“مڪه دفاعي معاهدو” ڪهڙا نتيجا ڏيندو!!!؟

“مڪه دفاعي معاهدو” ڪهڙا نتيجا ڏيندو!!!؟

اعجاز ممنائي
گذريل ڏينهن سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪي ’مڪه گڏيل دفاعي معاهدي‘ تي دستخط ڪري ڇڏيا آهن، جنهن تحت انهن ٽنهي ملڪن مان ’ڪنهن هڪ ملڪ تي هٿياربند حملي کي، سڀني ملڪن تي حملو سمجهيو ويندو.‘ اڳي اهو معاهدو صرف پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ هو پر هاڻي ان اتحاد ۾ ترڪي به شامل ٿي چڪو آهي۔ان حوالي سان جاري ڪيل هڪ گڏيل اعلاميي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف، ترڪ صدر رجب طيب اردگان ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان مڪي ۾ گڏيل دفاعي ڪانفرنس ۾ شرڪت کان پوءِ هن معاهدي تي دستخط ڪيا آهن.اعلامي مطابق هن معاهدي جو مقصد ڪنهن به جارحاڻي قدم خلاف گڏيل دفاع کي مضبوط بڻائڻ آهي، ۽ ان ۾ اهو طئي ڪيو ويو آهي ته ’ٽنهي رياستن مان ڪنهن هڪ خلاف ٿيندڙ ڪو به هٿياربند حملو سڀني خلاف حملو تصور ڪيو ويندو.‘ هي معاهدو ٽنهي رياستن جي وچ ۾ دفاعي تعاون جي سڀني پهلوئن کي هٿي ڏيڻ ۽ انهن کي مضبوط بڻائڻ سان لاڳاپيل آهي. جيتوڻيڪ هن معاهدي جون مڪمل تفصيل اڃا تائين سامهون نه آيا آهن پر پاڪستاني دفتر خارجہ موجب هن معاهدي جو مقصد جارحيت جي ڪنهن به قدم خلاف گڏيل دفاعي صلاحيت کي مضبوط بڻائڻ ۽ دفاعي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي. هن معاهدي تي دستخط ڪرڻ جي رسمي تقريب کان اڳ ٽنهي ملڪن جي اڳواڻن گڏيل دفاعي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ گڏيل مفادن جو جائزو ورتو ويو ۽ ٽنهي ملڪن جي پراڻن تاريخي لاڳاپن ۽ گڏيل اسٽريٽجڪ مفادن ۽ ڊگهي عرصي کان جاري دفاعي تعاون جي بنياد تي ٽنهي اڳواڻن “مڪه گڏيل دفاعي معاهدي” تي دستخط ڪيا. ’هي معاهدو هڪ محفوظ ۽ خوشحال مستقبل جي حصول خاطر پنهنجي گڏيل سلامتي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ علائقي ۽ ان کان ٻاهر امن، سلامتي ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ لاءِ ٽنهي ملڪن جي گڏيل عزم جو مظهر آهي.ياد رهي ته 2026ع ۾ سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪي خليج، وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ وڌندڙ جاگرافيائي سياسي ڪشيدگي جي پيش نظر هڪ نئين سيڪيورٽي فريم ورڪ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي. ٽنهي ملڪن جا پراڻا تاريخي، مذهبي ۽ دفاعي لاڳاپا اڳ ۾ ئي موجود هئا پر سعودي عرب اسلامي دنيا جو مرڪز، پاڪستان هڪ ايٽمي طاقت، ۽ ترڪي نيٽو جو اهم ميمبر ۽ علائقي جي وڏي فوجي قوت رکندڙ ملڪ آهن.انهن حالتن ۾ “مڪه گڏيل دفاعي معاهدي” جو اعلان اڻٽر هو معاهدي تي دستخط ڪندڙ اڳواڻن ۾ پاڪستان جو وزيراعظم شهباز شريف، سعودي عرب جو ولي عهد محمد بن سلمان ۽ ترڪي جو صدر رجب طيب اردگان هئا هن معاهدي جون بنيادي شقون”ٽنهي رياستن مان ڪنهن هڪ خلاف ٿيندڙ ڪو به هٿياربند حملو، ٽنهي خلاف حملو تصور ڪيو ويندو.” يعني جيڪڏهن ڪنهن هڪ ملڪ تي حملو ٿيو ته باقي ٻه ملڪ ان کي پنهنجي سلامتي تي حملو سمجهي جوابي ڪارروائي ڪندا. اهو نيٽو جي آرٽيڪل 5 سان ملندڙ اصول آهي.