رمشا نذير
اسان جڏھن ٻاروتڻ واري وقت کي پوئتي ڇڏي بالغپڻي واري ڏاڪي تي قدم رکون ٿا تہ اسان جو ڪجھ قدر رجھان اسان جي ابتڙ جنس (ڇوڪرن جو ڇوڪرين پاسي، ۽ ڇوڪرين جو ڇوڪرن پاسي) بہ ٿيڻ شروع ڪري ٿو. جيڪو قدرتي نظام جي حوالي سان ڪو غلط عمل ناھي ۽ فرائيڊ بہ ھڪ ھنڌ چيو آھي ته ٫٫مخالف جنسيت جو معاملو انسان وٽ پيدا ٿيڻ سان ئي هوندو آهي مطلب جيئن ننڍو ڇوڪرو آهي ته اهو پنهنجي ماء ڏانهن ڇِڪَ کائيندو آهي ۽ ڇوڪري پنهنجي پيء ڏانهن،
فرائيڊ چوندو آھي ته اسان کي پنھنجن جذباتن کي قابو نه رکڻ گھرجي. ننڍپڻ ۾ ھڪ ٻار کي جيڪا ڪيئر، پيار ۽ توجھ ڏيڻ گھرجي سا ناھي ملندي ڪن سببن جي ڪري ۽ جڏھن وڏو ٿيندو آھي ته ھو اُھي سڀ شيون ٻاھر ڳولھيندو آھي. انھن سڀني جا مخلتف نتيجا نڪرندا آھن. يا ته ھو به ماءُ پي وانگر اگريسِو ٿي ويندا آھن يا وري ڊڄڻا. ڊڄڻو ماڻھو جلدي استعمال ٿي ويندو آھي ۽ اگريسِو ماڻھو صرف ٽائيم پاس ڪندو بدلو (روينج) وٺندو سائيڪالاجي جي حساب سان.
ائين ئي محبت جو ٿيڻ فطري عمل آھي ۽ رڳو جذبن، احساسن تائين محدود ناھي اھا جنسي بک آھي تہ فطرت به پڻ آھي. پر ھن وقت اسان پنھنجي روزمره جي زندگيءَ ۾ ٽائيم پاس جھڙو لفظ الائي ڪيترا ڀيرا نوجوانن کان ٻڌندا رھون ٿا، ڏٺو وڃي تہ اسان جي ھن دور ۾ ٽائيم پاس يا احساسن سان کيڏڻ واري راند ايڏي تيزيءَ سان وڌي رھي آھي، جيڪا پڻ اسان جي نوجوانن (ڇوڪرين توڙي ڇوڪرن) جي زندگين تي منفي اثر وجھي رھي آھي. جيترو اسان جا نوجوان شعور ڏانھن قدم وڌائڻ جي جٽادار ڪوشش ڪري رھيا آھن ايترو ئي ھو پنھنجو وقت پنھنجي منفي جنس جي پويان وڃائي بہ رھيا آھن.
اگر اسان سوشل ميڊيا (فيس بڪ) يا وري پنھنجي عام زندگيءَ تي ٿورو ڌيان ڌريون تہ اڄ ڪلھ جي نوجوانن خاص ڪري ڇوڪرن جو ھڪڙو ئي روئڻ آھي، ٫٫ڪا ڇوڪري نٿي ملي،،.
مون پنھنجي ورسٽيءَ واري وقت ٽن سالن ۾ انھي ڳالھ کي تمام گھڻو محسوس ڪيو آھي تہ اسان جي نوجوانن انھي کي ايڏو تہ ضروري ڪري ڇڏيو آھي جو ھو ھر وقت انھي ئي ڪوشش ۾ رھن ٿا تہ من ڪا ڇوڪري اسان سان ڳالھائي پوءِ ڀل تہ اھي ڪيترين ئي ڇوڪرين سان ڳالھائيندڙ ھجن يا محبت جي داوا ڪندڙ ھجن، ساڳيو ئي حال اسان جي ڇوڪرين واري پاسي بہ آھي، ڪنھن ھڪ سان محبت جي داوا ڪندي، ھو پوءِ بہ ڪنھن بھتر جي تلاش ۾ رھن ٿيون.
