واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي ايوان صدر جي اسپيڪر نينسي پلوسي چيو آهي ته جيڪڏهن صدر ٽرمپ فوري طور تي استعيفيٰ نه ڏيندو ، سندس مواخذو ڪيو ويندو.اسپيڪر نينسي پلوسي چيو آهي ته جيڪڏهن صدر ٽرمپ فوري طور استعيفيٰ نه ڏني ته ايوان هن جي خلاف ڪيپيٽل هل واقعي جي حوصلا افزائي جي لاءِ هن جي مواخذي جي تحريڪ تي قدم کڻندو.ايوان صدر جا ميمبر اميد ڪن ٿا ته ٽرمپ فوري طور تي استعيفيٰ ڏيندو ، پر جيڪڏهن هو استعيفا نه ٿو ڏي ته مون صدر جي مواخذي لاءِ رولز ڪميٽي تشڪيل ڏني آهي جيڪا ڪانگريسز رڪن جيمي راسڪن سان ملي صدر جي مواخذي لاءِ 25 ويهين ترميم قانون سازي جي تحت تحريڪ پيش ڪرڻ جي تياري ڪندي ڪانگريس و ٽ 25ويهين ترميم يا مواخذي جي ذريعي صدر کي فوري طور تي هٽائڻ جا آپشن موجود آهن.هن چيو ته وائيٽ هائوس ۾ ٽرمپ جو هر ڏينهن آمريڪا لاءِ انتهائي غير محفوظ آهي.اسپيڪر چيو ته ايوان وٽ هر اختيار آهي ، بشمول 25 هين ترميم ، مواخذي جي تحريڪ ۽ قرارداد ، ٽرمپ کي هٽائڻ لاءِ.










