ڪراچي(ويب ڊيسڪ) 8 جولاءِ تي، جڏهن آءِ ايس پي آر جو سربراهه اسلام آباد ۾ صحافين کي ٻڌائي رهيو هو ته بلوچستان ۾ چئن ڏينهن دوران شدت پسندي جي ٽن وڏن واقعن ۾ 27 پوليس اهلڪارن ۽ 11 فوجي جوانن سميت 42 ماڻهو مارجي ويا آهن، تڏهن خضدار ۾ هٿياربند شدت پسندن شهر جي مرڪز ۾ واقع قبائلي اڳواڻ ۽ جهالاوان عوامي پينل جي سربراهه مير شفيق الرحمان مينگل جي گهر تي حملو ڪري رهيا هئا.
هن حملي جي ذميواري پابندي مڙهيل هٿياربند تنظيم بلوچ لبريشن آرمي (بي ايل اي) قبول ڪئي آهي. حملي ۾ مير شفيق الرحمان مينگل پاڻ محفوظ رهيو، پر سندن 17 ساٿي مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترائي ٻيا زخمي ٿيا.
مير شفيق الرحمان مينگل سياسي طور بلوچستان جي حڪمران جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) سان به لاڳاپيل آهن. بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته امن دشمن عنصر پنهنجن ناپاڪ مقصدن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا.
حملي کانپوءِ بي بي سي سان ڳالهائيندي مير شفيق الرحمان مينگل واقعي جا تفصيل ٻڌايا. هن چيو ته: “شايد اهي بلوچستان ۾ اسان کي نظريه پاڪستان جو سڀ کان وڏو علمبردار سمجهن ٿا، تنهنڪري هو سڀ کان وڌيڪ اسان کي ئي نشانو بڻائي رهيا آهن.”
“حملو ڪندڙ گهر اندر داخل ٿيڻ چاهيندا هئا”
هن حملي جي حڪومتي شخصيتن طرفان مذمت ته ڪئي وئي، پر نه حڪومت، نه پوليس ۽ نه ئي ضلعي انتظاميا ميڊيا کي ان بابت ڪا تفصيلي ڄاڻ فراهم ڪئي.
البته جهالاوان عوامي پينل جي مرڪزي اڳواڻ نديم الرحمان بلوچ بي بي سي کي ٻڌايو ته مير شفيق الرحمان مينگل جي جنهن گهر کي نشانو بڻايو ويو، اهو خضدار شهر جي شهزاد سٽي واري علائقي ۾ واقع آهي.
هن چيو ته مير شفيق الرحمان مينگل ۽ سندن ساٿين لڳ ڀڳ اڍائي ڪلاڪ حملو ڪندڙن جو مقابلو ڪيو، جنهن دوران اهي حملي آور مارجي ويا جيڪي گهر اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.
بي بي سي سان ڳالهائيندي مير شفيق الرحمان مينگل چيو: “پرڏيهي ملڪن جي اشاري تي ڪم ڪندڙ ڀاڙي جي قاتلن منهنجي گهر جي دروازي سان بارود سان ڀريل هڪ گاڏي اچي ٽڪرائي.”
سندس چوڻ هو ته هي حملو اربع ڏينهن لڳ ڀڳ اڍائي وڳي ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ مکيه دروازي ڀرسان موجود سندن 17 ساٿي شهيد ٿي ويا، جڏهن ته ڪجهه ماڻهو زخمي پڻ ٿيا.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته پهرين ڌماڪي کانپوءِ سندن ذاتي محافظن ۽ مائٽن فوري طور جوابي ڪارروائي ڪئي، جنهن سبب باقي حملي آور گهر اندر داخل ٿيڻ ۾ ناڪام رهيا.
مير شفيق الرحمان مينگل دعويٰ ڪئي ته محافظن جي جوابي ڪارروائي ۾ ڪيترائي حملي آور مارجي ويا، جڏهن ته ڪجهه زخمي حالت ۾ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
هن چيو: “منهنجي معلومات موجب مارجي ويل حملي آورن جو انگ ڇهه آهي.” جيتوڻيڪ سرڪاري طور تي هن واقعي ۾ مارجي ويل حملي آورن جو انگ جاري نه ڪيو ويو آهي.
