آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ هندوستاني نسل جي تاريخدان وينڪٽ ڌوليپالا، هڪ ڪتاب Creating A New Medina لکييو آھي جنهن کي ڪيمبرج يونيورسٽي پريس، دهلي برانچ ٽي سال اڳ ڇاپيو آهي. ڌوليپالا پنهنجي تشريح کي انگريزي ۽ اردو ۾ ڇپيل مواد سان سپورٽ ڪيو آھي.
پروفيسر ڌوليپالا جي سوچ مطابق، پاڪستان ۾ موجوده تضادن جون پاڙون، 20 صدي جي بيٺڪي دور جي گڏيل هندستان جي صوبي يو پي، جنهن کي اڄڪلهه اتر پرديش چيو وڃي ٿو ۾ کُتل آهن. يعني جيڪي ڪجهه ان وقت جي يو پيءَ ۾ مروج هئو، سوهاڻي، پاڪستان جي سياسي ڪلچر جو حصو ٿي اڀريو آهي. هن جي چوڻ مطابق 20 صدي ۾ يو پي جو شمار سڀني صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پڙهيل صوبو هو. يو پي، مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جو به سڀ کان وڏو سياسي آکاڙو هو.
اتر پرديش يعني يو پي ۾ مسلمان صرف 14 سيڪڙو هئا پر نهايت منظم هئا. انهن مسلمانن ۾ نواب، زميندار، نوڪري پيشه، هنرمند ۽ مزدور پيشه شامل هئا. يو پيءَ جي اردو پريس تمام گهڻي مضبوط هئي، ۽ اتي جون اخبارون ڪلڪتي ۽ لاهور تائين پڙهيون وينديون هيون. پڙهندڙن جي سوچ تي اثرانداز ٿينديون هيون.
ڌوليپالا جي تشريح مطابق جداگانه چونڊن جو نظام (Separate Electorate System) جنهن موجب هندو ۽ مسلمان الڳ نمائندا چونڊيندا هئا ان کي انگريزن 1909ع ۾ رائج ڪيو.اها به ٻه قومي نظرئي جي هڪ ڪڙي هئي. 1932ع ۾ Communal Award به ان سلسلي جو قدم هو. هن ايوارڊ مطابق صوبائي نوڪرين ۾ هندن ۽ مسلمانن لاءِ الڳ الڳ ڪوٽا مقرر ٿيل هئي. يو پيءَ ۾ مسلمان صرف 14 سيڪڙو هئا انهن جي ڪوٽا 30 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي هئي ۽ پوليس، ۾ 50 سيڪڙو ڀرتي ڪيا ويا هئا. يو پيءَ جي مسلمانن کي انگريزن جيڪي ترجيحون ڏنيون هيون، ان جي قيمت وري مسلمان اڪثريت وارن علائقن جي مسلمانن کي ڏيڻي پئي. مثال طور سنڌ جي آدمشماري ۾ هندو 25 ۽ مسلمان 75 سيڪڙو هئا. پر Communal Award مطابق نوڪرين ۾ هندن جي ڪوٽا 40 سيڪڙو ۽ مسلمانن جي 60 سيڪڙو رکي وئي جيئن ته مسلمان پنهنجي 60 سيڪڙو ڪوٽا نه پئي پوري ڪري سگهيا، انهن وري پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻي، پنجاب جي مسلمانن کي نوڪريون ڏيڻ شروع ڪيون. پنجابي آفيسرن جو سنڌ ۾ لانڍون لڳڻ شروع ٿيون. پهريائين پوليس ۽ پوءِ ٻين کاتن ۾ ڀرتي ٿيڻ شروع ٿيا. هتي اهو ٻڌائڻ ضروري ٿيندو ته اڄڪلهه يو پي جي خمير مان پيدا ٿيل پارٽي ايم ڪيو ايم، سنڌ ۾ ڪوٽا سسٽم جي مخالفت ڪري ٿي، ان جي گهر به يو پي جي مسلمانن ئي مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان ڪئي هئي.
ڌوليپالا وڌيڪ لکي ٿو ته يو پي جا مسلمان 14 سيڪڙو جي بدران 30 سيڪڙو ملندڙ ڪوٽا تي به خوش نه هئا. ۽ هنن آل انڊيا مسلم ليگ تي زور ڀريو ته اُها انگريزن کان مطالبو ڪري ته مرڪزي نوڪرين ۽ وزارتن ۾ يا ته برابري (Parity) جو اصول مڃرائي يا وري ”تقسيم“ (Either parity or the Division of India). ڪتاب جو مصنف لکي ٿو ته 50/50 جي مطالبي جي بدران ”تقسيم“ جي مطابلي کي زهر جو ڍُڪ سمجهي ڪانگريس قبول ڪيو ۽ يو پي جي مسلمانن جي پهرين مراد پوري ٿي.
ڌوليپالا ان ڳالهه تي يو پي جي مسلمانن جي روين تي بحث ڪيو آهي ته جي پاڪستان ٺهيو ته هندو اڪثريت وارن علائقن ۾ رهندڙ مسلمان ڇا ڪندا. هن جي چوڻ مطابق ڪجهه هندو اڪثريت خاص ڪري يو پي جي مسلمانن جو خيال هو ته اُهي اتي ئي رهيا پيا هوندا ۽ پاڪستان سرڪار پنهنجي علائقن ۾ غير مسلمانن کي يرغمال ڪري رکندي. يعني جي هندوستان ۾ مسلمانن سان زيادتي ٿي ته پاڪستان به پنهنجي علائقي ۾ غير مسلمانن سان ساڳيو سلوڪ ڪندو پر يو پي جي اڪثر مسلمانن جو رجحان هجرت جي طرف هو پر هجرت به ڪاڏي؟ جتي سٺا گهر هجن، سٺيون نوڪريون هجن ۽ سک آرام جو وقت گذري.
يو پي جا مسلمان ”ٺَٺَ“ سان رهن، اهو صوبو هو نڌڻڪي سنڌ جيڪا ريل، هوائي جهاز ۽ سمونڊ رستي هندستان سان مليل هئي، جنهن کي ڪراچيءَ جو بندر به هو، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جهڙا هوادار شهر ۽ سکر جهڙو پنجاب ۽ بلوچستان سان ملائيندڙ واپاري مرڪز به شامل هئا ۽ سکر بيراج جي ڪري زرخيز زمينون به هيون. ڌوليپالا جي چوڻ مطابق هندوستان جي ورهاڱي سنڌ جو مقدر يو پي سان جوڙي ڇڏيو هو. صفحا 86، 284. پاڪستان ٺهڻ سان واقعي سنڌ جو مقدر يو پي سان ملي ويو. ڪراچيءَ کي سنڌ سان گڏ پاڪستان جي به گادي بنايو ويو، پر پوءِ ان کي سنڌ کان الڳ ڪيو ويو ۽ سنڌين جي مالڪي ان تان ختم ڪئي وئي. لياقت علي خان کي وزيراعظم بنايو ويو. هاشم رضا کي ڪراچيءَ جو ايڊمنسٽريٽر ۽ سندس ڀاءُ ڪاظم رضا کي آءِ جي بنايو ويو ۽ ٻيا وڏا وڏا عهدا يا يو پي وارن کنيا يا وري پنجابين کي ڏنا ويا. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ هٿ سان فساد ڪرائي هندن کي زوري نيڪالي ڏني وئي، هندن جا ڇڏيل ڪاروبار، نوڪريون، زمينون گهرگهاٽ يو پي وارن کي الاٽ ڪيا ويا ۽ سنڌي مسلمان ڏسندا ئي رهيا ته هي ڇا پيو ٿئي؟
يو پي ۽ سنڌ جي تعلق جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي ڌوليپالا ايم ڪيو ايم جي ٺهڻ، ان جي مقصد ۽ منزل تي بحث ڪيو آهي. ليکڪ جي چوڻ مطابق جيئن ته ايم ڪيو ايم جو مائنڊسيٽ يو پي جي مسلمانن جي سوچ جي عڪاسي آهي. هو پاڪستان ۾ رهندي پنهنجو هڪ الڳ تشخص رکڻ چاهين ٿا ۽ پنجين قوميت جو مطالبو ڪندي، هڪ دفعو وري اقتدار ۾ 50 سيڪڙو شيئر يا ”سنڌ جي تقسيم“ جي گهر ڪن ٿا، جيڪا ڪنهن به سياسي پارٽي کي قبول ڪانهي ۽ ايم ڪيو ايم سڀني ڌرين کان الڳ ٿلڳ آهي. جيڪي به اسڪالر، شاگرد ۽ ساڃاهه وند هندوستان جي ورهاڱي يا پاڪستان جي حال ۽ مستقبل جي باري ۾ ڄاڻڻ چاهين ٿا ته هي ڪتاب ضرور پڙهن. (هي مضمون ڊاڪٽر محمد علي محمدي جي وال تان ڪنهن دوست کڻي واٽس ايپ گروپ ۾ شيئر ڪيو، اسين موجوده ايم ڪيو ايم پي پي اقتدار جي شيئرنگ جي تازي معاهدي بعد ڇڙيل بحث جي تناظر ۾ هن کي معقول سمجهندي پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪريون ٿا…ادارو)










