ليکڪ محمد خالد ميمڻ
وڏڙا چوندا آھن ته جيئري انسان جون عيدون ئي عيدون آھن باقي جيڪو گذاري ويو سو هميشه لاء ويو پر هاڻي بلڪل ان جي ابتڙ ماحول ٿي ويو آھي هاڻي جيڪو جهان ڇڏي ويو اهو سکيو وڃي ٿئي ٿو ۽ جيڪو زنده آھي اهو سورن ۾ آھي ملڪ اندر ڪرپشن سان ڀرپور ناانصافي تي مشتمل ناقص حڪمراني جيڪا مسلسل پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي هن مهل تائين هلي ٿي پئي، ان جي ڪري عوام هاڻي جيئڻ کان مرڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏئي ٿو جنهن جو مثال روزانه ملڪ جي مختلف حصن ۾ ننڍي عمر جي نوجوان عورتن مردن کان وٺي ڪري پڪن پوڙهن طرفان خودڪشين جا وڌندڙ واقعا آھن انهن خودڪشين جي واقعن کان علاوه عوام جي اڪثريت مختلف ذھني مرضن جنهن ۾ ڊپريشن,ننڊ نه اچڻ,جلدي ڪاوڙ اچڻ,غصو,وغيره اچي ٿا وڃن انهن مرضن ۾ واڌارو اچي ويو آھي جنهن جي ڪري ماڻھو ماڻھو کي ٿوري ننڍي ڳالھ تان قتل ڪندي دير ڪونه ٿا ڪن جنهن جا مثال اوهان اگر روزانه جون اخبارون پڙهندا هوندئو ۽ نيوز چينل ڏسندا هوندئو ته اوهان کي چڱي ريت خبر هوندي ته ڪيئن هوٽل تي دير سان چانھ ڏيڻ تي گراهڪ بيري کي ماري وڌو شادي هال ۾ ماني دير سان ڏيڻ تي اتي ڪم ڪندڙ کي ماريو ويو گهر ۾ زال ماني ۾ ٿوري ڪئي ناهي همراه کيس غصي ۾ اتي ئي ڊاهي قتل ڪري ڇڏيو پلاٽ جي ڪجھ فوٽن يان زمين جي ٽڪري تي سڳا ڀائر وڙهي هڪٻئي کي اڦٽ ماري ٿا ڇڏين جهڙيون خبرون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون ان سڀني ذھني نفسياتي بيمارين جي پٺيان وڏي ۾ وڏو سبب معاشي بد حالي آھي ۽ معاشي بدحالي مهانگائي,معاشري ۾ اڻ برابري وارو نظام,خواهشن جي ڀرمار سميت ٻيا به کوڙ سبب آھن پر انهن سڀني مسئلن مان اهم مسئلو مهانگائي آھي جنهن جي ڪري ملڪ جو عوام سڀني نفسياتي,ذهني مسئلن جو شڪار ٿي ويو آھي ۽ انهن مسئلن مان ئي ٻيا مسئلا جنم وٺي رهيا آھن ان ڪري عيد ۽ خوشي شادي وغيره جي موقعن تي عوام خوش ٿيڻ بجائي سخت پريشاني جو شڪار لڳو پيو آهي ڇاڪاڻ ته اهڙن موقعن تي پئسن جي ضرورت وڌيڪ پوندي آھي ڇوته مهانگائي سبب هڪ هزار هڪ سئو برابر تي وڃي پهتو آھي ۽ آمدني گهٽ خرچ وڌي ويا آھن جنهن جي ڪري عوام پنهنجي خوشي جي موقعن ۾ انجوائي ڪرڻ بجائي پريشاني کي منهن ڏئي رهيو آھي هن عيدالفطر جي موقعي تي ڪجھ مخصوص خاندانن کانسواء باقي عام ماڻھو مهانگائي سبب پنهنجي ٻچڙن کي عيد جا ڪپڙا,بوٽ ۽ ٻيو گهر جو سامان وٺي ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ ان ڪري انهن خاندان جون ڪهڙيون عيدون هونديون عيد ڏهاڙي سندن گهرن ۾ خوشين بجائي درد ڏک پريشانيون ئي هونديون ڇوته گهر جا ننڍڙا ٻارڙا جڏهن ٻين مخصوص ڪجھ خوشحال خاندانن جي ٻارڙن کي ڀلن ڀلن ڪپڙن نون بوٽن ۾ ڏسندا ته هو به پنهنجي ماء پئ اڳيان ضد ڪندا ته اسان کي به نوان ڪپڙا نوان بوٽ وٺي ڏيو ڇوته معصوم ٻارڙن کي ڪهڙي خبر ته اسان جي والدين وٽ ڪپڙن بوٽن لاء پيسا ئي ناهن ته اهي ڪٿان اسان کي وٺي ڏيندا پر والدين ٻارڙن جون عيد فرمائشون پوريون نه ڪري ڏيڻ سبب سخت پريشان ٿي ويندا هوندا ان ڪري اسان جي حڪمرانن کي گهرجي ته خدارا ملڪ ۾ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪيو ملڪ جي عوام لاء ڪجھ سوچيو عوام کي سندن پنهنجا بنيادي حق سندن گهرن جي درن تائين پهچائڻ لاء قدم کڻو ته جيئن والدين پنهنجي اولاد سامهون کين عيد ڪپڙن ۽ بوٽن لاء شرمندا نه ٿيڻو پوي ۽ عوام عيد سميت هر خوشي جي موقعن تي اصل حقيقي خوشيون ماڻين ۽ ملڪ جو عوام خودڪشيون ڪري مرڻ کان زنده رهڻ کي ترجيح ڏين ۽ ملڪ پاڪستان جو عوام ٻين سکين ملڪن جي عوام وانگر زندگي جو ڀرپور مزو ماڻين#










