مجيد نواز مغل
سنڌي صحافت نھايت مشڪل ۽ عوام دوست رھي آھي ـ سنڌ جي حصي واري پاڻي ڌارين جي آبادڪاري سنڌ اندر نياڻين سان جنسي زيادتين يا وري سردارن طرفان سڱ چٽيء ۾ ڏيڻ جي مخالفت لاء لکڻ ھجي ـ سنڌ جي صحافت پاڻ ملھايو آھي ـ چون تا ته سنڌ جو حقيقي ڪيس کي سنڌ جي صحافت/ ميڊيا کڻندي رھي آھي ـ سنڌ جي سياست دانن جون غلطين ۽ عوام دشمن عملن کي پڌرو به سنڌي صحافت ئي ڪندي رھي آھي ـ اھڙين حالتن ۾ جڏھن معاشي مسئلا ھجن امن امان جو مسئلو پيڪ تي ھجي ـ ڌاڙيل ڪلچر سبب عام ماڻھن جو گھران نڪرڻ ڏکيو ٿي وڃي ـ سنڌي صحافين لاء اھڙين ڏکي صورت حال ۾ ڪنھن جنگي سپاھيء جيان عملي ميدان ۽ روڊن تي نڪري پنھنجن فرضن کي پورا ڪرڻ نھايت ڏکيو ۽ جان مشڪلن ۾ ڦاسائڻ برابر آھي ـ سنڌي ماڻھن چي انھن انيڪ مسئلن تي اقتداري ايوانن لاء للڪار بڻجڻ پنھنجي لاء ۽ پنھنجي ڪٽنب لاء ڏکي حالتن ۾ گذارڻ وارو رسڪ پڻ سنڌي صحافي کڻي پيو ـ
تازو ميرپور ماٿيلي جي ھڪ بيباڪ صحافي نصر الللھ گڏاڻيء پنھنجي تر چي سردارن ۽ وڏيرن خلاف حق پرستي جي صحافت شروع ڪئي ـ کيس ڌمڪايو ويو پر ھو جوان جو پٽ نه موڙيو ـ جنھن جي ڪري انھن تر جي بااثر وڏيرن جي ماڻھن ان جو رستو روڪي کيس گولين جو کاڄ بڻايو ـ جنھن ڀعد کيس ترت رحيم يار خان اسپتال نيو ويو پر اتي سندس حالت سيريس ٿيڻ ڪري ائير ايمبولينس ذريعي اتان آغا خان اسپتال ڪراچي کڻايو ويو ـ جتي ڊاڪٽرن جي ھڪ ڏينھن جي جدوجھد بعد چون ٿا حالت سڌري رھي ھئي 75 سيڪڙو صورت حال بھتر ٻذڌائي وئي پر اوچتو رات چي پيٽ ۾ خبر آئي ته نصر الللھ شھيد ٿي ويو آھي ـ ان خبر بعد سموري سنڌ اندر سوڳ ڇانجي ويو ـ وڏي انگ ۾ ماڻھو سنڌ جي سڀني شھرن جتان شھيد صحافي نصر الللھ جي مڙھ کي گذرڻو ھو نٽھڻ اس ۾ ذري گھٽ 50 سينٽي گريڊ جي ھوندي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ھن جو انتظار ڪندا نظر آيا ـ جڏھن ان جو مڙھ اباڻي ڳوٺ پھتو جتي نماز جنازھ ٿي ھزارن جي انگ ۾ ماڻھو ھيا ـ سمورو ڳوٺ ته شامل ھو پر پري پري جي شھرن جا صحافي سياسي سماجي اڳواڻ ڪارڪن ۽ ساڃان وند شريڪ ٿيا ـ ھڪ تمام وڏي ميڙ جو منظر ھو ـ ھر اک آلي ھئي ـ صحافتي وڏيرا پڻ ڳوڙھا ڳاڙھيندا نظر پئي آيا ـ
شھيد نصر الللھ گڏاڻي ھن بدبودار نظام خلاف پنھنجو سر ڏنو ـ ھن سنڌ جي محبت ۾ پنھنچي جان قربان ڪئي ۽ امر ٿي ويو ـ ھن پنھنجي ڄمار ۾ حق سچ ۽ وطن دوستي خاطر ڪا به سودي بازي نه ڪئي ـ ھن وقت به سندس گھر ڳوٺ اندر ڪيترن ئي سھولتن کان محروم آھي ـ سندس ٻار نھايت ننڍا آھي ـ ان واقعي جي ايف آء آر اڃان داخل ناھي ٿي ـ ان جو بنيادي سبب پوليس جي روايتي سستي ته آھي پر پوليس ڪيس جي ھاء پروفائيل ٿيڻ بعدروايتي طور ان واقعي جا جھڙتو سبب ٺاھڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آھي ته جيئن ان واقعي جو ڪو ٻيو ھٿراڌو سبب ظاھر ڪري حالتن جو رخ بدلائي سگھجي ۽ پنھنجي جان آجھي ڪري ـ
ان ھاء پروفائيل ڪيس جو سرڪار سڳوري ۽ پوليس طرفان اعلي سطحي انڪوائري جو اعلان ته ڪيو آھي پر صحافتي حلقا چون ٿا ته اڳ جيان صحافيء جي قتل جو ھي ڪيس پڻ ڪنھن انجام تائين نه پھچندو ـ مسلسل وارثن مٿان دٻاء وجھي ڪيس کي لھ مٽي ڪيو ويندو ـ جيڪا ڳالھ اقتداري ڌرين جي ماضي ۾ ھميشا رھي آھي ـ ايڏو ايڏو ته پلاند طور رقمون ادا ڪري تر جي بااثرن طرفان خون ختم ڪرائيندا ـ ان لاء ڊڪ ڊوڙ ھاڻي کان ئي نظرجي پئي ـ ٻئي طرف چوٻول آھن ته واقعي ۾ ملوٽ وڏيري جو پٽ ملڪ ڇڏي فرار ٿي چڪو آھي ـ جنھن جو نالو مقتول جي ماء پڻ پريس آڏو وٺي چڪي آھي ـ حد جي ٿاڻي تي جڏھن مقتول جي والدھ احتجاج خاطر پھتي ته ساڻس ڪجھ ماڻھو گڏ ھيا جڏھن ته جنازي ۾ ھزارين ماڻھو ھيا ـ ان تضاد ۽ بيحسيء تي پڻ ڏک ٿيو آھي ـ جنھن لاء صحافتي حلقا پريشان پڻ آھن ۔ بعد ۾ سوڳوار ماء کي چند مائٽ واپس گھر وٺي ويا ھيا ـ ان پوڙھي عورت جو عزم نھايت شفاف آھي ته قاتلن کي انجام تائين پھچائي دم وٺندس ـ
ھن واقعي بعد قاتلن جي گرفتاري جو مرحلو نھايٿ اھم آھي ڇاڪاڻ ته ملوث ڌر نھايت طاقتور ۽ بااثر آھي ـ حڪومتي پارٽي پڻ انھن جي سپورٽر آھي ـ ان ڪري ڪيس جي منطقي انجام تائين پھچڻ جو امڪان تمام گھٽ آھن ـ ان لاء صحافتي حلقن کي سنجيدگيء جو مظاھرو ڪرڻو پوندو ڇاڪاڻ ته اگسٽ 2023ع ۾ مشھور سکر جي سينئير صحافي جان محمد مھر جي قتل ۾ ملوث اصلوڪن جوابدارن کي اڄ سوڌو پوليس جي ھٿ ناھي ناھي ڪري سگھي ـ جيتوڻڪي انھن جي موجودگيء بابت پوليس کي چڳي ريت خبرون آھن ۔ ان جو ڪيس پڻ ڪورٽ ۾ ھلي پيو پر ھل تائين جي ڪاروائيء مان لڳي ٿو ته اصلوڪا جوابدار جيڪي ڪچي جي ڌاڙيلن سان ويٺل آھن ـ گرفتار نه ٿيندا ڇو ته ان ڪيس ۾ پڻ بااثر ڌرين جو ھٿ ملوث ظاھر ڪجي ٿو ـ اھڙيء صورت حال ۾ نصر الللھ گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري آساني سان ٿي ويندي اھو ممڪن ئي ناھي ـ صحافتي ادارن ۽ تنظيمن پريشر وجھڻ شروع ڪري ڏنو آھي ـ شھيد جان محمد مھر ڀيري پڻ وڏو پريشر وڌو ويو پر نتيجو سڀ ڪنھن جي سامھون آھي ـ سرڪار ۽ پوليس پڻ مھلتون وٺندا رھيا ھيا ـ ھن ڀيري پڻ ائين ئي ڪرڻ جو پلان اٿن پر ان صورتحال ۾ صحافي برادريء کي ھڪ جاء تي متحد ٿي گڏ ٿي ڪري پريشر برقرار رکڻ کپي ـ جنھن ۾ احتجاج ڪرڻ پوليس آفيسرن ۽ وزيرن سان ملاقاتون ڪرڻ کين شھيد صحافيء جي قاتلن جي ترت گرفتاري ڪرڻ شامل آھي ـ ان لاء پاڪستان سطح جي صحافين کي پنھنجو جوڳو ڪرادار ادا ڪرڻو پوندو ـ خاص ڪري شھيد نصر الللھ جي اخباري اداري جي سربراھ ۽ انتظاميا کي ھراول دستي جو ڪردار ادا ڪرڻو آھي ـ ڇاڪاڻ ته ھنوقت انھيء واقعي تي سستي ڪئي وئي يا مس ھينڊلينگ ٿي ته وڏو نقصان اھو ٿيندو جو مستقبل ۾ به سچا صحافي جن کي وقت سر ڌمڪيون ملنديون رھن ٿيون واري واري سان الللھ کي پيارا ڪيا ويندا رھندا ۽ ان جي مڪمل ذميواري صحافتي برادري مٿان به عائد ٿيندي ـ










