محمد اسماعیل لانگاھ
تازو وفاقي حڪومت طرفان ملڪ جي سرمائيدارن صنعتڪارن تاجرن سرڪاري ملازمن سميت پنجاھ ھزار رپيا ماهوار ڪمائڻ وارن کان ٻه هزار رپيا ٽئڪس وسيلي ڪڍڻ جو فيصلو ٿيو آھي حڪومت جا اهڙا فيصلا ڪنهن کي ڪيترو فائدو ڏيندا پر غريبن مٿان بار ضرور ڪرندو ڇو ته حڪومت کي خبر آهي ته جيترو ٽئڪس ملڪ جو مزدور يا غريب طبقو ڀري ٿو ان کان وڌيڪ سرمائيدار ۽ حڪومتي سياسي اڳواڻ پاڻ به نه پيا ڏين اهڙي فيصلي کانپوء مسڪين طبقي دانهون ڪرڻ شروع ڪيون آھن ڇو ته انهن کي خبر آھي ته ٽئڪس ادائگي واري فيصلي جو فائدو انهن کي ٿيندو جنهن جو ڪاروبار صنعتون ملڪيتون ۽ پگهارون آھن امير مهانگائي ڪري پاڻ کي نقصان کان بچائن ٿا ۽ سرڪاري ڪامورا ڪرپشن ڪري غريبن مان ٽئڪس جمع ڪرڻ وارو پئسو ڪڍندا آھن غريب عوام بخوبي ڄاڻي ٿو ته امير طبقي يا سرڪاري ملازمن کي ٽئڪس ادا ڪرڻ ۾ نقصان گهٽ فائدو گهڻو ٿيندو آهي ڇو ته هٿرادو مهانگائي اهي ماڻھون ڪندا آھن جنهن تي حڪومت ٽئڪسز جو زبردستي بار وجهندي آھي هن وقت ملڪ جو قرض لاهڻ خاطر حڪومت صرف ان پريشاني ۾ مبتلا آهي ۽ دنيا جي قرض ڏيندڙ دوست ملڪن اڳيان جهولي جهلي بيٺل آهن آخر ٻين جي آسري تي ڪيستائين هلبو پنهنجا پرڪار به سڌا ڪرڻ ضروري آهن قرض وٺڻ جي بدنامي وارو داغ ملڪ تي ڪاري داغ جيان لڳي ويو آهي جنهن جو ڪارڻ سياسي بُحران آهن گذريل پنجهتر ورهين وهامي ويا دنيا ترقي طرف ۽ اسين تباهي طرف وڃي رهيا آھيون هروقت ايندڙ جمهوري دور ۾ فائدو صرف ڪرسين تي ويٺل سياسي ايم اين ايز ججز ئي ڪامورن کي پلئه پيو آھي جيئن تازو حڪومت ججز ايم اين اي ايم پي ايز پارليامينٽرين جو پگهارون ٻيڻ ٽيڻ تي وڌائي ڇڏيون آھن اسين ائٽمي طاقت به سڏايون پيا ۽ پئسا پني ملڪ هلايون پيا مهانگائي ۽ معاشي بُحرانن سبب اسان وٽ حالتون هن وقت بلڪل اهڙي موڙ تي آھن جتي ملڪ جا حڪمران پنهنجي خراب ڪرتوتن کي لڪائڻ لاء غريب عوام کي قرباني جو ٻڪرو بڻائڻ چاهين ٿا پنهنجن خرچن جي اضافي بار جو بدلو غريب طبقي مان ورتو ويندو رهيو آھي آخر هي غريب عوام سان سازشون ڪيستائين هلنديون پنجهتر سالن کان آزادي ماڻيندڙ اسانجي ملڪ جا حڪمران هروقت اهو راڳ آلاپيندا رهيا آھن ته اسين نازڪ دور مان گذرون پيا آخر هي نازڪ دور واري راڳ جو رينگٽ ڪڏھن بند ٿيندو غريب عوام سُک جو ساه کڻندو حڪمرانن جي ڪڇ ۾ پنڻ واري پيل لٺ هٿ ۾ کنيل ڪشتو ڪڏهن آجو ٿيندو هٿ سان پيدا ڪيل تشويشناڪ حالتن جا اثرات ۽ ملڪ جي ناقص حڪمراني سبب غريب عوام ڪيستائين ڀوڳيندي رهندي ملڪي ناڻو لٽيندڙ پنهنجو پنهنجو وارو وڄائي هليا وڃن ٿا اسان جو ملڪ پوئتي پيل ملڪن کان به پوئتي ٿيندو پيو وڃي آخر هن ڏُکي صورتحال کي ڪيئن منهن ڏنو ويندو ملڪي خزاني واري کوٽ ڪيئن ختم ڪبي بيروني قرضن ۽ آء ايم ايف جي سفارشن کي ڪيستائين مڃبو حڪومتي اختيارين کي سوچڻ گهرجي ڇو ملڪ ۾ هڪ طرف غلط فيصلا ڪيا وڃن پيا ٻئي طرف لاقانونيت ۽ ناانصافي به عروج تي آھي غريب مسڪين ڏهاڙي ڪمائيندڙ مزدور سان ڄٺ ٿي رهي آھي ڪرپشن سڄو ڍانچو ابتو ڪري ڇڏيو آهي ملڪ جون سنگين سياسي معاشي حالتون اهو ٻُڌائن ٿيون اسانجي ملڪ جو قرضوڪڏهن به ناهي لهڻو ۽ غريب طبقو ۽ ملڪ ڪڏهن به ترقي نه ڪندو ملڪ کي اوڏوهي جيان وچڙيل ڪرپشن کي ختم ڪرڻ بجاء سرڪار سڳوري يا بجلي مهانگي ڪري ٿي يا گئس تيل يا ٽئڪس لڳائي ٿي پنهنجي ڪابينا ميمبرن ججن ڪامورن کي خوش ڪري پگهارون وڌائي نوان ٽئڪس لڳائڻ وارن غلط فيصلن ڪرڻ کان اڳ غريب طبقي لاء به ڪجھ سوچيو پنهنجون ڪوتاهيون درست ڪريو










