مهانگائي آ يا منافقي آ

مهانگائي آ يا منافقي آ

ساقي ارشاد لورڙ
سالن کان ٻڌندا پيا اچو رمضان شروع ٿيڻ کان پهريان ئي رمضان پيڪج رمضان رليف رمضان سبسڊي پيڪج گرانٽ منظور ۽ پو وڏا انگ اکر جيڪي اکر شايد مُني صدي کان صرف ۽ صرف ڪاغذن جو ئي پيٽ ڀري سگهيا آهن اسان وٽ هونءَ ته نظام ڪهڙو به هجي جمهوري توڙي عامري پر رمضان پيڪج ٻنهي حڪومتن ۾ عوام جي نظر ٿيو وڃي پر جي انهي جي حقيقت جي ڳالھ ڪجي ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي جو کڻي ايئن چئجي ته اهو پيڪج صرف ڪنن ٻڌي ئي متاثر ڪندو آ جيڪو پيڪج ٻڌي ماڻهو نراسائي واري زندگي ۾ اميد جو موت مرڻ لئي تياري ڪندو آ ٺيڪ اوئين ئي هتي به ٿيندو آ پوئين 76 سالن کان اسان کي خيالي لولي پوپ ئي پلو پئي آ جيڪي بس گهر کان ٻاهر ڌڪي ذليل ڪرائي وري گهر اچي بستر ڀيڙو ڪري ڇڏيندي آ ،
اسان وٽ ڪجھ مسلمان ڀائر ته وري ابليس واري سماج جا رهاڪو آهن جيڪي منافع خور ذخيره اندوز ايترو ته رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ شيئن جا ريٽ وڌائي ڇڏين جو جيڪا شئي عام ڏينهن ۾ پنجاھ رپئي جي هجي ته رمضان ۾ اها شئي به اوهان کي ڏيڍ سئو ٻڌائي سئو ويھ کان سئو تائين ڏئي مٿان وري احسان پڻ جتائيندا مونکي ته ھڪ ڳالھ تي حيرت ٿيندي آ اسلام ۾ وياج ذخيرا اندوزي حقوق اللباد جي لئي قرآن پاڪ ۾ خاص فرمايو ويو ته مان اوهان کي حقوق الله ته بخشي سگهان ٿو پر حقوق اللباد ( ٻين انسانن جا حق ) نٿو بخشي سگهان جيتري تائين هو اوهان کي معاف نه ڪري
پو به اسان جا حاجي گاجي جيڪي با سنت وردي پهري غريب ڪمزور مسڪين مزدور هاري پورهيت جن کي پنهنجي پيٽ جي باقي دنيا داري سان ڪو به تعلق نه آ انهن مسڪينن جي ذهنن سان راند مذاق ڇو ڇاڪان ڪا ڪالھ سمجھ ۾ نٿي اچي ڪجھ ڏينهن پهرايان رمضان کان اڳ فروٽ جو ريٽ هيڪوڻ ته ساڳيو فروٽ رمضان ۾ ٻيڻ ايئن ئي باقي شين جا ريٽ پڻ ٻيڻا هوندا آهن گورنمينٽ جي ڏنل سبسٽي پتو ناهي ڪاڏي هلي ويندي آ .
اسان ان راز کان اڻ واقف آهيون ته جيڪڏهن ايتري سبسٽي ڀي ڏني وڃي ۽ شين جا ريٽ ڀي گهٽ نه ٿين ته افسوس سان گڏ حيراني ٿيندي آ ته هي ڪهڙو مذاق آ جو ٻنهي پاسي چونو لڳندو رهي ٿو شين جا ريٽ وڌائي ڀي ۽ سبسٽي ڏئي ڀي ٻنهي طرفن کان لٽيو وڃي ٿو
اسان جي مظلوم مزدور سان نا انصافي اسان جي غريب سان نا انصافي عام جام ٿيندي رهي ٿي بس راڳ آ جيڪو ڳائي وڄائي ٻڌائي قوم کي خماري سمهاري سندس ذيادتي ڪئي وڃي ٿي ۽ هي جو مجبوري ۽ محرومي جي چڪي ۾ پيسجندو رهي ٿو بس حالات جو ماريو انسان دعا جي آسري آ .
افضل انسان سڏيو ويو آ واقعي انسان افضل آ آلا ڪوالٽي وارو انسان پر پنهنجي پاڪستان ۾ تمام گهٽ انسان رهن ٿا هتي ماڻهو ئي ماڻهو آهن جيڪي ڪي مسلمان ته ڪي هندو ڪي منافق ڪي ٻيا مذهب ته ڪي ٻيا ذات بات ۾ ڦاٿل ماڻھو جن کي آءُ شيطان جو پيروڪار سڏيندو آهيان جيڪي صرف عام ماڻھو جي دماغ سان کيڏندڙ آهن . عام ماڻهو به وڏو خاص ٿئي ٿو ڪڏهن ته اهو به رنگ مٽائي ٿو هڪ سانڊي جيئان جيئن اسان ڏسندا رهيا آهيون ته اليڪشن کان اڳ هو جنهن سياستدان کي گاريون ڏيندو آهي اليڪشن واري ڏينهن ۾ جڏهن اهو سياستدان ان وٽ ڪهي ووٽ لئي اڇي ٿو ته هو هن سان ها ۾ ها ملائي ووٽ ڏيڻ جو واعدو وچن ڪري ويهي ٿو قول فعل سڀ جو مونکي ڪڏهن ڪڏهن هڪجهڙو لڳندو آهي مان اها مشهور چوڻي دهرائيندو آهيان ته جنهن کي موقع نه مليو آ سو ئي انسان اشرف مخلوق آ باقي سڀ بگڙيل ماڻهو آهن عام پنهنجي پنهنجي نفص جا پوڄاري تعبيدار غلام بس فرق ايترو ته موقع نه مليو آ افسوس ڀي ڪندا آهيون روئيندا به آهيون پاڻ کي بهتر ٻئي کي بدتر سمجهندا آهيون بس فرق اهو آ ته انسان سڏائڻ ڏکيو آ
ڪڏهن ڪڏهن ته مونکي ڏاڍي حيرت ٿيندي اٿم ڇو ته مون جيترو ڀي پڙهيو پرجهيو آ رمضان مبارڪ مهيني لئي ان ۾ هر هنڌ اهو سامنهن آيو ته هي مهيني ايثار جو مهينو آ خير برقت جو مهينو آ جنهن ۾ انسان جي عبادت لئي سندس درجات بند کان بالاتر ڪيا وڃن ٿا ،
پر اتي ئي ٻئي پاسي جي ڳالھ ڪجي پنهنجي ملڪ پاڪستان جي عظيم ليڊرن جي يا عظيم عوام جي ته بس پوءِ ته مڙوئي خير سمجهو ڪا به ڳالھ ڳجهي ناهي جي ڳالھ ڪجي ته اسلام ملاوٽ کان روڪي ٿو ته هت ملاوٽ ڪندڙ ڪاميابين جي بلندين کي رسي ٿو ڳالھ ڪجي سود خوري جي ته سود هت عجيب غتيب نالن سان عام جام هر وقت ڪاروبار بڻجي پيو آ هي ته اهو ڪاروبار ٿي ويو آ جنهن جي ته ڳالھ نه پڇو ڪٿي سود خور قستن تي شئيون وٺي ٿا ڏين ۽ آڌي اڌ رقم اضافي ڀراين ان ئي ڀي هن ملڪ ۾ سود نه پر واپار ڪوٺيو وڃي ٿو .
هاڻ ته وري نئون ڊونگ ڪجھ سالن کان شروع ٿي ويو آ موبائل ايپ ذريعي وياج خورن ماڻهن کي لٽڻ ڦرڻ اسٽارٽ ڪيو آ جن مان ته ڪيتفائي ايپليڪشن گورنمينٽ لائسنس ڀي رکن ٿا جن ڪو به مسلمان ڪجھ ڀي ڪري نٿو سگهي .
هت عجب ئي مشڪري لڳي پئي آ ڪٿي چور سڃان ڪٿي ڍور سڃا واري چواڻي ته هت جتي انسان مجبور لاچار آهن اتي ئي ٻئي پاسي وري انسان ئي انسان جي تذليل جو باعص بڻيل آ ڪٿي ڀي ڪو ڀوت جن يا ڪا ٻئي مخلوق نه آهي هتي راشن پيڪج جي نالي تي جيئن عوام کي چوت بڻائي ساڍا ست ارب سبسٽي پيڪج يوٽيلٽي ڪارپوريشن کي ڏيڻ جو ڪو ھڪ فعدو نظر نٿو اچي پر پوءِ به يوٽيلٽي ڪارپوريشن کي ساڍا ست ارب سبسٽي ڏني وئي .
يوٽي ليٽي اسٽورن تي عام ماڻهو مزدور هاري ڏهاڙيدار طبقو جيڪو پنهمجي ڏينهن جا اٺ کان ٻارنهن ڪلاڪ ڪم ڪرڻ عيوض اٺ نوءَ سئو رپيا ڪمائي ٿو ان کي وٽ اسٽور تي وڃڻ جو ٽائم ڪاڏهان اچي وري جي وڃي ڀي ته هو وڃي لائنن ۾ ڌڪا کائي کائي منجهند جا ٽي ڪري ڇڏي ۽ جڏهن سندس باري اچيس ته اسٽور جو آفيشل ٽائم ختم ٿيو وڃي هي هي ويچارو نراسائين جي ڪن ۾ گهوتا کائيندي اچي گهر پهچي جتي سندس جي معصوم ٻچڙين جي بکيل پيٽ جون اکيون راهون تڪينديون هجنس
ان سموري عمل کي مد نظت رکندي مون ڪيترا ئي ڀيرا نوٽ ڪيو آ ته هي صرف ۽ صرف قوم سان اهڙو ته مذاق آ جيڪو الائي ڪهڙي سزا عيوض نصيب بڻيل آهي ۽ نه ڄاڻ ڪيترو مزيد ان صورت حال کي منهن ڏيڻو پوندو .
هت دين جا دڪاندار ته کوڙ آهن جيڪي ڄڻ ته يذيد جي محفل جا مجاور لڳندا آهن جن جي هر ڳالھ مونکي ڪنهن ڊامي جي اسڪرپٽ لڳندي آ جيڪي وقت سر پنهنجا بيان مٽائيندا رهندا آهن ڪڏهن ڪنهن بيگناھ کي ڦاهي گي چاڙاهن ته ڪڏهن ڪنهن مظلوم کي ڪافر ڪوٺي سنگسار ڪراين پر خدا پاڪ ڪا سمجھ ڏين ته منافق لئي ڪهڙي سزا آ منافق جو موت برذخ ۽ قبر هشر ڪهڙو هوندو سا پڻ خبر هجين ٿي پر پوءِ به کل ۾ خيرا . آءُ دعا ئي ڪري سگهان ٿو ته ڪاش ڪو حڪمران ڪو هڪ حڪمران اهڙو اچي جيڪو منافقن کان ملڪ آجو ڪري اسانجي بيچيني ختم ڪري آمين .

پهنجو تبصرو موڪليو