وفاقي حڪومت ۽ وزير اعظم جانوان بحران !

وفاقي حڪومت ۽ وزير اعظم جانوان بحران !

علي محمد ميمڻ
ملڪ ۾ وفاقي حڪومت ظاهري طور تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي مشروط حمايت جي آڌار تي اڪيلي سر هلي رهي آهي ۽ وزير اعظم ميان شهباز شريف جي قيادت ۾ سنڌي واري چواڻي موجب” ڍڳو پير پيران “ واري رمز تي هلي رهي آهي. شينهن واري هن حڪومت جي هن وقت تائين جي جيڪا ڪارڪردگي آهي اها به ڪا اهڙي نظر نه ٿي اچي جو سندس ڪنهن ڪم ۽ ڪارڪردگي جي ساراهه ڪري سگهجي يا ڳڻپ ڪري سگهجي. حڪومت جي جيڪا صورتحال آهي ان موجب، اردوء جو هي محاورو يا چواڻي ٺهڪي ٿي اچي ته ” نه خوبيء انجن اور نه ڪمال ڊرائيور، چلي جارهي هي خدا ڪي سهاري . “باقي جيئن ڏينهن گذرن پيا ته حڪمران جماعت، مسلم ليگ نواز جي اندروني ڇڪتاڻ پڻ حڪومت ۽ وزير اعظم ميان شهباز شريف کي وڌيڪ ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. ميان شهباز شريف جيڪو گذريل 6 سالن کان مسلم ليگ نواز جو آئيني طور تي صدر هو ۽ حڪمران جماعت جيڪا اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽرڊ هئي اهاميان شهباز شريف جي نالي منتقل ٿيل هئي پر ميان نواز شريف هن حڪمران جماعت جي صدارت جي پڳ ميان شهباز شريف کان لهرائي پاڻ پائي ورتي آهي ۽ هاڻي حڪمران جماعت جو مالڪ وڏو شينهن ميان نواز شريف پاڻ ٿي ويو آهي ۽ وزير اعظم ميان شهباز شريف جي هاڻوڪو عهدو پڻ هاڻي سڌو سنئون مسلم ليگ نواز جي صدر ۽ مالڪ ميان نواز شريف جي هٿن ۾ ۽ ان جي رحم وڪرم تي ٿي ويو آهي. يعني هاڻي وزير اعظم ميان شهباز شريف کي پنهنجي حڪومت جي سمورن فيصلن جااختيار پڻ اڻ سڌي طرح جماعت جي صدر ميان نواز شريف جي حوالي ڪرڻا پئجي ويا آهن.
وزير اعظم ميان شهباز شريف هن وقت تمام گهڻي ڏکي ۽ نئين آزمائشن واري صورتحال جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ حڪومت جا انتظام هڪ وزير اعظم ۽ حڪومت جي چيف ايگزيڪٽو طور هلائڻ بجاء سخت دٻاء واري حالت جو شڪار ٿيندو نظر اچي رهيو آهي. گذريل ڏينهن 28 مئي تي اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف جي دور ۾ ملڪ ۾ ڪيل ايٽمي ڌماڪن واري ڏينهن کي حڪومت طرفان اوچتو رات دير سان ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ان ڏينهن ملڪ جي اخبارن ۽ ٽي وي چينلن ۾ ايٽمي ڌماڪن بابت اشتهار پڻ شائع ڪيا ويا جنهن ۾ ملڪ کي ايٽمي قوت بنائيندڙ باني ذوالفقار علي ڀٽو جي تصوير سان گڏ ميان نواز شريف جي تصوير پڻ لڳائي وئي ۽ ملڪ جي سائنسدانن کي پڻ مڃتا ۽ خراج تحسين پيش ڪيو ويو. نه ته هن کان اڳ صرف ميان نواز شريف ئي پاڻ کي ايٽمي پروگرام جو باني ۽ مالڪ سمجهڻ ۽ قرار ڏيڻ واري مستي ۾ مبتلا رهيو جنهن جي نتيجي ۾ فيبروري واري چونڊ مهم ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو طرفان پنهنجي پنجاب جي انتخابي جلسن کي خطاب ۾”ميان نواز شريف کي ذوالفقار علي ڀٽو جيايٽمي پروگرام جو چور “ قرار ڏيندو رهيو .پر هن ڀيري جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو جي ايٽمي پروگرام جي باني واري مڃتا کي مڃيو ويو ته پيپلز پارٽي جي سنڌ ۽ بلوچستان حڪومتن طرفان پڻ 28مئي تي وفاقي حڪومت جي ڪيل فيصلي کي قبوليو ويو ۽ عام موڪل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
