ٽرمپ هيل انصاف ڪري

ٽرمپ هيل انصاف ڪري

رياض ابڙو
عالمي طاقتن جي دماغ مان اڃان جنگ جو شِرُ نڪتو ناهي، چائينا تائيوان تان هٿ نه ٿو کڻي، ڀارت جي اڳرائي ۽ جاحيت پنهنجي جاءِ تي، اسرائيل ۽ آمريڪا جي ارڏائي ۽ سينازوري، روس يوڪرين تي بندوقون تاڻيون ويٺو آ ۽ ٽرمپ غزا جي سودي بازي جي لاءِ تيار ويٺو آ، پوءِ ڪيئن چئون ته دنيا هاڻي بايوليجڪيل وارز مان نڪري معاشي جنگيون وڙهي رهي آهي ۽ ويجهر مستقبل ۾ دنيا رڳو ترقي جي راهن تي گامزن هوندي، پر ممڪن ڪيئن آهي؟ اٽلي ڀلي پنهنجي ڪورٽ مان اها ڳالھ پاس ڪرائي ته اسرائيل ڪو ملڪ ئي ناهي ۽ نه ئي ان جو ڪو گادي جو هنڌ به آهي پر ويٽو پاور رکندڙ ملڪ جن ۾ گھڻائي مغربي ملڪن جي آهي سي اسرائيل جي پاسي بيٺا آهن جن جي نظر ۾ اسرائيل ڀلي گريٽر اسرائيل بڻجي ان ڪري ته فلسطيني ڪنهن به صورت انهن جي نظر ۽ نظريي ۾ مظلوم ناهن. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود به اها ڳالھ حيرت جهڙي آهي ته ٽرمپ پنهنجي پهرين دورِ حڪومت ۾ چين سان سفارتي تعلقات بگاڙي ويٺو هيو جو چين جا 48 سافٽ ويئر بلاڪ ڪري ڇڏيا هيائين ۽ چيني صنعتڪارن جا اڪائونٽ به آمريڪي بينڪن ۾ فريز ڪرائي ڇڏيا هيائين پر شي جن پنگ پوءِ هن جي صدراتي ڪرسي سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪيس. ٽرمپ جو غلطيون به گهڻيون آهن ته هن شخص ۾ غرور به تمام گهڻو آهي، پر هن جا رويا انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ هن جي معاشي طور ڪمزور ڪري سگهن ٿا توڻي جو 70 واري ڏهاڪي جي نيولبرل اڪانومي مان سڀ کان گهڻو فائدو آمريڪي ڪمپنيون وٺي رهيون آهن ان لبرل اڪانومي ۾ روس ۽ چين جي حصيداري نه هجڻ جي برابر آهي، جنهن تحت آمريڪي ۽ مغربي ڪمپنيون ٻارن جي کير کان وٺي ازدها جهازن تائين جي رسائي ۾ ايشيائي ملڪن ۾ ڇانئيل آهن جن جي رسد کي گهٽائي نه ٿو سگهجي، پر جي روس ۽ چين جي همت هجي ۽ انهن جي ايشيائي ملڪن ۾ همت افزائي ڪئي وڃي ته اهي پنهنجا پير ڄمائي سگهن ٿا.
تجزيا نگار هن ڀيري ٽرمپ کي اها ڳالھ سمجهائين ٿا ته هو محاز آرائي کان پاسو ڪري ان ڪري ته دنيا طبعي طور جنگي حالتن ۾ ناهي پر گهڻي ڀاڱي آهي به، ان ڪري ته انهن وڏين طاقتن جي ڪري دنيا ۾ امن نالي ڪا شيءِ ناهي، روس جا پنهنجا پاڙيسري ملڪ ٻَرِيا پيا آهن، فلسطيني حالتون سڀني جي سامهون آهن ته انهن جي اسپتالن ۾ طبي امداد جي لاءِ عملي جي کوٽ آهي، اتي ڪنهن به ايمنيسيٽي انٽرنيشنل کي اجازت نه ٿي ملي ته اهي اتي وڃي ماڻهن جي مدد ڪن يا ڊاڪٽرز وڌائوٽ بارڊرز کي نه اسرائيلي قوتون جهلين ٿيون ته اهي اتي ڪنهن قسم جي تيماداري نه ڪن، نه ته نتيجن جا زميدار پاڻ هوندا، انهن حالتن ۾ انساني حقن جون تنظيمون به خاموشي ڌَريون ويٺيون آهن، انٽرنيشنل ڪورٽ آف جسٽس به آڪٽوبر 23 کانپوءِ مس وڃي اک پٽي جو آفريڪي ملڪن انهن وٽ پٽيشن داخل ڪئي پر ان جو به ڪو کڙتيل نه نڪتو جو ڪنهن مغربي ملڪ جي اک ۾ ڳوڙهو نه آيو جو اهي ڪنهن صورت فلسطينين جي لاءِ ڪو آواز بڻجي ظلم ۽ اسرائيلي بربريت تي پنهنجو موقف پيش ڪن.
