نوابشاهه: (ن س) نوابشاهه ۾ مهران هاءِ وي تي ٽريفڪ حادثي ۾ غير ملڪي انجنيئرن جي سيڪيورٽي تي مقرر ٽي پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا.غير ملڪي انجنيئرن جي سيڪيورٽي تي مقرر پوليس اهلڪارن جي گاڏي تيز رفتاريءَ جي ڪري ابتي ٿي کاهيءَ ۾ وڃي ڪري، زخمي اهلڪارن کي پيپلز ميڊيڪل اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته حادثي وقت گاڏيءَ ۾ موجود غير ملڪي انجنيئر معجزانا طور تي محفوظ رهيا، حادثي جي اطلاع تي پوليس جي وڌيڪ نفريءَ موقعي تي پهچي غير ملڪي انجنيئرن کي محفوظ ماڳ (هنڌ) تي منتقل ڪيو.