حڪمران جماعت مسلم ليگ نواز جي سياست ڪاري ۾ هن وقت جيڪا ڀنڃ ڊاهه ۽ تبديلي پيدا ٿي آهي ان صورتحال ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ٻين اتحادي جماعتن سان ٻه طرفان معاملا طي ڪرڻ ۽ هلائڻ وارا اختيار عملي طور تي وزير اعظم ميان شهباز شريف کان پارٽي جي صدر ميان نواز شريف کي منتقل ٿي ويا آهن ۽ وزير اعظم جي عملي طور تي حيثيت اها ساڳي نه رهي آهي جيڪا حڪومت جي جوڙجڪ ڪرڻ وقت هئي. اهڙي صورتحال ۾ اتحادي ڌرين خاص طور تي حڪومت جي سڀ کان وڏي اتحادي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ مسلم ليگ نواز ۾ پيدا ٿيل تازي اٿل پٿل ۽ اختيارن جي منتقلي وارا معاملا يقينن فڪرمندي ۽ ڳڻتي جو سبب ضرور بڻيل آهن. جڏهن ته ٻئي پاسي، مسلم ليگ جي نئون بحال ٿيل صدر ميان نواز شريف، مخالف ڌر جي سڀ کان وڏي جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ان جي سربراهه عمران خان خلاف سڌي ريت سخت مخالفت وارو سلسلو نه صرف شروع ڪري وڌو آهي پر ان سان ڳالهيون ڪرڻ واري عمل جي پڻ سخت مخالفت ڪئي پئي وڃي. اهڙي ريت، وزير اعظم ميان شهباز شريف طرفان پڻ گذريل ڏينهن هڪ سرڪاري تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان ۽ پي ٽي آء کي سختي سان نه صرف للڪاريو ويو پر عدالتن جي حوالي سان پڻ ڪافي اڻوڻندڙ خطاب ڪيو ۽ عدالتن ۾ موجود ڪجهه ججن کي عمران خان کي آزاد ڪرڻ جي مهم ۾ ملوث قرار ڏنو ۽ سخت ڇوهه ڇنڊيا ويا.
وزير اعظم جي خطاب مان صاف طور تي ائين معلوم ٿي رهيو آهي ته حڪومت مخالف ڌر سان ڳالهيون ڪرڻ ۽ ملڪ جي معاملن کي سمجهداري ۽ بردباري سان هلائڻ واري حڪمت ، ڏاهپ ۽ صبر جو پلاند هٿ مان ڇڏي ڏنو آهي . ممڪن آهي ته مسلم ليگ نواز جي هاڻوڪي ٿيل تنظيمي اٿل پٿل بعد پيدا ٿيل صورتحال ۽ هدايتن جي روشني ۾ اهو چيو ۽ ڪيو ويو هجي پر ان صورتحال مان حڪومت جو دٻاء ۾ اچڻ ۽ مخالف ڌر واري سياست ۽ مهم جي وڌيڪ ڪامياب ۽ مقبول ٿيڻ لاء وڌيڪ ماحول ۽ رستا هموار ٿيندي نظر اچي رهيا آهن. ملڪ جي پارليامينٽ ۾ حڪومت سازي لاء ميمبرن جي سادي اڪثريت جي تعداد به حاصل نه هجڻ جي باوجود خوش قسمتي سان پاڪستان پيپلز پارٽي جهڙي پراڻي ۽ مضبوط سياسي جماعت جي اتحاد ۽ حمايت سبب هن اقليتي جماعت کي وفاق ۽ پنجاب ۾ معجزاتي طور تي يا لاٽري کلڻ واري طريقيڪار موجب اڪثريت جي حمايت حاصل ٿيڻ ڪري حڪومت ملي ويئي آهي ته ان تي سيني ساهڻ ۽ اتحادين ۽ مخالفن کي اکيون ڏيکارڻ وارو طريقيڪار ڪنهن به صورت ۾ عقلمندي وارو رستو نه آهي. شايد اها ئي اها صورتحال آهي جو حڪومت جي اهم اتحادي ڌر پاڪستان پيپلز پارٽي ان صورتحال جو حساب ڪتاب ۽ اڳواٽ ڪاٿو لڳائڻ بعد هڪ پاسي ويهي رهي آهي ۽ صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان حڪومت جي راند کي حڪمران جماعت مسلم ليگ ن جي صدر ميان نواز شريف ۽ وزير اعظم ميان شهباز شريف تي ڇڏي ملڪ کان ٻاهر وڃي ويهي رهيا آهن ۽ اتي ويهي حڪومت جي ڪارگذاري ڏسي رهيا آهن ۽ ملڪ ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ ايندڙ سياسي طوفانن جو اندازو لڳائي رهيا آهن.
