وفات بعد چيڊوڪ بوسمين لاءِ گولڊن گلوب ايوارڊ

وفات بعد چيڊوڪ بوسمين لاءِ گولڊن گلوب ايوارڊ

ڪراچي(ويب ديسڪ) هالي ووڊ جي هيرو چيڊوڪ بوسمين کي وفات بعد گولڊن گلوب ايوارڊ سان نوازيو ويو. هو 43 سالن جي ڄمار ۾ گذريل سال ڪينسر سبب فوت ٿي ويو هو. ڪورونا سبب آسڪر ايوارڊ بعد دنيا ۾ اهم ايوارڊ سمجهيو ويندڙ گولڊن گلوب جي تقريب آن لائن منعقد ڪئي وئي جنهن جي ميزباني امريڪا جي ٻن شهرن مان ڪئي وئي. 78هين فلم ايوارڊ جي تقريب ۾ بهترين اداڪار جو ايوارڊ چيڊوڪ بوسمين کي ڏنو ويو. کيس اهو ايوارڊ زندگي جي آخري فلم ‘ماريني بليڪ بوٽم’ تي ڏنو ويو. جيتوڻيڪ هن بليڪ پينٿر جهڙن ڪيترن ڪامياب فلمن ۾ بهترين اداڪاري ڪئي پر هن کي هي ايوارڊ نه ڏنو ويو هو. کيس ڏنل ايوارڊ سندس بيواهه وصول ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو