يوڪرين تي مڙهيل جنگ، وھندڙ رت جو ذميوار ڪير؟

يوڪرين تي مڙهيل جنگ، وھندڙ رت جو ذميوار ڪير؟

ليکڪ محمد اظھر  رند

هن ڌرتيءَ جي گولي ته ويڙهه جنگون سان تاريخ ڀري پئي آهي هتي امن  سڪون نالي ماتر آهي اوائلي دورن ۾ انسان جي زندگيءَ محدود هجڻ ڪري پرسڪون گذاريندو هو جئين جئين انساني آبادي ۾ واڌرو ايندو ويو تئين تئين انسان قبائلي ذات پاتن نسلن قومن ۾ ورهائجي ويو اتان کان پوءِ انسان پنهنجي طاقت زورآزمائي ڪرڻ لاءِ قوميت نسلن کي اهميت ڏيندي عقلمند انسان پاڻ کي مضبوط تصوير ڪرڻ سان طاقت ۾ تبديل ڪيو پوءِ آهستي آهستي آبادي جو ريشو ۾ اضافو اچڻ ڪري ويڙهن مان ڳوٺ ڳوٺن مان شهر بڻجي ويا جنهن جي ڪري دنيا ۾ رياستون ملڪ حدون جوڙيو هن هزارين سالن جي وقت ۾ انسان انا جو مسئلو ان جي ڳيچي ۾ رسو لٽڪيل آهي جنهن رنگ نسل رت جي رشتن کي اهميت ڏيندي ٻئي انسان جو سرعام قتل غارت رت جي راند ڪئي آهي پر هن خطي ۾ انسان هڪ اشرف مخلوقات جو درجو مليل آهي پر ان جا ليڪا لتاڙن ۾ رڪارڊ ڄمائي ڇڏيا آهن جنگون سان دنيا جي خطي ۾ جو خوشحالي نه ايندي اڃان تباهي بربادي جا آثار جوڙيندا آهن انسان جون قيمتي جانيون موت جو شڪار ٿين ٿيون تازو ئي روس جي يوڪرين سان جنگ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي جنهن سان ٽن ڏينهن ۾ 200 کان مٿي انسان  موت جو کاڄ بڻيا آهن يوڪرين يورپ جو ٿڌو ملڪ آهي هتان جي ماڻهن جون اکيون نيريون ۽ تمام گهڻا خوبصورت آهن هي ملڪ يورپ ۾ روس کان پوءِ سڀ کان وڏو ملڪ آهي ان جون سرحدون اوڀر ۽ اتر اوڀر ۾ روس سان اتر ۾ بيلاروس سان اولهه ۾ پولينڊ سلوواڪا ۽ هنگري سان ڏکڻ ۾ رومانيا ۽ مالدووا سان ملن ٿيون هن ملڪ جو ڪئيف گانڌي   وارو شهر آهي هن جي آبادي 2021ع ۾ 2962180هئي هن جو اهو شهر ڪرنگهي واري حيثيت رکي ٿو اهو شهر 1934 ع کان هن ملڪ جو گاڌي جو شهر رهيو آهي 2014ع ۾ روس ڪرائميا جي اپٻيٽ کي وفاق ۾ شامل ڪري ڇڏيو جنهن ته روس ۽ يوڪرين وچ ۾ تڪرار جي شروعات شروع ٿي يوڪرين پهرين نومبر 1918ع ۾ سويت سوشلسٽ ريپلبڪ ٿيو ۽ 22 جنوري 1919 ع ۾ سوويت يونين ۾ شامل ٿي ويو 24 آگسٽ 1991ع تي يوڪرين جي سوشلسٽ ريپبلڪ واري پارليامنٽ سوويت يونين کان آزاديءَ جو اعلان ڪيو ۽ ريفريڊم پهرين ڊسمبر ته ٿيندڙ چونڊن ۾ يوڪرين جو عوام آزاديءَ جي حق ۾ ووٽ ذريعي پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيو آزادي ماڻن بعد يوڪرين جو آئين 28 جون 1996ع ۾ نافذ ڪيو ويو جنهن تحت هڪ وحداني رياست بنياد پيو جتي نيم صدراتي نظام قائم آهي  1993ع ۾ آئين ذريعي وفاقي نيم صدارتي نظام قائم ڪيو ويو سن 2000ع کان وٺي هن ملڪ جو صدر ولاديمير پيوٽن آهي هي يوڪرين ملڪ معشيت جي اعتبار سان مضبوط ترين تسليم ڪيو ويندو آهي روس ۽ يوڪرين ۾ جهڙي سان عالمي کاڌ جو وڏو بحران پيدا ٿيڻ جو انديشو ظاهر ٿي رهيو آهي جنهن سان غربت لڪير هيٺ ملڪن ۾ بک بدحالي جي سونامي اچڻ طرف حالات وڃي رهيا آهن اهڙي صورتحال ته آمريڪا سميت نيٽو ملڪن جي اتحاد طرفان روس ته معاشي پاپنديون لاڳو ڪيو ويو آهن اتي هن ملڪ جو وزيراعظم عمران خان روس سان تجارت جي منصوبن ته معاهدا ڪري رهيو آهي جنهن جي تبصرن سٺو سوڻ نه قرار ڏي رهيا آهن يوڪرين جي صدر کي ڪيترائين ملڪن مان ملڪ بدر ٿيڻ ۽ انهن وٽ رهائش جو بندوبست ڪرڻ جا دعوتون ڏي رهيا آهن پر يوڪرين جو صدر انهن سڀني آفرن کي ٺڪرائيندي پاڻ پنهنجي فوج ۽ ملڪ جي شهرين سان گڏ بيٺو آهي روس کي گهرجي ته يوڪرين سان ڳالهين ذريعي ٺاهه ڪري ويڙهه تان هٿ کڻڻ گهرجي ته جئين وڌيڪ انساني جانين جو رت وهي نه سگهي ۽ خطي ۾ امن جي لاٽ ٻري ڀائيچارو پيدا ٿي .ان ته ڀٽائي سرڪار هن ريت چيو آهي ته

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار

دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين .

پهنجو تبصرو موڪليو