اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ٽڪ ٽاڪ گرل حريم شاهه تي قاتلاڻو حملو، حملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.حريم شاهه اسلام آباد ۾ گولرا شريف پوليس اسٽيشن تي شڪايت داخل ڪئي جنهن کانپوءِ هن تي ٿيل قاتلاڻي حملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر موجب ، حريم شاهه کي پنهنجي دوست عائشه ۽ ان جي ساٿي بهادر شير قاتلاڻو حملو ڪيو آهي.ايف آءِ آر ٻڌايو ويو آهي ته حريم شاهه کي 18 مارچ تي سندس فليٽ تي تشدد ڪيو ويو.










