ٽي 20 ميچ ۾ شاهين ڪلب جي منگراڻي کي شڪست

شڪارپور (عبدالخالق سومرو) چڪ شهر جي ھاءِ اسڪول گرائونڊ تي شاهين ڪلب چڪ ۽ منگراڻي ڪلب جي وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ميچ ٿي گذري، جنھن ۾ ٽاس کٽي شاهين ڪلب پهريان بيٽنگ ڪندي 312 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، جنهن ۾ سھيل مهر 85، امجد مهر ۽ سيف الله ڀيو 77 رنسون ٺاهيون، جڏھن ته جواب ۾ منگراڻي ڪلب بيٽنگ ڪندي 230 رنسن تي ڍير ٿي وئي، اهڙي طرح شاهين ڪرڪيٽ ڪلب 72 رنسن تان ميچ کٽي ورتي، ۽ 10 هزار جو ڪيش انعام پنهنجي نالي ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو