ڪراچي (ڊيسڪ نيوز) حڪومت پاران نوان ٽيڪس لڳائڻ ۽ ٻيا سخت فيصلا ڪرڻ سبب نين ڪارن جي خريداريءَ واري شرح گھٽجي وئي آهي. انهيءَ گھٽتائيءَ جو گهڻو اثر هنڊا اٽلس ڪمپنيءَ پاران تيار ٿيندڙ ڪارن تي وڌيڪ ٿيو آهي. گاڏين جو وڪرو گھٽ ٿي وڃڻ سبب ڪمپنيءَ ڪارون تيار ڪندڙ پلانٽ مهيني ۾ صرف 11 ڏينهن هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جنهن جي ڪري هن مهل تائين هڪ هزار ملازمن کي نوڪريءَ کان جواب ڏنو ويو آهي. ”ڊان“ ويب سائيٽ تي شايع ٿيل تحقيقي خبر ۾ ذريعن جي حوالي کان خبر ڏني وئي آهي ته هنڊا اٽلس ڪارز لميٽيڊ جي پلانٽ ۽ ڪمپنيءَ جي ڪيترن ئي ڊيلرن وٽ اڻ وڪرو ٿيل 03 هزار ڪارون بيٺل آهن. ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ سال هنڊ سِوِڪ جو وڪرو گھٽجي 03 هزار 520 يونٽس تي اچي بيٺو آهي جڏهن ته گذريل سال 08 هزار 161 سِوِڪ ڪارون وڪرو ٿيون اهڙيءَ ريت هنڊا سٽيءَ جا هن سال 02 هزار 588 يونٽس وڪرو ٿي سگهيا آهن جڏهن ته گذريل سال انهيءَ ڪار جا 08 هزار 78 يونٽس وڪرو ٿيا. ساڳيءَ ريت ڪمپنيءَ جي ٻين گاڏين جو وڪرو به گھٽيو آهي. معلوم ٿيو آهي ته بينڪن پاران ليزنگ بابت شرط سخت ڪرڻ، انشورنس ڪمپنين جي سهڪار نه ڪرڻ ۽ ايف بي آر جي سختين سبب گاڏين جي وڪري ۾ گھٽتائي آئي آهي.