چين ۽ روس سان سفارتي تعلقات خراب ڪرڻ مان مراد ته آمريڪا پنهنجي معاشي حالت بگاڙيندو، آمريڪا جي چين جي مصنوعات تي 50 سيڪڙو ٽيڪس ۽ بدلي ۾ چين جي ٻيڻي ٽيڪس ان ڳالھ ني نشاندهي آهي ته آمريڪا معاشي، اسٽريٽجڪ ۽ بايولاجيڪل وارز ۾ پوئتي نه ٿيندو. اها ٻي ڳالھ آهي ته سي پيڪ جي منصوبن ۾ وڏي رڪاوٽ آمريڪي ايجنسين جي مداخلت به آهي جنهن کان ڪنهن کي انڪار ناهي ان ڪري ته روس جي ٽٽڻ ۾ جيترو آمريڪا اڳڀرو هيو اوترو هاڻي چين ۽ روس مخالف به آهي، پر هن معاشي جنگين جي هاڻي به آمريڪا کي ڊپلوميسي مان ڪم وٺڻو پوندو ان ڪري ته محاز آرائي مان مراد آمريڪا جا پنهنجا پروجڪيٽ به پوئتي ڪرڻ هوندو جنهن جو وڏو نقصان وري به آمريڪا جي حصي ۾ اچڻو آهي ان ڪري ته مسلمان ملڪن ۾ اينٽي اسرائيل نريٽو ڪري ويندو جو آهستي آهستي ماڻهو اسرائيلي ۽ آمريڪي ۽ ٽئين نمبر تي يورپي پروڊڪسٽس جو احتجاج ڪندا ٿا وتن جنهن جو اثر هڪ نه هڪ ڏينهن ٿيڻو ضرور آهي ان ته صنعتي انقلاب پنهنجي جاءِ پر جڏهن سي پيڪ جي منصوبن ۾ صنعتي زون لهي آيا ۽ چين هن خطي جا پاور پروجيڪٽ پورا ڪري جڏهن هتي صنعتون وڇايون ته پوءِ آمريڪا جي ايجسنين جي به تڏا ويڙھ ٿيندي ان ڪري ته جنهن جونءَ پير سان سي پيڪ جا پرجيڪٽ هلن ٿا اهي جيڪڏهن تيز رفتار ٿي پيا ته سڪي جو ٻيو پاسو آمريڪي ۽ مغربي انٽريسٽ خطري ۾ پئجي ويندا. هاڻڪي ٽرمپ جي دوري جي ڳالھ ڪجي ته اهو به هڪ ڊپلوميٽڪ دورو هيو جنهن ۾ سعودي جي شهزادين هن جي مٿان وار نڇاور ڪيا ۽ هن اهو بيان ڏئي پنهنجي جان ڇڏائي ته هاڻي فلسطين جي مدد ڪرڻي پوندي ۽ ڀارت ۽ پاڪستان جي جنگ وڌي سگهي ٿي پوءِ هن جي ڪهڙي ڳالھ تي اعتبار ڪيون جو هن ساڳي جاءِ تي ٽياڪڙي به ڪئي.
آمريڪا جي بي سبب تائيوان ۾ مداخلت ۽ يوڪرين ۾ پنهنجون (نيٽو جون) فوجون موڪلڻ به غلطي هوندي ان ڪري ته اها جنگ پوءِ دوبدو ٿي ويندي جو آمريڪا کي واپسي جو رستو نه ملندو ان ڪري اهڙين پراڪسي جنگين ۾ آمريڪا ڪڏهن سوڀارو ناهي ٿيون پوءِ اها ويٽنام جي جنگ هجي يا عراقي جنگ هجي يا هاڻي افغان وار جي ڳالھ هجي ان ڪري ته آمريڪا هرڀيري اهڙين جنگين ۾ شڪت خور ٿي واپس ٽپڙ ويڙهي ويو آهي، هاڻي به چين جي اندر مداخلت ۽ روس سان وري مهاڏو اٽڪائڻ ٽرمپ جي ڳچيءَ ۾ پوندو ۽ اها ڳالھ به واضع آهي ته غزا جي پٽي کي گولان هائيٽس سمجهڻ به يمني حوثي، شامي انصارالله کي چيڙائڻ جي مترادف هوندو اها ڳالھ به واضع آهي ته شامي حڪومت جي ڪرڻ سان روس، ترڪي، چين، ايران ۽ انهن جا امدادي گهڻو دل شڪستا ٿيا پر آمريڪا ڄڻ پنهنجي فتح جا جهنڊا لهرايا، ان ڪري ايران کي سوڙهو ڪرڻ، شامي حڪومت کي ڪيرائڻ، طالبان جي سپورٽ ۾ اٿي کڙو ٿيڻ دنيا کي پريشان ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي دنيا جي طاقتن کي چيڙائي سگهن ٿيون، توڻي جو هاڻي جي حالتن ۾ ڪو ليگ آف نيشن نه ڊهندي نه ٺهندي، نه يونائيٽيڊ نيشنز آرگنازيشن جو ڪو نالو خراب ٿيندو ان ڪري ته دنيا جي وڏا ۽ انهن وڏن ملڪن جي نظر ۾ مسلمان جي ڪا حيثيت ئي ناهي، مسلمان ملڪن ۾ هڪ بلاڪ ۾ رهڻ جي همت ناهي، مسلمان ملڪن وٽ هٿيار، افرادي قوت ۽ ايٽمي هٿيار ائين آهن جو نه دشمن کي ڊڄ آ نه دوست کي ڪو آسرو ته سڀاڻي ڪو اهو بندوق ڪنهن جي پاسي تي هلندي يا وهائي ويندي ان ڪري مسلمان ملڪن جو هڪ بلاڪ ۾ رهڻ وڏي معني ٿو رکي.