ان کان علاوه معاهدي جو مقصد جارحيت جي ڪنهن به قدم خلاف “گڏيل دفاعي صلاحيت / Deterrence” کي مضبوط بڻائڻ آهي. ان ۾ شامل ٿيڻ آهي يعني 1: گڏيل فوجي مشقون 2: انٽيليجنس جي مٽاسٽا 3: دفاعي صنعت ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون 4:هٿيارن جي گڏيل خريداري ۽ پيداوار حاصل ڪرڻ آهي۔ هي معاهدو علائقي ۽ ان کان ٻاهر امن، سلامتي ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ لاءِ قائم ڪيو ويو آهي. ان ۾ دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ سائبر حملن خلاف تعاون به شامل آهي.جڏهن ته ٽنهي ملڪن پنهنجن پراڻن تاريخي لاڳاپن ۽ گڏيل اسٽريٽجڪ مفادن جي بنياد تي هن معاهدي کي “هڪ محفوظ ۽ خوشحال مستقبل جي حصول جو عزم” قرار ڏنو.هن معاهدي جا مقصد ايران، يمن ۽ علائقي ۾ وڌندڙ خطرن خلاف پاڪستان جي فوجي صلاحيت ۽ ترڪي جي ٽيڪنالاجي کي شامل ڪرڻ آهي.جڏهن ته پاڪستان لاء معاشي بحران جي دوران سعودي سيڙپڪاري ۽ ترڪي کان دفاعي ٽيڪنالاجي تائين رسائي. ان سان گڏ مغربي اتحادن تي انحصار گهٽائڻ آهي.ائين ئي ترڪيء لاء خليج ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ پنهنجو اثر وڌائڻ ۽ اسلامي دنيا ۾ قيادت جو ڪردار مضبوط ڪرڻ شامل آهي. هي معاهدو وچ اوڀر ۾ طاقت جي توازن کي بدلائي سگهي ٿو. تجزيه نگارن موجب: ان کي “اسلامي نيٽو” طرف هڪ قدم سمجهيو پيو وڃي جنهن جي ڳالهه ڪيترن سالن کان ٿي رهي هئي. ايران ۽ اسرائيل ٻئي ان کي ويجهي کان ڏسي رهيا آهن ڇو ته ان سان علائقي ۾ هڪ نئون دفاعي بلاڪ ٺهي رهيو آهي.هوڏانهن آمريڪا ۽ چين لاءِ به اهو اهم آهي ڇو ته ٽنهي ملڪن جا انهن ٻنهي وڏين طاقتن سان لاڳاپا آهن.
“مڪه گڏيل دفاعي معاهدو” صرف هڪ فوجي معاهدو نه پر هڪ سياسي پيغام پڻ آهي ته سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪي هاڻي پنهنجي سلامتي جا معاملا پاڻ گڏجي طئي ڪندا. هي معاهدو اسلامي دنيا ۾ تعاون جو هڪ نئون مثال بڻجي سگهي ٿو پر ان معاهدي جو دائرو وسيع ڪري ايران کي به شامل ڪيو وڃي ڇوته ايران موجوده صورتحال ۾ طاقتور قوت طور اڀري چڪو آهي۔ جيڪڏهن اهو معاهدو ايران جي خلاف ٺهيو آهي ته پوء سمجهي ڇڏيو ته ان پٺيان آمريڪي ۽ اسرائيلي هٿ هوندو ۽ ايران واضح ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪو آمريڪا ۽ اسرائيل جو ساٿاري بڻجندو ان سان اسانجي جنگ جاري رهندي۔ معاهدي تي ردعمل ڏيندي ايراني قومي سلامتي ۽ خارجہ پاليسي ڪميٽي جي ميمبر ابراهيم رضائي چيو ته سعودين کي اهو ڄاڻڻ گهرجي ته ترڪي ۽ پاڪستان سان ڪاغذي معاهدا انهن لاءِ سلامتي جي ضمانت نٿا بڻجي سگهن، جيئن سالن تائين آمريڪا جو هڪ طرفو ساٿ ڏيڻ سان به انهن کي سلامتي حاصل نه ٿي. انڪري پنهنجين پاليسين ۾ سڌارو آڻيو ته جيئن ٻين کان سلامتي جي گهر ڪرڻ جي ضرورت نه پوي.

پهنجو تبصرو موڪليو