بيروت (ويب ڊيسڪ)لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله جي سينيئر اڳواڻ هاشم صفي الدين جي شهادت بابت حيران ڪندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن.22 آڪٽوبر تي اسرائيلي فوج حزب الله جي قائم مقام سربراهه هاشم صفي الدين کي شهيد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، ٻئي ڏينهن حزب الله به اسرائيلي حملي ۾ پنهنجي سينيئر اڳواڻ هاشم صفي الدين جي شهادت جي تصديق ڪئي هئي.هوڏانهن عرب ميڊيا حدث ٽي وي تي هاشم صفي الدين جي شهادت بابت حيران ڪندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هاشم صفي الدين جي شهادت اسرائيلي بمباري نه پر دم گھٹڻ سان ٿي.حدث ٽي وي جو چوڻ آهي ته هاشم صفي الدين بيروت جي ڏاکڻي شهر داهيا ۾ هڪ بنڪر ۾ پناهه ورتي، جنهن کانپوءِ اسرائيلي جنگي جهازن پهرين آڪٽوبر تي عمارت تي بمباري ڪئي.عرب ميڊيا ذريعن موجب هاشم صفي الدين 3 ڏينهن تائين حزب الله جي 7 تربيت يافته هٿياربندن سان گڏ رهيو ۽ بمباري جي 3 ڏينهن کانپوءِ آڪسيجن جي شديد کوٽ سبب دم ڌڻيءَ سبب فوت ٿي ويو، سندس جسم تي زخم جو نشان به نه هو.عرب ميڊيا ذريعن واضح ڪيو ته حزب الله پنهنجي سمورن زير زمين پناهگاهن ۾ آڪسيجن جو ذخيرو ڪيو آهي.










