ورلڊ ڪپ جون تياريون هاڻي کان ئي ڪرڻ گهرجن: شاداب خان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ڪپتان شاداب خان چيو آهي ته ورلڊ ڪپ لاءِ تياريون هاڻي کان ئي ڪرڻ گهرجن.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاداب خان چيو ته هي ورلڊ ڪپ سيزن آهي، ورلڊ ڪپ کان اڳ رانديگرن کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي.شاداب خان جو چوڻ آهي ته رانديگرن کي نيوزيلينڊ سيريز ۾ به اهڙو ئي ڪردار ڏنو وڃي جهڙو ورلڊ ڪپ ۾ ڏنو ويو آهي.هن چيو ته اها ڏکي صورتحال هئي پر رن ريٽ ڪنٽرول ۾ هو، عماد دنيا جي بهترين آل رائونڊرز مان هڪ آهي، هن گذريل ٽن ميچن ۾ بهترين راند کيڏي.اسلام آباد يونائيٽڊ جي ڪپتان جو چوڻ آهي ته حيدر علي تي اعتماد هو، ان کي برقرار رکيو، اهڙي بالنگ نه ڪري رهيو آهيان جهڙي طرح ٿيڻ گهرجي.هن وڌيڪ چيو ته مون ورلڊ ڪپ ۽ ايشيا ڪپ ۾ سٺي بالنگ نه ڪئي، ڪجهه ٽيڪنيڪ تي ڪم ڪري رهيو آهيان، وقت نه پيو ملي.

پهنجو تبصرو موڪليو