مھانگائي جي ڪري وزيراعظم جي ننڊ ڦٽل

محمد فاروق ٻرڙو

ٻه چار ڏينهن اڳ وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ ۾ مھانگائي ايتري قدر وڌي وئي آهي جو رات جو کيس ننڊ ئي نه ٿي اچي، ھن جو چوڻ هو ته ھن وقت عوام جا مسئلا آهن جن مان ھڪ مھانگائي ۽ ٻيو بيروزگاري آهي، ھاڻي حالتون بھتر ٿي رھيون آھن سندس چوڻ هو ته مخالف ڌر پھرين ڏينھن کان اسان کي نااهل چئي رھي آھي شروع وارا ڏينهن ڏکيا ھئا جڏھن ته اپوزيشن وارا پاڻ پريشان آهن ته حڪومت ۾ گروٿ ريٽ ڪيئن وڌيو آهي،وزيراعظم عمران خان جھڙي ريت مھانگائي بابت اعتراف ڪيو آهي ۽ پنهنجي ڪيفيت کي بيان ڪيو اٿس ته کيس مھانگائي جي ڪري ننڊ ئي نه ٿي اچي سا ڳالهه سؤ سيڪڙو سچ آهي، جڏهن ته مھانگائي بابت ھن جي اھا دعوي ته ھن جي حڪومت ۾ مھانگائي آهي تنھن ڳالھ سان اسان ڪنهن حد تائين متفق ناھيون، اسان ملڪ ۾ ھلندڙ مھانگائي جا جڏهن ابتا پيرا کڻون ٿا تڏهن اسان کي لڳي ٿو ته وزيراعظم عمران خان کان اڳ واري حڪومت ۾ به اڄوڪي مھانگائي جي مقابلي ۾ ايتري واڌ ٿيل نه ھئي جيتري ھن حڪومت ۾ آهي، ساڳئي طرح نواز شريف جي حڪومت جي مقابلي ۾ بينظير ڀٽو شهيد جي حڪومت ۾ مھانگائي جو ڪانٽو ڳچ حد تائين ڪريل ھو، مطلب ته اسان جيئن جيئن پوئتي جائزو وٺنداسين تيئن تيئن اسان کي انھن حڪومتن ۾ عام واهپي وارين شين جي اگھن ۾ لاٿ ئي نظر ايندي جڏهن ته ھر حڪومت ۾ ان وقت جي اپوزيشن مھانگائي خلاف ڇوھ ڇنڊيا آهن، ٻئي طرف ته اپوزيشن پاران ڪيل واويلا جي ماضيءَ جي ڪنهن به حڪومت جي ڪن تي ڪا به جونءَ نه سري آهي، اسان ته سدائين ماضي جي ھر حڪومت ۾ عوام پاران مھانگائي خلاف دانھون ڪوڪون ڪندي ڏٺو آهي مطلب ته مھانگائي عوام جو مقدر بڻيل آهي ۽ ڪنھن به حڪومت ۾ عوام مطمئن نه رھيو آھي، جڏهن ته اھا ٻي ڳالھ آھي وزيراعظم عمران خان مھانگائي بابت پنهنجي ننڊ ڦٽڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، پر اڳوڻن وزيراعظمن ۽ حڪمرانن ڪڏهن به ننڊ ڦٽڻ جي ڳالهه نه ڪئي ھئي!اسان سمجهون ٿا ته وزيراعظم جي ته ھاڻ ننڊ ڦٽي آهي جڏهن ته عوام تہ ڪنھن به حڪومت ۾ نه ته سک جو ساھ کنيو آهي ۽ نه ئي سڪون سان ننڊ ستو آهي، يعني عوام جون ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ننڊون ڦٽل آھن، بھرحال اسان جڏهن ماضي جي حڪومتن ۾ مھانگائي ۾ آيل واڌ جو گراف آڏو رکي جائزو وٺون ٿا تڏهن اسان آڏو جيڪي انگ اکر سامهون اچن ٿا تن مان ائين لڳي ٿو ته ماضي جي حڪومتن جي ڀيٽ ۾ ھن حڪومت ۾ مھانگائي جنهن رفتار سان وڌي آهي تنهن اڳوڻا سڀئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، ائين کڻي چئجي ته ھاڻ مھانگائي تي حڪومت جو ڪو به ڪنٽرول نه رھيو آھي ۽ عام واهپي وارين شين جا اگهه حڪومت پاران نہ ٿا وڌايا وڃن پر اھي اگھ ھاڻي واپارين پاڻ مرادو وڌائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ھر واپاري پنھنجي مرضيءَ وارا اگھ وٺي رهيو آهي ۽ ڪنھن به واپاري جو ھٿ روڪڻ لاءِ ڪو به ادارو سامھون ايندي نظر نه ٿو اچي، اھڙي صورتحال ۾ عوام ڪنھن کي ذميوار قرار ڏي، ڇاڪاڻ ته ڪو به ذميواري قبول ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي، جيئن ته وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ معاشي مسئلن مان نڪري رھيو آھي ان ڪري ايندڙ ڏينهن ۾ ڏکين ۾ گھٽتائي ٿيندي واري ڳالهه ته حوصلو ڏيندڙ آهي پر عوام کي يقين تڏهن ايندو جڏهن عوام اکين سان مھانگائي ۽ ذخيرا اندوزون خلاف ڪارروائي ٿيندي ڏسندو،اسان جي خيال ۾ واپارين تي ڏنڊو کڻڻ سان ڪنهن صورت ۾ مھانگائي کي ختم ڪري نه ٿو سگهجي، جڏهن ته مھانگائي لاءِ اھڙيون پاليسيون ترتيب ڏيڻيون پونديون جنهن سان مھانگائي کي ٻنجو اچڻ شروع ٿي ويندو جيئن ته اسان وٽ معاشيات بابت ھر ماڻھو کي ڄاڻ گھٽ ھوندي آھي۽ اھي ھر ڳالھ کي سياسي اک سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ان ڪري جيڪڏهن مھانگائي بابت عوام کان جيڪڏهن راءِ ورتي وڃي ته اھو مھانگائي جو ذميوار وزيراعظم عمران خان کي قرار ڏيندو، جڏهن ته جيستائين اقتصادي پاليسين ۾ ڦيرڦار نه ٿيندي تيسيتائين وزيراعظم عمران خان جي ڪرسي تي جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري يا مريم نواز کي ويھاريو وڃي تڏهن به مھانگائي گھٽ نه ٿيندي، مطلب ته مھانگائي ۾ لاٿ آڻڻ لاءِ اقتصادي پاليسين کي تبديل ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، مثال طور 1970ع تائين ملڪ ۾ پرڏيهي شين جي ملڪ ۾ آمد تي بندش پيل ھوندي ھئي شايد ئي ڪو گھر ھجي جنهن ۾ ڪا پرڏيهي مصنوعات استعمال ٿيندي نظر آئي ھجي 70 جي ڏهاڪي کانپوءِ جيئن ئي ملڪ ۾ پرڏيهي شين جي آمد جي اجازت ڏني وئي تڏهن کان اسان وٽ رشوت جو تناسب به وڌڻ شروع ٿيو آهي ۽ ھر ماڻھو جديد کان جديد شيون گھر ۾ آڻڻ ۽ پنهنجي استعمال لاءِ خريد ڪرڻ واري ڊوڙ ۾ لڳي ويو ظاھر آھي ته جڏهن ھر ماڻھو چاھي ٿو ته سندس گھر ۾ تعيش جون سڀئي شيون موجود ھجن ته پوءِ اھو جائز يا ناجائز طريقي سان ڏوڪڙ ڪمائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي،اسان ان سلسلي ۾ پنهنجي پاڙيسري ملڪ جو جائزو وٺون ٿا ته اتي اڄ به پرڏيهي پر تعيش سامان جي آمد تي بندش پيل آھي نتيجي ۾ نه رڳو رشوت جو تناسب گھٽ آهي پر مھانگائي ۾ ضابطي ھيٺ آهي جڏهن ته اسان وٽ عام واپاري ڪمائڻ جي چڪر ۾ لاھي پاھي بيھي رھيا آھن ته ٻئي پاسي ھر ماڻھو جائز يا ناجائز طريقي سان ڪمائڻ ۾ لڳي ويو آهي، بھرحال ڏٺو ويو ته مھانگائي کان گھڻي کان گھڻو غريب ئي متاثر ٿي رهيو آهي جنهن وٽ ناجائز ڪمائڻ جا موقعا نه آھن جڏھن ته امير ماڻھن وٽ اڄ به سھانگائي آهي ۽ انھن مان ڪنھن جي به ننڊ ڦٽل ناھي، اسان وزيراعظم عمران خان کي صلاح ڏينداسين ته اوهان وانگر غريبن جي ننڊ ته ضرور ڦٽل آهي پر ھر غريب صدين کان جيڪي خواب ڏسندو آيو آهي اھو خواب به چڪنا چور ٿيندو رهيو آهي، ۽ اھي خواب حقيقت جو روپ تڏهن وٺندا جڏهن مھانگائي تي ضابطو ايندو ۽ عام ماڻهو جي زندگي آسان ٿيڻ شروع ٿيندي،

پهنجو تبصرو موڪليو