حڪومت ۽ اقتدار يقينن ڪڏهن به ڪنهن جو ٿيو آهي ۽ نه ئي سدا اهو ڪنهن سان رهڻو آهي تنهن ڪري حڪومت ۽ اقتدار وارن ڏينهن ۾ وڌيڪ صبر ۽ بردباري جي ضرورت ٿئي ٿي. حڪومت گهڻو وقت هلي به تڏهن سگهي ٿي جڏهن هن ۾ معاملا فهم ٿيڻ وارو جذبو هجي، هر هڪ ڌر ۽ سائل جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ سنجيدگي هجي ۽ پنهنجي ڪارڪردگي جي بهتري سان پنهنجي قبوليت ۽ مقبوليت ۾ اضافو ڪيو وڃي پر حڪمران جماعت ۽ حڪومت جي تازي صورتحال پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻڻ واري وڌيڪ لڳي رهي آهي. جڏهن ته ٻئي پاسي، حڪومت جي جنهن ڌر جي اتحاد تحت قائم آهي اها پڻ حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ اتحادي ڌرين کي خلوص نيت سان پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ واري جذبي کان گهڻي ڀرپور نظر نه اچي رهي آهي.خاص طور تي هاڻي جڏهن حڪومت جا سمورا معاملا ئي حڪمران جماعت جي صدر کي منتقل ٿي رهيا آهن ته اهڙي صورتحال ۾ وزير اعظم جي پنهنجي اختيارن ۽ حڪومتي معاملن جي فيصلن جي صورتحال ڇا وڃي بيهندي اهي معاملا پڻ بنيادي سوال بنجي ويا آهن.
حڪمران ڌرين ۾ اقتدار ۾ شراڪت ، پارلياماني ڪاميٽين جي جوڙجڪ ۽ ورهاست سان گڏوگڏ پاڪستان پيپلز پارٽي جو حڪومت کي ملندڙ سهڪار ۽ مدد آخرڪار ڪيتري ۽ ڪهڙي قيمت تي جاري رهڻو آهي ۽ وفاق ۽ پنجاب وفاق ۽ پنجاب حڪومتن ۾ مسلم ليگ نواز طرفان شراڪت اقتدار ۽ وزارتن ۾ حصيداري ۽ ڪيتري تعداد هجڻ گهرجي ان بابت هلندڙ ڳالهيون ڪهڙي صورت اختيار ڪنديون انهن معاملن بابت امڪاني طور تي وفاقي حڪومت طرفان نئين مالي سال-25 2024 جو بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ منظوري لاء پيش ڪرڻ ۽ بجيٽ جي منظوري لاء ڳالهيون پڻ حڪومت جي ٻنهي اتحادي ڌرين ۾ فيصلائتي صورت اختيار ڪري سگهن ٿيون. ظاهري ۽ امڪاني طور تي پاڪستان پيپلز پارٽي مسلم ليگ نواز سان پنهنجو اتحاد برقرار رکڻ جي حق ۾ نظر اچي ٿي پر حڪمران جماعت جي صدارت وزير اعظم ميان شهباز شريف کان وٺي ميان نواز شريف جي حوالي ٿيڻ کي سٺو سئنوڻ قرار نه ٿوڏئي سگهجي. ڇاڪاڻ جو ميان نواز شريف سان پاڪستان پيپلز پارٽي جا ماضي جا تجربا ڪي گهڻا سٺا نه رهيا آهن. مسلم ليگ ن جي حڪومت هئڻ جي باوجود ميان نواز شريف طرفان حڪمران جماعت جي هن وقت صدارت پاڻ وٽ ڇڪي وٺڻ وارو معاملو ڪا عام ڳالهه معلوم نه ٿي رهي آهي ممڪن آهي ته، ميان نواز شريف حڪومت جا سمورا اختيار ۽ فيصلا پاڻ ڪرڻ لڳي ۽ مخالف ڌر ۽ عدالتن جي معاملن ۾ وري ڪا نئين ڇڪتاڻ ۽ بحراني ڪيفيت شروع ٿي وڃي ۽ مخالف ڌر جي جماعتن طرفان وڌندڙ دٻاء خلاف وڏي پيماني تي رياستي طاقت استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو وڃي ته اهڙي قسم جي صورتحال پيدا ٿيڻ جا ملڪ ۽ جمهوري نظام کي وڌيڪ نقصان ٿي سگهن ٿا.#

پهنجو تبصرو موڪليو