اها ڳالھ واضع آهي ته دنيا جو امن تباھ آهي، ڪو ماڻهو (هاڻي ته مسلمان عيسائي ۽ ٻڌمت به لپيٽ ۾ آهن) ته ڪير به محفوظ ناهي نه رڳو ڪشمير، افغانستان ۽ فلسطين پر هاڻي ته ٻيا ملڪ به آمريڪا سپرپاوري جي زدَ ۾ ايندا جو انهن کي به اها ڳالھ سمجهائڻ سولي ٿي پوندي ته هاڻي طاقت جي نشي ۾ ڪير آهي ته ڪير دنيا جي امن تي تباھ ٿو ڪري. حلانڪي پيوٽن هن جنگي مقابلن ۾ هاڻي ڄڻ واري جو انتظار ٿو ڪري پر حقيقت ۾ هن ڀيري ٽرمپ پاڻ زيونسٽ ۽ صيهونيت پسند قرار ڏنو آهي هو چاهي ٿو جيئن ”تِل ابيب“ کي جئن هن پنهنجي دور ۾ اسرائيل جو گادي جو هنڌ تسليم ڪيو هيو هاڻي به اسرائيلي جي پٺي ٺپي هو فلسطينين کي دربدر ڪري ويندو ۽ دنيا ڏسندي ته هي پوءِ عربن وٽ ۽ عرب هن وٽ ڪهڙو ڪنڌ کڻي هلندا، ان ڪري ته هن ڀيري هن کي وچٿرو ٿي هلڻو پوندو ان ڪري ته ”ڊيل ميڪنگ“ جو مطلب قطعن اهو ناهي ته هي سمورو ڌيان رڳو اسرائيل تي ڏئي ۽ فلسطينين کي انسان به نه سمجهي، پر اها ڳالھ سمجهڻ گهرجي ته عرب دنيا ۾ ايران شام، مصر ۽ ترڪي آمريڪي بلاڪ جو حصو نه بڻبا توڻي جو لبنان ۽ اردن اسرائيل سان ٻٽُ بيٺا آهن اهي چاهن ٿا ته غزا جي پٽي خالي ٿئي جيئن ويسٽ بينڪ تي اسرائيل آهستي آهستي قابض ٿي ويو هاڻي به غزا جي پٽي خالي ڪرائي ۽ پنهنجي لاءِ سامونڊي رستا کولي مغربي دنيا سان ڳنڍجي وڃي پر فلسطين جي وجود جو سوال عرب ملڪن کي کائي ويندو جو هنن اهڙي ڪنهن معاهدي جي ڳالھ ڪئي.
هيل عرب ملڪن جي خاص سعودي شهزادن جي ڳالھ ڳائجي ان ڪري ته انهن بحرين، اردن، ڪويت، قطر، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون آهن، انهن ڳالهين ۾ اڃان تائين ٻين مسلمان ملڪن جي ڪا سربراھ ڪانفرنس ناهي ڪوٺرائي جنهن ۾ ايشيائي ملڪ به شريڪ ٿي سگهن، حلانڪي جنگي تباھ ڪارين جي ڪري آمريڪا يا ڪو مغربي ملڪ غزا جي تعمير جي ڪا ڳالھ نه ٿو ڪري جو اتي جيڪي 20 لک فلسطيني رهن ٿا انهن جو 53 راب ڊالرن کان به وڌيڪ مالي نقصان ٿي ويو آهي، جتي دوائن جي کوٽ سبب زخمي شهيد ٿيندا پيا وڃن پر مغربي ملڪ ۾ اها ڳالھ آهي ته جيئن آمريڪا ڪري ان ڪري ٽرمپ هيل ٻٽي پاليسي هلي ۽ جتي مسلمان کي ناراض ڪرڻ جا سنباها ٿو ڪري اتي ڪجھ مسلمان ملڪن جي لاءِ به ڪري ته جيئن دنيا آمريڪا جو انصاف ڏسي.

پهنجو تبصرو موڪليو