ڏٺو وڃي تہ اھا ڪا عام ڳالھ ناھي، آئون گھڻي سوچ ويچار ۽ غور و فڪر ڪرڻ کان پوءِ انھي نتيجي تي پھتيس تہ اھو سڀ ذھني نفسياتي مسئلو آھي،
ڇا توھان ڪڏھن سوچو آھي، تہ اڄ ڪلھ جا نوجوان ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا ھڪ ٻئي جي ايڏو ويجھو ڇو اچي رھيا آھن؟ ۽ ھڪ ٻئي جي لاءِ پيدا ٿيل جذباتن سان ڇو کيڏي رھيا آھن؟ ڇو ايڏي ضرورت محسوس ڪري رھيا آھن؟ ۽ انھن جو اثر ڪھڙو پئجي رھيو آھي؟
نہ! اسان وٽ تہ ايترو وقت ئي ناھي اھو سڀ سوچڻ جو، ڇو تہ اسان کي تہ بس ڪوئي اھڙو گھرجي، جيڪو اسان جو خيال رکي، وقت ڏي ۽ محبت جا ڪي ٻول ٻولي، جنھن جي اسان تمام گھڻي ضرورت محسوس ڪري رھيون آھيون ۽ انھي جستجو ۾ آھيون تہ من ڪو ملي پوي.
مون گھڻي ڪوشش ۽ پنھنجي پھچ وارن سان ان موضوع تي ڳالھ ٻول ڪئي جنھن سان منھنجي اڳيان ھن مسئلي جا گھڻا ئي ڪارڻ سامھو آيا آھن، جن کي بيان ڪرڻ جي ننڍڙي ڪوشش ڪري رھي آھيان جيتوڻيڪ تہ اھو ھڪڙو وسيع موضوع آھي.
پھريون ڪارڻ والدين
جڏھن اسان بالغپڻي جي عمر ۾ قدم رکون ٿا تہ اسان کي گھڻي کان گھڻو والدين جو وقت درڪار ھوندو آھي جنھن ۾ ھو اسان سان دوستاڻو رويو اختيار ڪندي اسان جي ضرورت کي سمجھن، ۽ اسان سان اسان جي مسئلن بابت ڳالھائن. اسان کي ھر موضوع تي سمجھائن ۽ يقين ڌياني ڏيارين تہ والدين اسان جا دوست آھن، پر اسان وٽ احترام ادب جا تقازہ ايترا تہ وڌي ويا آھن جو اسان جا والدين شعوري توڙي لاشعوري، اسان ۾ ادب ۽ اخلاق جي نالي تي اسان جي دلين ۾ پنھنجي لاءِ خوف ۽ حراس پيدا ڪري رھيا آھن، جنھن جي ڪري اسان والدين سان ڪا بہ ڳالھ نٿا ڪري سگھون يا انھن سان گڏ ويھي پنھنجي ڪنھن مسئلي تي ڳالھائي نٿا سگھون، نہ ئي پنھنجي ڪنھن غلطيءَ جو کلي دل سان اعتراف ٿا ڪري سگھون. انھي ڪارڻ جو وڌ ۾ وڌ اثر خاص ڪري نوجوان ڇوڪرين تي وڌيڪ پوي ٿو، جنھن جي ڪري اھا پنھنجي والدين کان باغي ٿي وڃي ٿي ۽ پوءِ اھو وقت، محبت، خيال سڀ ٻاھر تلاش ڪري ٿي، ان جي ھر احساس ۾ ايتري شدت اچي وڃي ٿي جو ھو بس پنھنجي دل ۾ پيدا ٿيل ان خال کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رھي ٿي. ۽ بھتر کان بھتر جي تلاش ۾ رھي ٿي، ۽ نہ ڄاڻ ڪيترن ڇوڪرن جي احساسن سان کيڏي وڃي ٿي جنھن جو ان کي بہ احساس ناھي ھوندو، توڙي جو نوجوان ڇوڪرن جو بہ حال انھي کان گھڻو مختلف ناھي. پوءِ اھڙي قسم جي نوجوانن جو حال اھو ئي ٿي ويندو آھي جيئن ھن سٽ ۾ بيان ٿيل آھي،
٫کبھی اس کے در، کبھی اس کے در، کبھی دربدر،،
ٻيو ڪارڻ ماحول
اسان پنھنجي نوجوانن کي ايترو تہ قيد ڪري ٿا ڇڏيون، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي ھڪ ٻئي کان ائين پري ٿا ڪري رکون جھڙوڪ ھو ٻئي جدا جدا مخلوق ھجن، ڀلي تہ اسان پنھنجي معاشري جي قدرن جو خيال ٿا ڪيون پر جڏھن بہ جنھن ڳالھ تي سختي ٿيندي آئي آھي انھي ۾ وڌ کان وڌ واڌارو ئي ايندو آيو آھي، اسان ڪڏھن نوجوانن کي اھو ماحول ڏئي ناھيون سگھيا جو ھو ڪنھن ابتڙ جنس سان پنھنجي ڪنھن ڳالھ جو کلي دل سان اعتراف ڪري سگھن يا ڪنھن مسئلي تي ڳالهائي سگھن پوءِ جڏھن ھو ھڪ ٻئي جي ويجھو اچن ٿا، ھڪ ٻئي کي وقت ڏين ٿا، (ڪنھن بہ بھاني) تہ پوءِ ھنن جا احساس شدت اختيار ڪري وٺن ٿا. ۽ ٻئي ھڪ ٻي جي ويجھو ٿي وڃن ٿا.
ٽيون ڪارڻ
ڇڪ/اٽريڪشن ۽ محبت وچ ۾ فرق نہ ڪري سگھجڻ
ٿيندو ائين آھي جو اسان کي ڪو ماڻھو پاڻ ڏانھن مائل ڪرڻ لڳندو آھي ۽ اسان ان کي محبت سمجھي وٺندا آھيون جيڪا ھوندي ناھي، پوءِ ان جو نتيجو اھو نڪرندو آھي تہ ڪو ھڪ انھي ڇڪ مان ٻاھر نڪري ايندو آھي جيئن ڪا شيءِ وٺڻ جي تمام گھڻي جستجو ھوندي آھي پر اھا حاصل ٿي وڃڻ کان پوءِ اھو تجسس اھا جستجو ختم ٿي ويندي آھي پر ان جو اھو مطلب ناھي تہ ھميشہ ائين ھوندو، پر ھاڻي گھڻو تڻون اھو ئي روشو عام آھي. جڏھن تہ ڇڪ (اٽريڪشن) جو وڌ ۾ وڌ دورانيو سال ھوندو آھي. (منھنجي مطابق)
چوٿون ڪارڻ بک ۽ خواھشن جي پوري ڪرڻ جو جنون
ھن وقت جيڪي محبتون يا وچن واعدا ڪيا وڃن ٿا انھن ۾ جنسي خواھشن سان گڏ بک جو عمل دخل گھڻو آھي ڇو جو جيڪو ماڻھون شروع کان بکيو رھيو آھي يقينن اڳيان ڪجھ ڏسي وڌيڪ ڇتو ٿيندو ۽ جڏھن ڍوء ٿيندو اٿس ته پوء انھن سڀن جذبن کان لاتعلق بڻجي ويندو آھي ۽ ٻين جي جذبن احساسن سان کيڏڻ شروع ڪندو آھي، يا وري سامھون ڏسي بہ ان بکايل کي ڪجھ ناھي ملندو تہ ھو نيٺ نا اميد ٿي رشتن سان لاتعلقي ڪري ويھندو آھي.
ٻيو عمل ھن وقت لالچ پڻ آھي ڇوڪريون اڪثر ڪري محبت جو ڄار ان ڪري به وڇائينديون آھن جو پنھنجون خواھشن کي پورو ڪري سگھن جيئن ،ٻاھر جو کاڌو، مھانگا تحفا، ڪپڙا، موبائل مطلب پيسو وغيره سڀ. ھو پوءِ ان لاءِ ڪجھ بہ ڪري سگھنديون آھن.
نتيجا
انھي سڃي عمل جا ڪي خاص مثبت اثر ٿي ئي نٿا سگھن، گھڻي کان گھڻو انھي سڃي عمل جو ٻنھي ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين جي زندگيءَ تي تہ منفي اثر پوي ئي ٿو پر انھن سان گڏ نوجوانن جا پنھنجا بہ لوڙيندا آھن. جنھن ۾ بليڪ ميلنگ پڻ شامل آھي پوءِ اھا ٻنھي طرفن کان ممڪن آھي. آپگھات جھڙن مسئلن جي وڌڻ کي پڻ انھي عمل ڀرپور ھٿي ڏني آھي. تنھن کان سواءِ ڪيترا ئي نوجوان نفسياتي مريض بڻجي پنھنجي مستقبل کي خراب ڪري ٿا ڇڏين يا وري جرمن ۽ ڏوھن وارو رستو اختيار ڪري انھن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪن ٿا..
نہ ڄاڻ روز ڪيترا ئي اھڙا ڪيس اڳيان ايندا رھن ٿا جيڪي ڪجھ ڏينھن جي روشي کان پوءِ پاسي ٿيو وڃن ۽ ڪيتريون ئي زندگيون خراب ٿيو وڃن جن جو شايد اندازو بہ نٿو ھڻي سگھجي.ان لاءِ والدين پنھنجي ٻارن کي وڌ کان وڌ سمجھن، انھن کي وقت ڏين اھڙو ماحول مھيا ڪن تہ جيئن ٻار پنھنجا ننڍي کان ننڍا مسئلا والدين سان کلي ونڊي سگھن
sainbhambhro766@gmail.com










