ونڊوز 10 آپريٽنگ سسٽم کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جو اعلان

ونڊوز 10 آپريٽنگ سسٽم کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) مائيڪرو سافٽ ونڊوز 10 آپريٽنگ سسٽم کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب مائيڪرو سافٽ سموري دنيا ۾ ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙ صارفين جي لاءِ اهم اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب 14 آڪٽوبر 2025 تي ونڊوز 10 آپريٽنگ سسٽم جي لاءِ سپورٽ کي مڪمل طور تي ختم ڪيو ويندو.مائيڪرو سافٽ چيو آهي ته 14 آڪٽوبر 2025 کان پوءِ ونڊوز 10 استعمال ڪندڙ صارفين کي نه صرف ٽيڪنيڪل سپورٽ پر سيڪيورٽي اپ ڊيٽس ۽ فيچر اپ گريڊز به دستياب نه هوندا.ٻئي طرف ماهرين چيو آهي ته مائيڪرو سافٽ جي انهي قدم کان پوءِ پراڻي سسٽم ۾ وائرس ۽ ميل ويئر جا خطرا وڌي ويندا. ياد رهي ته ونڊوز 10 گذريل هڪ ڏهاڪي کان ذاتي ڪمپيوٽنگ جي دنيا جو سڀني کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ آپريٽنگ سسٽم رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو