وارم اپ ميچ ۾ پاڪستان جي ويسٽ انڊيز کي شڪست

دبئي (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي وارم اپ ميچ ۾ پاڪستان ويسٽ انڊيز کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. دبئي ۾ کيڏيل ميچ ۾ ٽاس کٽڻ کانپوءِ ويسٽ انڊين ٽيم پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 130 رنسون ٺاهي سگهي. پاڪستان طرفان حسن علي، شاهين آفريدي ۽ حارث رئوف 2-2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته عماد وسيم هڪ شڪار ڪيو. جواب ۾ پاڪستان گهربل ٽارگٽ 15.3 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو. ڪپتان بابر اعظم بهترين بيٽنگ ڪندي 50 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته فخر زمان 46، شعيب ملڪ 14 ۽ محمد رضوان 13 رنسون ٺاهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو