نادرا جو ڪمال، 70 سالن واري جي عمر 48 سال 

نادرا جو ڪمال، 70 سالن واري جي عمر 48 سال 

ٽنڊو باگو(ن سنڌيار) نادرا آفيس  70 سالن جي پيرسن کي 48 سالن جو ڄاڻائي ڇڏيو، پيرسن پاران نادره خلاف بک هڙتال. خبر موجب  ٽنڊو باگو جي وارڊ نمبر1 شيدي محلا جي رهواسي پيرسن محمد هاشم پٽ محمد ابراهيم ٽنڊوباگو پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال ڪندي چيو ته منهنجي ڄمار 70 سال آھي پر ٽنڊوباگو نادرا انتظاميا طرفان مونکي غلطي سان 48 سالن جو ڄاڻائي ۽ منهنجي پيءُ محمد ابراهيم بدران رمضان لکي ڇڏيو آهي. ان کانسواءِ منهنجي گهرواري جي شناختي ڪارڊ ۾ عمر وڌائي ۽ رهائش پڻ تبديل ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب منهنجي اولاد جا شناختي ڪارڊ سميت ٻيا ڪاغذ نٿا ٺھن، هن چيو ته بار بار نادرا آفيس ٽنڊوباگو جا چڪر ڪاٽيا آھن، پر ڪو به ٻڌڻ وارو ناهي، منهنجي ڪارڊ ۾ لکيل عمر جي تاريخ درست ڪري نٿي ڏني وڃي، هن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته منهنجي شناختي ڪارڊ درست ڪري ٺاهي  ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو