فلم ’گھوسٽ اسڪول‘ سنڌ ۾ رليز ڪرڻ جي اجازت

فلم ’گھوسٽ اسڪول‘ سنڌ ۾ رليز ڪرڻ جي اجازت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): سنڌ ۾ تعليمي مسئلن کي اجاگر ڪندڙ فلم ’گھوسٽ اسڪول‘ جي رليز جي راهه هموار ٿي وئي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽن مهينن جي قانوني جدوجهد کانپوءِ فلم کي بنا ڪنهن ڪٽوتيءَ جي رليز ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. فلم جي هدايتڪار سيماب گل موجب سنڌ سينسر بورڊ طرفان فلم جا ڪجهه منظر ڪٽڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو، جنهن خلاف هن سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو. فلم جي ڪهاڻي رابعيا نالي 10 ورهين جي نينگريءَ جي چوڌاري گهمي ٿي، جيڪا پنهنجي ڳوٺ جي واحد اسڪول جي اوچتو بند ٿيڻ جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ نڪري ٿي. اسڪول بابت ڀوتن جي موجودگيءَ وارين افواهن پٺيان لڪل حقيقت ڳوليندي فلم سنڌ ۾ غيرفعال اسڪولن ۽ نياڻين جي تعليم کي پيش ايندڙ مسئلن کي اجاگر ڪري ٿي. فلم کي سنڌ ۾ رليز ڪرڻ جي اجازت ملڻ تي سيماب گل خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته سندس هميشه خواهش رهي آهي ته سنڌ جا ماڻهو هيءَ ڪهاڻي ڏسن، ڇاڪاڻ ته اها سندن ئي سماج سان لاڳاپيل آهي. فلم جي سينيماٽوگرافر زمرين وحدت افغانستان ۾ جنم وٺندڙ جرمن فلمساز آهي. هن هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو هو ته 2021ع ۾ افغانستان تي طالبان جي قبضي کانپوءِ ڇوڪرين جي تعليم ۽ عورتن جي حقن کي پيش ايندڙ خطرن سبب هي موضوع سندس لاءِ وڌيڪ اهم بڻجي ويو. زمرين وحدت موجب اهو ئي سبب آهي جو هن فلم ’گھوسٽ اسڪول‘ ۾ سينيماٽوگرافر طور ڪم ڪرڻ جو ڪو به معاوضو نه ورتو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته سنڌ ۾ رليز جي اجازت لاءِ قانوني رڪاوٽن کي منهن ڏيندڙ فلم جرمني جي گهٽ ۾ گهٽ 11 سئنيما گهرن ۾ ڏيکاري وئي آهي، جڏهن ته هلندڙ سال برلن انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ پڻ پيش ڪئي وئي هئي.هدايتڪار سيماب گل موجب فلم ’گھوسٽ اسڪول‘ 30 آڪٽوبر تي پنجاب ۽ سنڌ ۾ رليز ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو