت ۽ تڪريم کان آگاهه ڪيو.ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن گڏيل سياسي، اقتصادي، واپاري، دفاعي ۽ سلامتي سان لاڳاپيل معاملن بابت موجوده لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي رضامندي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان ۾ سعودي عرب پاران سيڙپڪاري، توانائي جي شعبي ۾ تعاون ۽ پاڪستانين جي لاءِ سعودي عرب ۾ نوڪرين جا موقعا وڌائڻ تي خاص زور ڏنو ويو. وزيراعظم عمران خان سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاران تازو ئي شروع ڪيل سرسبز سعودي عرب ۽ سرسبز وچ اوڀر قدمن کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سعودي ولي عهد جي ان ويزن ۽ پاڪستان ۾ ان جي شروع ڪيل 10 ارب سونامي ٽري ماحوليات بابت منصوبي ۾ گڏيل تعاون سان سگهه ملندي. سعودي عرب ۾ 20 لک کان وڌيڪ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي مثبت ۽ تعميري ڪردار جو اعتراف ڪندي ٻنهي اڳواڻن انساني وسيلن جي شعبي ۾ تعاون مان وڌ کان وڌ گڏيل فائدا کڻڻ جي حوالي سان مختلف راهن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ڪوويڊ 19 دوران سعودي عرب ۾ پاڪستانين جي ڀلائي لاءِ کنيل قدمن تي سعودي قيادت جا ٿورا مڃيا. ملاقات دوران علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم قومي اقتصادي ترقي جا مقصد اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پرامن پاڙيسريت جي پنهنجي ويزن کان آگاهه ڪيو. هن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير جي صورتحال تي روشني وجهندي چيو ته ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي ضرورت آهي. وزيراعظم افغانستان ۾ مفاهمت ۽ امن عمل جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن تي پڻ روشني وڌي. وزيراعظم عمران خان خادم الحرمين الشريفين جي علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ سعودي عرب جي ڪردار ۽ قدمن کي پڻ ساراهيو. ملاقات کانپوءِ وزيراعظم عمران خان ۽ سعودي ولي عهد سعودي – پاڪستان سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل (ايس پي ايس سي سي) قائم ڪرڻ جي لاءِ معاهدي تي پڻ صحيحون ڪيون، ان ڪائونسل جنهن جي سربراهي وزيراعظم پاڪستان ۽ سعودي ولي عهد گڏيل طور ڪندا قائم ڪرڻ جو مقصد پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپن جي ترقي کي تزويراتي رخ ڏيڻ آهي. وزيراعظم عمران خان ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڪائونسل سمورن شعبن ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. ٻئي اڳواڻ ڏوهن کي منهن ڏيڻ، سزا يافته قيدين جي مٽاسٽا، منشيات ۽ منع ٿيل ڪيميڪلز جي اسمگلنگ جي حوالي سان معاهدن کانسواءِ 500 ملين ڊالرز جي توانائي، پن بجلي، انفراسٽرڪچر، ٽرانسپورٽ ۽ ڪميونيڪيشن ۽ پاڻي وسيلن جي ترقي جي حوالي سان منصوبن جي فنانسنگ جي لاءِ مفاهمت جي يادداشتن جي فريم ورڪ سميت مختلف ٻطرفن معاهدن ۽ مفاهمتي ياداشتن تي صحيحن جي موقعي تي پڻ موجود هئا. وزيراعظم عمران خان سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي جلد پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني، ان کان اڳ وزيراعظم جو جده ايئرپورٽ پهچڻ تي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان شاندار استقبال ڪيو ، برحال مان عرض ڪيان ته هي ملڪ جنهن م سعودي عربيه هجي يا عراق هجي شام هجي يا يمن هجي پاڪستان هجي يا عراق هجي ايران هجي يا ترڪي هجي ڪشمير هجي يا فلسطين هجي ، انهن جي حقن لاء گڏجي ويڙهن گهرجي ، ها جيڪو ملڪ  ڪنهن هڪ ملڪ جي خلاف به هجي يا ڪو ڪنهن سازس ۾ ملوث هجي اسلام دشمن پاليسن تي ڪم ڪري سڀ گڏجي ان ملڪ خلاف يڪجا ٿي  جنگ به ڪري سگهن ٿا ان کي قانوني سزا به ڏيئي سگهن ٿا جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته پوء مان سمجهان ٿو ته اهڙا اتحاد به قائم نه رهي سگهندا ، ان ڪري سعودي ، پاڪستان تعلقات يا ايران پاڪستان تعلقات ، عراق پاڪستان تعلقات ، ترڪي ، شام تعلقات . يمن اردن تعلقات سعودي ڪويت تعلقات بهتر بنائڻ گهرجن ، ائين ڪرڻ سان مان سمجهان ٿو ته پاڪ دشمن قوتون اسلام دشمن قوتن کي عبرت ناڪ شڪست ملندي خاص طور اسرائيل ، يهودي لابي ، ڀارت جنهن جا اسلام تي بار بار حمله ٿي رهيا آهن آرام سان روڪي سگهجي ٿو ، سٽي پريس ڪلب اينڊ ڊجيلٽل نيوز اسٽوڊيو جا تجزيه نگار انور ناريجو منظور انصاري ، سيد زوار شاه ، اسد علي وسان  فقير محمد عباسي ، علي امداد ، نجيب علي جنيد ميمڻ سهيل ميمڻ وجود علي ڀيلار ديدار حسين عباسي ، سراج سولنگي ، آصف شر ، مهيوال خان  ٻيا به سعودي عربيه جي سربراهه پاڪستان جي وزيراعظم جناب عمران خان جي اهم ملاقات کي هڪ تاريخي ڪردار ادا ڪرڻ لاء اهم سمجهن ٿا هي وقت جي اهم ضرورت آهي ٻين ملڪن سان به تعلقات فوري بهتر بڻايا وڃن        

پهنجو تبصرو موڪليو