اياز تنيو
هن سنڌ ڌرتيءَ تي سنڌ ڄائُو ڪير بہ هجي امير هجي غريب هجي فقير هجي وزير هجي سڀ سنڌ ڄاوا سنڌ امڙ جا پٽ آھن جيڪي سنڌ ڄاوا ناهن،اهي ڌاريا مُھاجِرِ آھن، هجرت ڪندڙ، لڏيندڙ. هڪ هنڌان لڏي ٻئي هنڌ ويندڙ، پنهنجو اصل رھواسي ملڪ ڇڏي، ٻئي ملڪ ۾ وڃي سڪونت اختيار ڪندڙ يعني اسان جي سنڌ امڙ ڌرتي تي ھجرت ڪري رهندڙن ۾ پٺاڻ پنجابي بھاري بنگالي ڪشميري ۽ ٻيون قومون رهن ٿيون جيڪي اسان سنڌين جو حق کايون ويٺيون آھن انهن جي مدد ڪير ٿو ڪري، ڌارين کي آباد ڪير ٿو ڪري؟اهي سڀ لڏي اچڻ وارا (مهاجر) آھن،سنڌي ناهن ۽ سنڌ جا بہ ناهن۔اها سڀ ڪنهن کي خبر آھي جنهن جو نزلو رڳو اسان سنڌين جي مٿان پيو ڪري۔ انهيءَ ڪري سنڌ ڌرتي تي رهندڙ هر فرد پيو لوڙھي ڀلي اهو مزدور هجي پورهيت هجي يا سرڪاري ملازم ڇو نہ هجي جنهن کي سنڌ گورنمينٽ صحي طريقي سان مراعتون ڏيڻ ۾ سدائين ناڪامي جو مظاهرو ڪندي آھي، غريب ويتر غريب ٿيندو پيو وڃي پيٽرول جي مهانگائي جي ڪري ويتر حال ھيڻا سور ٻيڻا استاد سڄي ڄمار لوڙھي لوڙھي جڏهن رٽائر ٿيندو آھي تڌهن هن وٽ ايتري طاقت نہ هوندي آھي جو هو رٽائرمينٽ جي ڏوڪڙن مان ٻچڙن جي لاءِ ڪو نئون گهر خريد ڪري يا پراڻو گهر ٺھرائي تعمير ڪرائي سگهي، سردار علي شاه صاحب اوهان ڪڏهن ڪڏهن استادن تي طنز ٽوڪ ٺٺول ڪري عجيب قسم جو ڳالهائيندا آھيو !، تہ ڪڏهن فوٽو سيشن ۾ صرف هڪ ڏينهن جي لاءِ پنهنجي نياڻي سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرائي پرائيويٽ اسڪول ۾ پڙهائڻ وارن کي آئينو ڏيکاري ساڳيو ٻئي ڏينهن تي سرڪاري پروٽوڪول سان پرائيويٽ اسڪول ۾ موڪليندا آھي، جيڪڏهن سرڪاري اسڪولن ۽ پرائيويٽ اسڪولن ۾ ساڳيو نصاب هجي ها ۽ استادن کي ٽريننگ ڪرائي ٽرينڊ ڪيو وڃي ها تہ سرڪاري اسڪولن ۽ پرائيويٽ اسڪولن ۾ ڪو بہ فرق نه ھجي ها۔اسان جي گورنمينٽ سنڌ صوبي ۾ پرائمري استادن کي آخري ٽريننگ 1996 ۾ PTCC جي نالي سان ڪرائي ھُئي تنهن کان بعد 26 سال ٿي ويا آھن پرائمري استادن کي ڪابہ ٽريننگ ڪونہ ڪرائي وئي آھي، 26 سالن ۾ ڪيتري دنيا بدلجي چڪي آهي ۽ نت نوان جديد طور طريقا متعارف ڪرايا ويا آهن،.پرائمري اسڪولن ۾ شاگردن لاءِ ڪا بہ ڪمپيوٽر جي سکيا ڪونهي جڏهن تہ پرائيويٽ اسڪولن ۾ ٽئين درجي جي شاگرد کي ٻي تعليم سان گڏ ڪمپيوٽر جي سکيا پڻ ڏني وڃي ٿي جيڪو مڊل ۽ ميٽرڪ تائين وڏو هوشيار ۽ ذھين ٿي وڃي ٿو۔
سرڪاري اسڪولن مان سپروائيزر سسٽم ختم ڪيو ويو آهي تعليم جو معيار ڄاڻي واڻي ختم پيو ڪيو وڃي ڪو بہ چيڪ ۽ بيلنس ڪونهي اسڪولن ۾ ڄاڻي واڻي سهولتون اڻلڀ ڪيون ويون آھن جهڙوڪ پيئڻ جو پاڻي / بجلي / واش روم / فرنيچر / ڪٿي بہ نہ ملندو ڪوئي بہ سروي ڪري سموري سنڌ ۾ زبون حالت ۾ پراڻيون بلڊنگس نظر اينديون جنهن ۾ سدائين ڇت جون سرون ۽ ڇاپڙ شاگردن ۽ استادن مٿان ڪرندا آھن جيڪي پنهنجو خون وهائي جان بچائڻ لاءِ پاڻ اسپتال کڻائي ويندا آھن پر حڪومت جي ڪن تي جونءَ بہ نہ چرندي آھي سنڌ ۾ هر ضلعي جي اسڪولن لاءِ فرنيچر جا ڪروڙين روپيا ايندا آهن جن کي غلط طريقي سان استعمال ڪري ڪامورا ۽ سياسي ماڻھو پنهنجا حصا پتيون کڻي کيسا ڀريندا آھن باقي اسڪولن جو تہ ساڳيو ئي پراڻو حشر نشر ۽ برو بدترين حال آھي۔شاگرد ساڳيا ئي پٽ زمين تي ويهندا آھن خاص طور تي ٻھراڙي جي اسڪولن ۾ سهولتون نہ هجڻ ڪري ڳوٺاڻا پنهنجا ٻار پڙھائڻ بدران سندن کي محنت مزدوري ڪرائيندا آھن جنهن جي ڪري اڪثر ڳوٺاڻو سدائين جاهل ۽ علم کان محروم رهي ٿو۔صوبائي وزير تعليم شاهه صاحب جن وڌيڪ فرمائن ٿا تہ اسڪولن ۾ ميوزڪ ٽيچر رکيا ويندا تہ ڪڏهن وري سائين جن چون ٿا سيٽيلائيٽ ذريعي استادن جي چڪاس ڪبي، 2008 وارا استاد 9 اسڪيل ۾ تہ وري نوان 14 اسڪيل ۾ ڀرتي ڪندو آهي، حد تہ ان وقت ٿي وئي جڏهن شاھ صاحب 2018 جي ڀرتي ٿيل JEST ۽ ECT ڪانٽريڪٽ جي استادن جي ڪراچي پريس ڪلب تي احتجاج ڪندڙن کي ڏسي چيو تہ سنڌ جا حلالي استاد آهيو تہ وڃي اسڪولن ۾ ٻار پڙهايو سائين جن کي اھا خبر بہ ڪونهي تہ اسڪولن ۾ اونهاري جون موڪلون پيون هلن سنڌ جا استاد ويچارا پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ هن وقت بہ سنڌ سيڪريٽريٽ، سنڌ اسيمبلي جي فوٽ پاٿ ۽ روڊن تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو رات ڏينهن گذاري رهيا آهن سو بہ جائز مطالبن خاطر، پر افسوس جو بجاءِ ڪو بهتر ۽ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي سائين جن جو اهو چوڻ تہ استاد ڌرتيءَ جا پٽ آهن تہ اسڪول وڃي ٻار پڙهائين شاهه صاحب اسين بلڪل سنڌ ڌرتي جا حلالي پٽ آھيون اوهان حرامخور ۽ راشي ملازمن مٿان گهٽ ۾ گهٽ ڏنڊو تہ کڻو ادارن مان ڪاريون رڍون تہ ڪڍو انهن کي چيڪ تہ ڪريو هر هڪ کي 30 لکن جي ڪار ڪروڙين روپين جا پلاٽ ۽ بنگلا ڪٿان پيا اچن جيڪي رڳو ڏاندارين سان پيا مال ميڙن سنڌ جا استاد اوهان کان جائز پنهنجا حق ٿا گهرن ته توهان آپي کان ٻاهر نڪري ٿا پئو، جيڪي اوهان ھڙپ ڪيون ويٺا آھيو، اسان اچون پيا عيدالاضحيٰ کان بعد ڀلي اوهان تازو اپ گريڊ ٿيل پوليس وارن کان استادن کي لٺيون هڻايو آنسون گئس ۽ شيل هڻايو گندن نالن جو گندو پاڻي واٽر ڪينن ذريعي نيڪ نمازين جي بدن ۽ ڪپڙن مٿان هاري پليت ڪرايو ڀلي استادن کي گرفتار ڪري جيل ڀريو پر پنهنجي مرڪزي اڳواڻ محترم غلام رسول مهر جي حڪم تي سنڌ جا سوا لک استاد اينداسين پنهنجا مطالبا مڃرائي توکان نوٽيفڪيشن ضرور وٺنداسين، ڌرنا هوگا مرنا هوگا شاهه صاحب
سي ايم هائوس ڌرنا هوگا مرنا هوگا. جڏهن سڀئي صوبا اپگريڊيشن کڻن ٿا ته پوءِ سنڌ جي پرائمري استاد ڪهڙو ڏوهه ڪيو جو انهن کي اپگريڊيشن نٿو ڪيو وڃي، استسد کي ڪنهن به صورت ۾ ڪو غلام نه سمجهي استاد قومن جي بيدارتي سڃاڻپ ۽ جدوجهد جي علامت آهي.