مير شفيق الرحمان ٻڌايو ته حڪومت طرفان کين سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي هئي، ۽ هن حملي ۾ جيڪي ماڻهو سندن پاسي کان مارجي ويا، تن ۾ پنج پوليس اهلڪار پڻ شامل هئا.
هن چيو ته: “اهي اڳ ليويز فورس جا اهلڪار هئا، جيڪي بعد ۾ پوليس جو حصو بڻيا. اهي اسان جا مائٽ ۽ علائقي جا رهواسي به هئا.”
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ظاهر آهي ته حملو ڪندڙن جو اصل هدف مان پاڻ هئس، پر سندن ساٿين جي بهادري سبب هو پنهنجي مقصد ۾ ناڪام رهيا.
واقعي کان پوءِ پابندي مڙهيل بلوچ لبريشن آرمي (بي ايل اي) طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته هي حملو تنظيم جي مجيد برگيڊ ڪيو.
بي ايل اي هن کان اڳ به مير شفيق الرحمان مينگل، سندس مائٽن ۽ حامين تي ٿيندڙ حملن جي ذميواري قبول ڪندي رهي آهي.
جڏهن مير شفيق الرحمان مينگل کان پڇيو ويو ته پابندي مڙهيل تنظيمون کين ڇو نشانو بڻائي رهيون آهن، ته هن جواب ڏنو:
“اسان ۽ اسان جا اهي ساٿي، جن قربانيون ڏنيون آهن، هميشه نظريه پاڪستان جا علمبردار رهيا آهيون، تنهنڪري اهي اسان کي نشانو بڻائي رهيا آهن.”
مير شفيق مينگل وڌيڪ چيو: “گذريل سال منهنجي ننڍي ڀاءُ مير عطاالرحمان مينگل تي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ هو شهيد ٿي ويو. ان کان اڳ به منهنجن مائٽن ۽ ساٿين تي ڪيترائي حملا ٿي چڪا آهن، پر اهي اسان کي پنهنجي نظريي ۽ جدوجهد تان هرگز هٽائي نٿا سگهن.”
مير شفيق الرحمان ڪير آهي؟
مير شفيق الرحمان، اڳوڻي وفاقي وزير نصير مينگل جو ننڍو پٽ آهي ۽ سندن تعلق بلوچستان جي ضلعي خضدار جي علائقي وڍ سان آهي. هو ماضي ۾ جهالاوان عوامي پينل سان لاڳاپيل رهيو، پر ڪجهه مهينا اڳ بلوچستان جي حڪمران جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو.
پيپلز پارٽي کين خضدار مان قومي اسيمبلي جي خالي ٿيل سيٽ تي ضمني چونڊ وڙهڻ لاءِ ٽڪيٽ جاري ڪئي، پر خراب سيڪيورٽي صورتحال سبب اڃا تائين ان تڪ تي ضمني چونڊ نه ٿي سگهي آهي. هي سيٽ بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل جي استعيفيٰ کان پوءِ خالي ٿي هئي.
خضدار ۾ مير شفيق الرحمان مينگل ۽ سندس ساٿين تي ٿيل هي پهريون اجتماعي خودڪش حملو هو، جڏهن ته مجموعي طور تي مٿن ٿيل ٻيو خودڪش حملو آهي.
ان کان اڳ، 2011ع ۾ ڪوئيٽا ۾ واقع مير شفيق الرحمان مينگل جي گهر تي به خودڪش حملو ڪيو ويو هو، جنهن ۾ هو پاڻ محفوظ رهيا هئا، پر 13 ماڻهو مارجي ويا هئا.
مجيد بريگيڊ ڇا آهي؟
مجيد بريگيڊ جو نالو پهريون ڀيرو 30 ڊسمبر 2011ع تي سامهون آيو، جڏهن ڪوئيٽا ۾ مير شفيق الرحمان مينگل جي رهائشگاهه تي هڪ خودڪش حملو ڪيو ويو. ان حملي ۾ مير شفيق مينگل ته محفوظ رهيا، پر سندن محافظن سميت 10 ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته 23 زخمي ٿيا.
