مودي سرڪار جي اسرائيلي حملي تي خوشي انتهائي مايوس ڪندڙ آهي

مودي سرڪار جي اسرائيلي حملي تي خوشي انتهائي مايوس ڪندڙ آهي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اپوزيشن جماعت ڪانگريس جي اڳواڻ ۽ اپوزيشن ليڊر راهول گانڌي جي ڀيڻ پريانڪا گانڌي غزا ۾ انساني امداد جي فراهمي جي ٺهراءَ جي حق ۾ ووٽ نه ڏيڻ تي مودي حڪومت تي تنقيد ڪئي آهي.پريانڪا گانڌي هڪ بيان ۾ غزا ۾ انساني امداد جي فراهمي جي ٺهراءَ جي حق ۾ ووٽ نه ڏيڻ جي ڀارتي حڪومت جي فيصلي کي شرمناڪ قرار ڏنو. هن چيو ته غزا ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 60 هزار فلسطينين جي قتل کانپوءِ انساني امداد جي حق ۾ ووٽ نه ڏيڻ شرمناڪ آهي ۽ ڀارتي حڪومت جو فيصلو هن ملڪ جي سامراج مخالف پاليسي جي ابتڙ آهي. سندس چوڻ هو ته اسرائيلي وزيراعظم فلسطيني قوم کي نقشي تان مٽائي رهيو آهي ۽ مودي سرڪار ان تي جشن ملهائي رهي آهي. پريانڪا گانڌي چيو ته ڀارت پنهنجي اصولن ۽ عالمي قدرن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ اسرائيل جي ايران تي حملي ۽ عسڪري قيادت جي قتل تي خوشي جو اظهار ڪري رهيو آهي، جيڪو انتهائي مايوس ڪندڙ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو