يهودي فلسطيني نواز صحافڻ نوڪري تان برطرف

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي خبرن واري ايجنسي مبينا طور تي هڪ عورت صحافي کي فلسطين جي حق ۾ سوشل ميڊيا  تي بيان ڏيڻ تان برطرف ڪري ڇڏيو.ايسوسيئيٽڊ پريس (اي پي) گذريل هفتي 22 سالن جي عورت صحافي ايملي ولڊر کي برطرف ڪري ڇڏيو جڏهن غزه تي اسرائيلي حملن ۾ اضافو ٿيو. اي پي چيو ته ايملي ولڊر سوشل ميڊيا پاليسي جي ڀڃڪڙي تي ڪڍيو ويو آهي ، پر اهو نه ٻڌايو ويو ته ”خلاف ورزي“ ڪهڙي هئي.ٻي طرف ، عورت صحافي ٻڌايو ته ان کي شاگردي واري  ڏينهن دوران فلسطينين جي حق ۾ ڳالهائڻ جي سزا ڏني وئي آهي ،اميلي پاڻ هڪ يهودي خاندان سان تعلق رکي ٿي ۽ هڪ شاگرد طور تي هوءَ فلسطين ۾ ايملي يونيورسٽي جي شاگردن جي انصاف ۽ يهودي وائس فار پيس جي پليٽ فارم تي يهوديت  جي خلاف ڳالهايو هو ايملي ولڊر ، آمريڪا جي اسٽينفورڊ يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪئي آهي ، ٻه هفتا اڳ ئي ايسوسيئيڊ پريس ۾ نوڪري حاصل ڪئي آهي.اي پي ايملي ولڊر جي برطرفي تي تنقيد کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ مطالبو ڪيو پيو وڃي ته عورت صحافي کي بحال ڪيو وڃي ۽ معافي گهري وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو