حقيقت پسند پنجابي دانشور طارق فتح جو وڇوڙو

حقيقت پسند پنجابي دانشور طارق فتح جو وڇوڙو

ھن جڏھن بہ ڳالھايو پاڪستان جي سسٽم کي آئنو ڏيکاريو، اصل مذھب بيان ڪيو، ھن ٻہ ڪتاب لکيا، چيزنگ دي معراج ۽ جيو از ناٽ مائي اينمي، چيزينگ دي معراج ڪتاب ۾ ھن لکيو آھي تہ مون ٻہ حج ڪيا آھن ھڪڙو زال جي چوڻ تي ٻيو ماءَ جي چوڻ تي ڪيو، مون اتي ويھي مشاھدو ڪيو، انھي جو نتيجو ڪڍي مون ھي ڪتاب لکيو ھو لکي ٿو تہ مسلمان ڀائرن ۽ ڀينرن کي التجا آھي تہ پنھنجي اکين تان پردو ھٽائي حقيقت جي ويجھو ٿيو، مون اھو نتيجو ڪڍيو آھي تہ اسلام جي شروعاتي ڏينھن کان ٻہ الڳ الڳ ڌارائون آھن، اسلام جي رياست ۽ اسلامي رياست ٻہ الڳ الڳ شيون آھن، اسلامي رياست جو مقصد مذھب کي ھٿيار طور استعمال ڪيو وڃي، اسلامي رياست ٺاھڻ ۾ مگن قوتن اسلامي اصولن کي پوئتي ڇڏي ڏنو.مسلم روايت چوي ٿي تہ پنھنجا مقصد ماڻڻ جي لاءِ اسان کي ماضي سان چنبڙيو رھڻ گهرجي،پاڪستان جي لاءِ سندس خيال آھي تہ اھي اسلامي رياست ۽ ھندستان اسلام جي رياست آھي، اسان کي ھاڻ ماضي جي ديومالائي ڪھاڻين سان چھٽل رھڻ بدران اڳيان وڌڻ گهرجي، اسان جدت پسندي کي پنھنجو دشمن قرار ڏئي ڇڏيو آھي، غير مھذبي رياستن ۾ رھندڙ انساني حقن کي انجوائي ڪن ٿا، مذھبي رياستن ۾ انھي جو تصور ناھي، عربن جي حوالي سان ھن جو چوڻ آھي تہ عربن جي نااھل ليڊرشپ کيس نقصان ڏنو آھي،عرب قوم کي بار بار وڪرو ڪيو ويو آھي، عرب اسلام کي ائين ٿا سمجھن جھڙوڪر ٻين مسلمانن کي ھنن اسلام تحفي ۾ ڏنو ويو آھي، عربن کي زمين جي نہ پر ليڊر جي ضرورت آھي، عربن کي اندر جي نسل پرستي مان نڪرڻ جي ضرورت آھي، اسلام کي پنھنجي ملڪيت بنائي اھڙي شي بنائي ڇڏي آھي جنھن کي استعمال ڪرڻ جي ضرورت آھي بس برانڊ طور استعمال ڪرڻو آھي،ھن چيو تہ ھن ڪتاب کي پڙھڻ جو مقصد ڪجھ گندا پوتڙا ڀريل بازار ۾ صاف ڪريان، جيڪڏھن سچائي جي صابڻ سان پاڻ کي صاف نہ ڪيو تہ اسان کي ڪوڙ جي بدبوءَ ماري وجھندي. طارق فتح انھي خيال جو آھي تہ پاڪستاني شھري پنھنجي قديم ھندساتي وراثت کان انڪار ڪندا آھن جڏھن تہ سچ اھوآھي تہ ھندستان جو نالو ئي سنڌو درياھ تان کنيو ويو آھي جيڪو پاڪستان ۾ آھي، پاڪستاني پنھنجي ھندستاني ورثي کان انڪار نٿو ڪري سگھي.پاڪستاني سياست، سماج، فوج، بيوروڪريسي، سنڌين سميت سمورين قومن جي حوالي سان طارق فتح انتھائي واضع ۽ جامع ڳالھائيندو ھو، ھو انھي خيال جو ھو تہ پنجابي پناھگير ڳٺ جوڙ پاڪستان کي تباھ ڪري ڇڏيو، جن قومن پاڪستان ٺاھيو اھي قومون بيحال آھن، بلوچستان کي رياستي ادارن تباھ ڪري ڇڏيو، سنڌين جي سامھون مھاجرن کي بيھاريو ويو، پنجابي اشرافيا جو ملڪ تي ھميشا قبضو رھيو آھي،طارق فتح پاڪستاني اسٽبلشمنٽ جي نشاني تي رھيو اسٽبلشمنٽ بہ سدائين نشاني تي رھيو،

پهنجو تبصرو موڪليو