هن حملي جي ذميواري پابندي مڙهيل بلوچ لبريشن آرمي (بي ايل اي) قبول ڪئي ۽ ٻڌايو ته هي “فدائي حملو” مجيد بريگيڊ جي هڪ نوجوان ڪارڪن “درويش” ڪيو هو. بلوچستان ۾ هلندڙ ڊگهي شورش دوران اهو پهريون خودڪش حملو هو. ان کان پوءِ ڪجهه عرصي تائين مجيد بريگيڊ منظر تان غائب رهي ۽ ڪنهن وڏي حملي جي ذميواري قبول نه ڪئي.
مجيد بريگيڊ جو پهريون سربراهه استاد اسلم عرف اسلم اڇو هو. هن نه رڳو تنظيم جي ڪارروائين ۾ نوان طريقا ۽ وڌيڪ شدت آندي، پر بلوچستان ۾ ڏهاڪن کان جاري بلوچ شدت پسندي کي جبلن مان ڪڍي شهرن، خاص طور ڪراچي تائين پهچايو.
ڊسمبر 2018ع ۾ اسلم قنڌار ۾ هڪ حملي دوران مارجي ويو، جنهن کان پوءِ تنظيم جي قيادت بشير زيب حوالي ٿي، جيڪو ماضي ۾ بي ايس او جو چيئرمين پڻ رهي چڪو هو.
اسلم خلاف بلوچستان ۾ بم ڌماڪن، سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جا ڪيترائي ڪيس داخل هئا، جڏهن ته سندس سر جي قيمت 50 لک رپيا مقرر ڪئي وئي هئي.
مير شفيق مينگل تي ٿيل حملي کان لڳ ڀڳ ست سال پوءِ، آگسٽ 2018ع ۾ بلوچستان جي ضلعي چاغي جي صدر مقام دالبندين ۾ هڪ خودڪش حملي دوران بارود سان ڀريل ٽرڪ چيني انجنيئرن کي کڻي ويندڙ بس سان ٽڪرائجي وئي. ان حملي ۾ ٽن چيني انجنيئرن سميت پنج ماڻهو زخمي ٿيا.
مجيد بريگيڊ هن حملي جي ذميواري قبول ڪندي چيو ته حملو ڪندڙ “ريحان” نالي نوجوان هو، جيڪو مجيد بريگيڊ جي اڳواڻ اسلم اڇو جو پٽ هو.
ساڳئي سال، نومبر 2018ع ۾، ڪراچي ۾ چين جي قونصل خاني تي وڏو حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ چار حملي آور پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا. هن حملي جي ذميواري پڻ مجيد بريگيڊ قبول ڪئي.
سال 2019ع ۾ هن گروهه چين-پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي اهم شهر گوادر ۾ واقع پي سي هوٽل تي حملو ڪيو، جنهن ۾ پنج ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته ٽي حملي آور به ماريا ويا. مجيد بريگيڊ هن ڪارروائي کي “فدائي مشن” قرار ڏنو.
ان کان ايندڙ سال، جون 2020ع ۾، ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملو ڪيو ويو، جتي چار حملي آور مارجي ويا. هن حملي جي ذميواري پڻ مجيد بريگيڊ قبول ڪئي.
تازن سالن ۾، 2022ع دوران ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاري بلوچ نالي عورت چيني ڪنفيوشس سينٽر جي استادن تي خودڪش حملو ڪيو، جڏهن ته 2023ع ۾ تربت جي علائقي ۾ سميعه قلندراني نالي عورت ايف سي جي هڪ گاڏي کي نشانو بڻايو. سميعه، اسلم اچو جي پٽ ريحان جي منگيتر هئي.
ان کان پوءِ 2024ع ۾ ماهل بلوچ نالي عورت بيلا ۾ ايف سي جي ڪيمپ تي خودڪش حملو ڪيو. انهن سڀني حملن جي ذميواري مجيد بريگيڊ قبول ڪئي، جنهن مان اها ڳالهه به سامهون آئي ته هي پابندي مڙهيل تنظيم هاڻي پنهنجي خودڪش ڪاررواين لاءِ عورتن کي پڻ استعمال ڪري رهي آهي.
اهڙيءَ طرح مارچ 2025ع ۾ جعفر ايڪسپريس کي يرغمال بڻائڻ ۽ مسافرن کي قتل ڪرڻ واري واقعي جي ذميواري پڻ مجيد بريگيڊ قبول ڪئي هئي.










