هرمز سامونڊي لنگهه بابت ايران ۽ آمريڪا جا دعويٰ

هرمز سامونڊي لنگهه بابت ايران ۽ آمريڪا جا دعويٰ

تهران(ويب ڊيسڪ)پاسدارن انقلاب گارڊز (آءِ آر جي سي) هرمز جي سامونڊي لنگهه تي “مڪمل ڪنٽرول” جي دعويٰ ڪئي آهي.
فارس نيوز آءِ آر جي سي، جي نيوي جي عهديدار محمد اڪبر زاده جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته سندس دعويٰ آهي ته هرمز جو سامونڊي لنگهه تي ايران جو مڪمل ڪنٽرول آهي ۽ اهو سامونڊي جهازن جي اچ وڃ لاءِ بند آهي. سندس چوڻ آهي ته هتان جيڪو به سامونڊي ٻيڙو گذرندو ان تي حملو ڪنداسين.
ٻئي پاسي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو تيل کڻندڙ جهازن جي حفاظت لاءِ آمريڪي نيوي تعينات ڪندو جيڪا گذرندڙ ٻيڙن کي تحفظ فراهم ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو