منظور احمد ڪناسرو هاڪي ٽورنامينٽ ناز پائلٽ اسڪول کٽي ورتو

خيرپور ( محمد علي جانوري ) سنڌ پبلڪ اسڪول لقمان خيرپور  پاران ۽ ڊسٽرڪٽ  ھاڪي ايسوسيئيشن خيرپور جي تعاون سان تعليمي ماهر هيڊ ماسٽر مرحوم منظور احمد ڪناسرو جي ياد ۾ منظور احمد ڪناسروانٽر اسڪول ھاڪي ٽورنامينٽ بخت علي ڏھوٽ ھاڪي اسٽيڊيم لقمان خيرپور تي ٽورنامينٽ جو  فائنل ناز هاءِ اسڪول خيرپور ۽  اسلاميان ايجوڪيشنل  لقمان وچ ۾ ٿيو جيڪوناز هاءِ اسڪول  خيرپور  6-0 تان کٽي ٽورنامينٽ جي چيمپين بڻجي ويو. ان موقعي تي مھمان خاص ڊي اي او سيڪنڊري  فيض علي جسڪاڻي، سينٽ ٿريساز هاءِ اسڪول جو هيڊ ماسٽر انيس الرحمٰن ميمڻ، ناز هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر عبدالله جانوري هئا جڏھن ته محمد اقبال جتوئي، گسٽا ضلعي صدر فيض محمد عرف مکڻو خميساڻي، استاد ذوالفقار علي ڪناسرو، امان اللہ جتوئي، افتخار حسين زيدي، غلام مصطفيٰ ڏهوٽ، امتياز جماڻي، عرفان علي ڏھوٽ، منصور ڪناسرو، محمد صديق منگي، سجاد علي، شاهنواز عباسي، شاهد نواز سيال  ۽ ٻين  شرڪت ڪئي. ان کان پھريان ٽئين پوزيشن جي ميچ ۾ سنڌ  پبلڪ اسڪول ۽ عطيه اسڪول جي وچ ۾ ٽين  پوزيشن جوميچ ٿيو جيڪو سنڌ  پبلڪ اسڪول 1-0 تان کٽي ٽئين  پوزيشن  حاصل ڪئي. آخر ۾ مھمان خاص  ڊي اي او سيڪنڊري فيض علي جسڪاڻي، انيس الرحمٰن ميمڻ  ۽ ٻين ڪامياب ٽيم جي رانديگرن ۾ ٽرافي ۽ انعام ورهايا.

پهنجو تبصرو موڪليو